Saturday, August 14, 2021

حقيقت ڪن خواب - عزيز نيسن - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

حقيقت ڪن خواب

(ترڪي ڪھاڻي)

عزيز نيسن

انجنيئر عبدالوهاب سهتو


ھو پنڌ ڪري ڪري، ساڻُو ٿي پيو ھيو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان، پير گيسڙائي گيسڙائي، اڳتي رڙھي رھيو ھيو. ھاڻ ان حقيقت جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ھيس ته؛ انسان جي لاءِ جيڪو ٻوجھ کڻڻ مڙني کان اوکو آھي سو خود سندس جسم جو ٻوجھ آھي. ڪنھن به شخص کي، موت کان اڳي، ان ٻوجھ کان آجائي نه ٿي ملي سگھي. ھليو به پئي، سوچيائين به پئي. رستي تي گاڏيون ڦرڙاٽ ڪيو لنگھي پئي ويون، مگر ھيءُ پنھنجي ڌن ۾ مست مگن ھلندو پئي ويو.



”ڪيڏي نه عجب جھڙي ڳالھ آ. جسم جيترو جھيڻو ٿيندو ٿو وڃي، ان ڪمبخت جو ٻوجھ کڻڻ، وري اوترو ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي. .... ٿورڙو ھنن گاڏين کي ته ڏس! ڇا ڇا ته رنگ اٿن، ڇا ڇا ته شڪليون اٿن... منھنجو وزن ڪو پنجاھي کن ڪلو ته بيھندو؟ اڙي يار نه! پنجاھ ڪلو ڪاٿي؟ اھو ڪو چاليھ پنجيتاليھ جي لڳ ڀڳ ٿيندو.“

ائين رستي ھلندي، ھو پنھنجي پاڻَ سان ڳالھائيندو پئي ويو. پاڻ کان پاڻ سوال ڪري ۽ وري پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏئي رھيو ھيو. ٿورو کنگھڻ بعد وري سوچڻ شروع ڪيائين؛

”ڪير سوچي به نه پئي سگھيو ته ڪڏھن منھنجا ھھڙا حال به ٿيندا... ڪاش منھنجي کيسي ۾ ايترڙا پئسا ھجن ھا جو ھڪ ويلي جو نانڙو ئي وٺان ھا. اگر ان نان سان گڏ، گرم گرم چانھ جي پيالي به ٿي وڃي ھا ته ڪيا بات ھجي ھا...“

گاڏيون اچي، تيزيءَ سان سندس ويجھي کان لنگھيو ٿي ويون. ايتري ۾ ھڪ بلڪل نئين، گھري نيري رنگ جي ڪار، سندس پاسي کان لنگھي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڪار کيس ڏسي، ڍري ٿي ھجي. چتائي ڏٺائين ته اسٽيئرنگ تي ھڪ عورت نظر آيس. ھڪڙي خوبصورت شعر وانگر حسين عورت. جنھن جا ڪارا وار، ھوا سبب وکريل ھيا. پھرين سٽ ته کيس ائين لڳو ڄڻ اھا سھڻي حسينا، پنھنجي گاڏي ڍري ڪري کيس چتائي پئي ڏسي. ھيءُ مشڪيو. مشڪڻ سان ھن جي سڪل ڳٽن جي گھنجن جي ڳاڻيٽي ۽ گھرائيءَ ۾ واڌارو اچي ويو. سوچڻ لڳو؛ ”پوريءَ حياتيءَ ۾ حسن جي نظر اسان تي پئي ته عمر جي ڪھڙي اڻ سونھندڙ مرحلي ۾ اچي پئي!“

اکيون کيريون ڪندڙ ڀنڀاٽ ڪار، تيز ٿي ۽ اڳڀرو نڪري وئي. ڪو چاليھارو گز کن اڳتي وئي ھوندي جو وري بيھي رھي. مڙھ ڪراڙو، ٿڪاوٽ کان ساڻُو، پير گيسڙائي، رڙھي رھيو ھيو. جڏھن نيري ڪار جي ويجهو پُڳو ته حسينا، دريءَ منجهئون منڍي ڪڍي، غور سان جائزو ورتس. ھاڻي ته شڪ جي ڪا گنجائش ئي نه بچي ھئي. حسن جي نگاھِ ڪرم، پڪ ئي پڪ ھن ڀاڳ ڀريي تي ئي پئجي رھي ھئي. تنھن ھوندي به ھن مڙھي جي دل، ان حسين حقيقت کي، مڃڻ لاءِ ھرگز تيار نه ٿي. ھن سوچيو؛ ”بک، منھنجي مغز تي سوار ٿي، ان کي ڌوڏي رکيو آھي. جنھن ڪري مان ڏينھن ڏٺي جو، ھلندي گھمندي، خواب ڏسڻ لڳو آھيان.“

نيري گاڏي وري چُري ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي وري بيھي رھي. عورت اڃا به کيس ئي تڪي رھي ھئي. مڙھي سوچيو؛

”لاشڪ! ڀُلي آ. ڪنھن ٻئي جو ڀولو ٿيو اٿس. يا شايد منھنجي حالت تي ترس پيو اچيس.“

وري پنھنجي پاڻ سان مذاق ڪندي، دل ئي دل ۾، چيائين؛ ”استاد! ھيءَ پڪ ڄاڻ، تو تي اڪن ڇڪن ٿي آھي.“

نيري گاڏي، ھڪ ڀيرو ٻيھر اڳتي وڌي وئي. ٿورو اڳتي وڃي، وري بيھي رھي. حسينا، ھاڻي ھن ڏانھن جُوھ وجھي، چتائي تڪڻ لڳي. سندس ائين ھلي ھلي بيھڻ ۽ بيھي بيھي وري ھلڻ، مڙھي کي ڏاڍو پريشان پڻ ڪري رھيو ھيو. ھو، ان جو اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ به، ڏاڍو بي چين پئي ٿيو.

”ڇا؟ اھا وڄ تو تي ئي ڪرڻ لاءِ آتي بيٺي آ. اگر نه، ته پوءِ ٻيو ڪھڙو سبب ٿي سگھي ٿو؟“

اھو سوچيندي، ھيءُ رستي جي پرينءَ ڀر واري فٽ پيريءَ تي ھليو ويو. مائيءَ، ڪار جي ٻي دريءَ منجھان، نظرون مٿس کُپائي ڇڏيون. ھاڻي ته ڪراڙي جو شڪ، پڪ ۾ مٽجڻ لڳو.

”ڏٺو وڃي ته مان جوانيءَ ۾ ڪو ايترو ڪوجھو به نه ھيس، بلڪ سھڻو به سڏائي سگھيس پئي.“

ھاڻ ھو، وڏو شاھي رستو ڇڏي، کاٻي ھٿ تي ننڍڙي رستي تي ھلڻ لڳو. نيري گاڏي به اوڏانھن مڙي وئي. ھن دفعي جو ڪار، ڪراڙي جي آڏو پھتي ته حسينا کيس سڏي چيو؛

”دروازو کول!“

ھن دروازو کوليو.

”اندر ويھ!“

مڙھ ڪراڙو، گھٻراھٽ ۽ خوشيءَ جي رل مل جذبن تحت، پھرين ته ٿورو ٽھيو مگر مائيءَ جي مرڪڻ، کيس دل ٻڌرائي ۽ ھو ڪار جو دروازو کولي اندر اچي ويٺو. گاڏي، ھوا سان ڳالھيون ڪندي ھلڻ لڳي. واٽ تي نه مائيءَ ڪجھ ڪڇيو ۽ نه ئي مَڙَھ چپ چوريا. گاڏي، ھڪ شاندار عمارت آڏو اچي بيٺي. حسينا اڳيان اڳيان ۽ مَڙُھ پويان پويان. ٻئي، گھر ۾ گھڙيا. ھڪڙي نوڪرياڻيءَ آدرڀاءُ ڪين. ان، مڙھي کي حيرت منجھئون ڏٺو. حسينا ۽ مڙھو، ھڪڙي ھال نما ڪمري منجھ گھڙيا. عورت، مڙھي کي ويھڻ جي ساھي ڏني بغير، حڪم ڏنو؛

”ڪپڙا لاھ!“

”جي؟ جي ٿوري اجازت ملي ته مان ٿورو....“

ٻڍڙي، ڊڄندي ڊڄندي پنھنجي ڦاٽل، پراڻي ۽ ميري نِڪُ قميص لاٿي.

”پتلون به لاھ!“

مڙھي جا سمورا شڪ، ھاڻي لھي ويا. کانئس سڄي بک ۽ ٿڪاوٽ وسري وئي. سوچڻ لڳو؛

”آخر ماڻھو ئي ته آھي. انسان جي دل جي پورَ بابت، ڇا ٿو چئي سگھجي؟ سو به وري عورت جي دل جي باري ۾. ھن حسينا کي به ضرور منھنجي ڪا نه ڪا ادا پسند اچي وئي آھي، جنھنڪري سندس دل ميڻ ٿي وئي آھي.“

ھن پتلون به لاٿي. حسينا، ھڪڙيءَ گھنٽيءَ جو بٽڻ دٻايو. جھٽ پلڪ ۾ ھڪ عورت اندر گھڙي. اھا نوڪرياڻي ھئي، پر مالڪياڻيءَ کان جيڪڏھن وڌيڪ نه ھئي ته گھٽ ۾ گھٽ ان جيتري سھڻي ضرور ھئي. مڙھي سوچيو؛ ”اھا ته وڏي بي حيائي آھي. ھن عمر ۾ ٻن حسين پَرِيُن اڳيان، ائين ھڪڙي گنجيءَ ۽ ھڪڙي ڪڇي ۾ بيھڻ، ڪٿان جي شرافت آ.“

حسين مائيءَ، نوڪرياڻيءَ کي چيو؛

”آئيءَ کي چئه ته ٻارڙن کي وٺي اچي.“

نوڪرياڻي، ٻاھر نڪري وئي. مڙھو، ڪڇي منجھ ڦَرڪِي رھيو ھيو. خبر ناھي ته سيءَ کان پئي ڦَرڪيو يا ھيجاني ڪيفيت سببان. گھڻو اڳي ھن ٻڌو ھيو ته؛ ڪنھن عورت، محض پنھنجي مڙس جي بيوفائيءَ سببان، ڪنھن واٽھڙو ڌاريي سان معاشقو ڪيو ھيو. ھن دل ئي دل ۾ سوچيو؛ ”ڪٿي ھيءَ عورت به مون کي ان ئي مقصد جي لاءِ ھٿيار بنائڻ جو ارادو ته نه ٿي رکي.“

نوڪرياڻي موٽي آئي. ساڻس ھڪڙي گھر-دائي ۽ ٽي ٻارڙا ھيا. مڙني کان وڏو ٻارڙو، ڏھن سالن جو ھوندو. مڙني کان ننڍڙي ٻارڙي ڇھن سالن جي. ٻه ڇوڪريون، ھڪ ڇوڪرو. ٽئي ٻارڙا، فرشتن وانگر معصوم ۽ خوبصورت. مڙھ ڪراڙي، دل ئي دل ۾ چيو؛

”نوڪرياڻي ۽ گھر-دائيءَ جي ڪا ڳالھ ناھي، پر ٻارڙن کي ھڪڙي نپٽ نانگي ماڻھوءَ آڏو ائين اچي بيھاري ڇڏڻ، بي حيائي ناھي ته ٻيو ڇا ھي؟“

مڙھي جون ڄنگھون، بانس جي لڪڙن وانگر ٺوٺ سڪل ھيون. ڳچي، ڪاني وانگر سنھي. پاسراٽين جون ھڏيون، پري کان بيٺي ڳڻي سگھجن. ائين لڳي رھيو ھيو ڄڻ، ھڪڙو ھڏائون پڃرو، مٽيءَ مَرُ واري چمڙيءَ ۾ مڙھائي بيھاريو ويو ھجي.

خوبصورت عورت، گھر-دائيءَ کان پڇيو؛

”اڄ نرگس، ماني کاڌي ھئي يا نه؟“

”ٿورڙو گرھ کاڌو ھيائين، بيگم صاحبا!“

”۽ شميمِ؟“

”بيگم صاحبا! ان کي ته مُور بک ئي نه ٿي لڳي. اڄ به ڪجھ نه چکيائين.“

”۽ منظورَ؟!“

”ھا! ان ٿورو چاڪليٽ چکيو ھيو. بس ٻيو ڪجھ به نه کاڌائين.“

خوبصورت عورت، ٻارڙن ڏانھن ائين نھاريو ڄڻ کين ڊيڄارڻ پئي چاھيائين. وري نپٽ نانگي، ڦَرڪندڙ ڪراڙي ڏانھن اشارو ڪري، ڪاوڙ مان چيائينِ؛

”ڏسو! ھن شخص کي ڏسو پيا نه؟! ان جون ھڙٻاٽيون ڪيئن ٻاھر نڪتل آھن. ياد رکو! جيڪڏھن ڍءُ ڪري ماني نه کائيندئو ته توھان جي حالت به ساڳي ٿي ويندي.“

 ٽي فرشتي صفت ٻارڙا، ھيسجي پنھنجي ماءُ جي ماسيرين سٿرن سان چنبڙي پيا. حسين عورت، مڙھ ڪراڙي ڏانھن ڏٺو ۽ چيائينس؛

”چڱو بابا! جلدي ڪپڙا پاءِ! ۽ ھلڻ جي ڪر!“

  

(سنڌي روپ: ڪرنل مسعود اختر شيخ جي ڪيل اردو ترجمي تان)


No comments:

Post a Comment