Sunday, August 29, 2021

نماءُ - رزاق سهتو

نماءُ

مختصر ڪهاڻي

رزاق سهتو



سکر جو سج پنهنجي پوري سگھ سان، گرميءَ جا الا وسائي، پير پوياڙيءَ ڏانهن سوري رهيو هئو. مٽيءَ گاڏڙ هوا، هن جي پلئه سان کيڏي رهي آهي. هوءَ شاهي بازار جي آخري ڇيڙي تي پهچي چڪي آهي. هاڻ سندس رخ نم جي چاڙهي طرف آهي. هوءَ بازار ۾ نرالي هئڻ ڪري ماڻهن جي نهار جو مرڪز هئي. کيس ڏسندي ڪيئي پنهنجون دليون قابو ڪري نه سگھيا ۽ پيريءَ جيان هن جو پيرو کڻڻ لڳا. هوءَ نم جي چاڙهي، بازار جو روڊ چڙهي رهي آهي. ڪنهن پهاڙي هرڻيءَ جيان سينو ڇڪجي ويو اٿس. پاڻ ڪنڌ کي جھٽڪو ڏنائين ته سندس ڊگھا ڪارا وار قلابازي کائي، سندس پٺن تي اچي ڪريا. ڄڻ ته سندس ڪارا وار پٺن جي پاسن تي آهلي پيا. نم جي چاڙهي چڙهي، اسٽيشن روڊ تي پهتي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان نيلامي مال وڪرو ڪندڙ فٽ-پاٿي، جن ۾ اڪثريت پٺاڻن جي هئي، تن سندس تاڻيل ڇاتيءَ جي اڀار، پوئتي نڪتل پولهه، چيلهه جي موڙن ۽ جسم جو ڪپڙن اندر ٿڙڪڻ ڏٺو ته اھو منظر پٺاڻن جي دلين تي وڄ جيان ڪريو. نسوار جو چپٽو وات ۾ وجھي چوڻ لڳا؛ ”يا قربان! يا قربان!“


هوءَ تِرڇي نگاهن سان جائزو وٺندي پئي وڃي. سکر شهر هن لاءِ اوپرو ڪو نه هيو. پر پوءِ به اوپرائپ جو احساس ظاهر ڪندي، اڳتي وڌندي پئي وئي. هر نظر هن جي مُک ڏانهن هئي. سندس لباس جي بيهڪ، ڀرت ڀريل چولو، جنهن تي لڳل ستارا، سج جي روشنيءَ تي چمڪيا ٿي. سندس چهرو، ماڪ ۾ ڀنل رابيل جي گلن جيان ۽ اکين جي گھور، ڪيترين ئي دلين کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي.

روهڙيءَ کان سکر طرف ويندڙ سوزوڪي، جنهن ۾ ماڻهن جي پيهه، ڊرائيور- جنهن کي ڪياڙيءَ تي ٽوپ رکيل، پري کان ئي هن کي ڏسندي جلال چانڊئي جو ڪلام لڳائي ڇڏيو هئو. ”ڪلينڊر روڪ تون بس کي، اٿم محبوب سان ملڻو!“ واليوم فل ڪري ڇڏيو هيائين. ٻن همراهن، مشڪل سان ڪنڌ سوزوڪيءَ مان ڪڍي دانهن ڪئي؛ ”واهه!اصل پريءَ جو ٻچڙو آهي.“

جواب ۾ ٻئي همراهه وراڻي ڏنس ته؛ ”سچو آهين ڀائو! باقي پاڻ ته گھر ۾ جن وهاريا آهن.“

همراهن جي اهڙي اڍنگي ۽ اوچتي ڳالهائڻ تي سڀئي متوجہ ٿيا ۽ سندن نظرون به عورت ڏانهن کڄي ويون.

هوءَ پيادل هلندي، ڪڏهن ڪڏهن لؤڻو هڻندي ٿي آئي. هڪ جوان سندس پيرو کنيو پئي آيو. هو ماڻهن کان ڪترائيندو، نٽائيندو، هلندو پئي آيو. سندس پويان لڳو پئي آيو. جوان هن ۾ چڱي دلچسپي وٺي رهيو هئو. جڏهن معصوم شاهه جي مناري کان اڳتي وڌي، اسٽيشن روڊ ختم ٿيندي گهنٽا گھر طرف ويندڙ روڊ جي لاهي لھندي، هيٺانھين طرف لهندي ٿاٻو کاڌائين، سڄو سرير لڏي ويس. پويان ايندڙ جوان چيو؛ “بسم الله!“

منهن ۾ گُھنڊ وجھندي، ڪنڌ ورائي جوان کي ڏٺائين. وري اڳتي وڌندي وئي.

گھنٽا گھر جي چؤراهي تي، سوزڪين جي پين پين، رڪشائن جي ٽڪ ٽڪ، ٽريفڪن وارن جون سيٽيون، مارڪيٽ طرف ويندڙ ماڻهن جي پيهه. هوءَ شاهي ٽور ٽلندي، چيلهه کي موڙا ڏيندي، پولهه لوڏيندي، نگاهون ٽاور طرف ڪندي، وڌندي رهي. رستي سان ويندڙ مولوي، هٿ ۾ ڇلي، مٿي تي پٽڪو، مارڪيٽ ڏانهن پئي ڀاڄي وٺڻ ويو. سندس نظرون، هن ناريءَ تي پئجي ويون. ڏسندي ئي پڙهيائين؛ “استغفر الله! قيامت آئي کڙي!”

منهن ڦيري ڇڏيائين. رستي هلندڙ نوجوان مولانا جو ڀڻڪو ٻڌي ورتو. کلندي چيائين؛ “ڊسڪو زمانو آهي ڊسڪو!”

ڪجھ ويندڙ نوجوان ڪورس جي انداز ۾ چوڻ لڳا؛ “اوئي. . . . اوئي . . . . اوئي او آ!”

هڪڙي همراهه عورت کي ڏسي، مڇ مروٽيندي رڙ ڪئي؛ “علي ڏيار ڪو پکي، ڏسون چکي! هاءِ ڙي قسمت هاءِ! ھا سائين ههڙا پکي پنهنجي ڀاڳ ۾ ڪٿي!”

هوءَ اي سيڪشن ٿاڻي وٽان گذري ته ٿاڻي جي دروازي وٽ بيٺل سپاهيءَ مڇ کي مهٽو ڏنو. تارا پٽي هن ڏانهن گھور ڪري ڏٺائين. هن نظرون چورائڻ جي ڪوشش ڪئي. پيرن ۾ ڄڻ ڏاوڻ پئجي ويس. هلڻ ۾ هٻڪڻ لڳي. وڏي بس اسٽاپ طرف ويندڙ ٽانگو. ڦيٿي ۾ ٽانگي واري جو لڪڻ ڦاسائڻ، ٽڪ ٽڪ جوآواز اڀريو. رات جو نشو ڪرڻ ڪري ٽانگي واري جون اکيون مس ٿي پٽيون. چوڻ لڳو؛ “واهه ڙي ڪميت! تنهنجي ٽور!”

ٽانگي ۾ ويٺل ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي جا ساٿاري هئا چوڻ لڳا؛ “واهه سکر واهه! اڄ ته پريون پيون روڊ تي گھمن! ڇا ٿو ڀانئين ڀائو الهڏنا.”

جواب مليس؛ “ها ڀائو! ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا! مولا جي مرضي. ڀرين کي پيو ڀري. پاڻ لاءِ اکين جو ڍءَ آهي. باقي پنهنجي پهچ کان ڳالهه ٻاهر آهي.“

هوءَ ڪنهن تي به ڦلڪ نه آڻيندي رستي سان هلندي رهي.

هڪ ريڙهي وارو چوڻ لڳو؛ “واهه ڙي قسمت ڪهڙا تنهنجا کيل! اڇن سان ڪارن جا ميل! واهه ڙي مولا واهه، بس ڏسيو پيا جيون. الله آباد ڪريوَ سدا سکي رهو.“

هوءَ چؤراهي کان ڪافي اڳتي وڌي آئي هئي. . پوئتي لؤڻو هنيائين. اڃا سوڌو نوجوان سندس پير کنيو پئي آيو. چپن تي هلڪي مرڪ آندائين. من ۾ خوشين جا چشما ڦٽي پيس. ٻه وکون کڻي، وري ٻئي پاسي نظر ڪيائين. ٽي همراهه ٽوپيون مٿن ۾ ڪياڙي کنهندي هن ڏانهن ڏسي سس پس ڪري رهيا هئا. ڪنڌ ڦيري سڌي منهن هلڻ لڳي. هن محسوس ڪري ورتو هئو ته لڪ ڇپ ۾ ماڻهون سندس پيڇو ڪندا پيا اچن. جنهن تي هڪ خوشيءَ جي لهر سندس من ۾ ڊوڙي وئي. هلندي پنهنجي سرير کي ڍرو ڪري ڇڏيائين. پولهه کي لوڏو ڏئي هلڻ لڳي. تاڻيل ڇاتي، گوليءَ جيان چاهيندڙن جي دل تي پئي لڳي. نظرون ڪار واري تي کپائي، رئي ٺاهڻ جي بهاني، سيني تي هٿ ڦيريائين. هيٺئين چپ ۾ هلڪو چڪ هنيائين. اڇي ڪار ۾ ويٺل اڇي ڪاٽن جي جوڙي ۾ وڏين مڇن ۽ بت ۾ ڀريل همراهه، کيس تڪي رهيو هئو. تهن جو کيس چپ ۾ چڪ هڻندي ڏٺو، سو مڇون سڄي منهن تي وڇائجي ويس. هي ڪار وارو کيس، شاهي بازار جي منڍ وٽان ٽڪرايو هئو. وري کيس هت ڏسي، هوءَ حيران به ٿي ته خوش به ٿي.

نوجوان جڏهن کيس ڪار واري سان نظرن جو ٽڪراءُ ڪندي ڏٺو ته دل جھٻو کاڌس. ٻيا به کوڙ سارا سندس پويان لڪ لڪوٽي کيڏندا آيا هئا. سي پڻ پريشان ٿيا ۽ پنهنجو شڪار هٿن مان ويندو ڏٺائون. هوءَ لڪيل جلوس جي شڪل ۾، سبزي منڊيءَ ڏانهن سوزڪين کان اڳتي وڌي. ٿورو اڳيان روڊ ڇڏي، اندر گھٽيءَ ۾ مڙي. سامهون امام بارگاهه هئي، جتي ڊگھو ڪارو عَلم هوا ۾ ڦڙڪي رهيو هئو. گھٽي امام بارگاهه وٽ اچي ختم ٿي. جتان کاٻي هٿ تي سنهڙي گھٽي شروع ٿي. جيڪا پڻ اڳتي هلي وڏيءَ گھٽيءَ ۾ پڄاڻو ڪري پئي. ان گھٽيءَ جي ٻنهي پاسن کان ٻه-ماڙ گھر آهن. سندن گيلريون گھٽيءَ طرف آهن. هوءَ سڀ گھٽيون اڪري، هڪ ماڙيءَ تي چڙهي وئي. نوجوان جڏهن کيس ماڙي تي چڙهندي ڏٺو ته دل ويهندي ويس. پريشان ٿيو ته ائين وري ڪيئن هوندو. ڪار واري به موڙ ڪٽي ڪار سنهڙي گهٽيءَ وٽ اچي بيهاري. سڄي مامري کي سمجھي ويو. ٽئي همراهه به اچي رسيا. بي خياليءَ مان تڪڙو هلندي سهڪو ٿي پيو هئن. کين خبر ئي ڪا نه پئي ته ڪاٿي پهتا آهن. ڪجھ دير کان پوءِ، هوءَ کين ماڙيءِ جي گيلريءَ ۾ نظر آئي. سڀ کيس ڏسندي ڪنڌ هيٺ ڪندا ويا. هوءَ چيچ چڪ ۾ ڪري، ادائن سان کين ڏسندي اچڻ جي آڇ ڪندي رهي.

نوجوان، ڪار وارو، ٽئي همراهه هڪ ٻئي جا منهن تڪڻ لڳا. ڪجھ ٻيا به جڳادري اچي رسيا. پر هنن کي ڏسي لانگاهو ٿي ويا. هوءَ گيلريءَ ۾ بيهي، هنن جو انتظار ڪندي رهي. پر سڀني پويان پير ڪيا. هي سکر شهر جو اهو علائقو هئو جت ڏينهن جو شرافت جي چادر چاڙهي گھمڻ وارا، رات جو انڌيري ۾ ڏوڪڙ ڏئي، جنسي بک مٽائيندا آهن. ڏينهن ڏٺي جو هر ڪو پيو ڪيٻائيندو آهي ته متان ڪو ڏسي نه وٺي.

 

(نوٽ: هيءَ ڪھاڻي اٽڪل ۲۵ سال اڳ لکيل آهي. منهنجي ڪهاڻي ڪتاب ”اڌ وهي“ ۾ شامل آهي. جڏهن جينيس ڪهاڻيڪار علي بابا هي ڪهاڻي ڪتاب ۾ پڙهي ته سيڙجي ملڻ آيو هيو ۽ ڪهاڻيءَ جي تعاريف ڪئي هئائين. توهان به پڙهي ڏسو. ڪهاڻي ڪڏهن به پراڻي ناهي ٿيندي. . . رزاق سھتو)

 

(سنڌي ڪھاڻي فيسبڪ گروپ تي رکيل پوسٽ تان ۲۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

1 comment:

  1. توهان جي مهرباني ڪهاڻيءَ کي مان ڏيندي هتي رکي آهي...

    ReplyDelete