جڏھن بت ئي چوي ڪافر
(وھاب سھتي جي ڪتاب تي
ھڪ سرسري نظر)
غلام مصطفيٰ
مشتاق
ڪھاڻي لکڻ ڪڏھن کان ۽ ڪنھن کان
شروع ٿي، ان لاءِ ڪو آخري فيصلو نه ٿو ڏئي سگھجي ۽ اھو به ٻڌائڻ في الحال مشڪل آھي
ته ڪھاڻيءَ کي موجوده روپ، ڪنھن ڏنو. ايترو اندازو لڳايو ويو آھي ته موجوده ڪھاڻي،
لوڪ ڪھاڻيءَ جي سڌريل شڪل آھي. اڻ سڌريل انسان، جڏھن ڪنھن ڏٺل/ اڻ ٺل طاقت کان
خوفزده ٿيندو ھو ته ٻين کي به انھن کان مرعوب ڪرڻ لاءِ، ھٿراڌُو واقعا بيان ڪندو
ھو ۽ اھي واقعا ھو اھڙي نموني لوڻ مرچ وجھي ٻڌائيندو ھو جو اڳيون متاثر ٿي سندس
ھمخيال بڻجي ويندو ھو. وچين دور ۾ وري قومن جي سورمن ۽ سرواڻن سان ڳالھيون منسوب
ڪري، انھن کي بيان يا قلمبند ڪيو ويو. انھن ڪھاڻين ۾ ھر قوم، پنھنجي پنھنجي سورمي
کي ٻين کان وڌيڪ پر اسرار ۽ پھلوان ثابت ڪرڻ لاءِ عجيب و غريب واقعا بيان ڪيا ۽
انھن کي وڌائي وڻ ڪيو. ائين نه آھي ته ڪو اھي منسوب ڪيل واقعا، سمورا ڪوڙا ھئا. پر
بيان ۾ چاشني ۽ رنگيني پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ انھن کي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏيڻ لاءِ انھن ۾ ڪي
ھٿ گھڙيا واقعا به شامل ڪيا ويا. ائين ڪھاڻيءَ جو سفر شروع ٿيو.
موجوده دور، جيئن ته علم و آگھي
۽ شعور جو دور آھي، ان ڪري پراڻي وقت جا ماورائي قصا ۽ ڪھاڻيون صرف ٻارن کي
وندرائڻ لاءِ مخصوص ٿي چڪا آھن. موجوده دور جو ڪھاڻيڪار ۽ خاص طور اسان جو نوجوان
ڪھاڻيڪار، حقيقت پسنديءَ ڏانھن گھڻو مائل آھي. ھيءُ مصلحت ۽ منافقت کان ڪم ڪو نه
ٿو وٺي، پر پنھنجي چؤگرد ماحول ۾ پيش ايندڙ جيڪي واقعا ڏسي ٿو يا خود ساڻس ھن سماج
۾ جيڪي ڪجھ وھي واپري ٿو، اھو اظھار جي ھن ذريعي يعني ڪھاڻيءَ جي روپ ۾ ٻين جي آڏو
پيش ڪري ٿو. ھونئن به ڪھاڻيءَ جو دارومدار يا مشاھدي تي ھوندو آھي يا تجربي تي.
مشاھدي يا تجربي تي لکيل ڪھاڻي ئي اثرائتي ۽ دل ۾ گھر ڪندڙ ھوندي آھي. ڪھاڻيڪار لاءِ
اھو لازمي ھوندو آھي ته ھو ڪردارن کي سندن ماحول جي پس منظر ۾ پيش ڪري. ائين نه
ٿئي جو ڳوٺاڻي يا گھٽ پڙھيل ڪردار جي واتان فلسفي جا دقيق مسئلا يا محاوره بيان
ڪرائي ۽ پڙھيل ڪرادر واتان وري غلط تلفظ ۽ اچار وارا لفظ پيو ڪڍرائي. ڪھاڻيڪار لاءِ
اھو پڻ لازمي آھي ته ھو ڪردار جي ماحول جو پورو پورو خيال رکي. ڪھاڻيڪار اھو ئي
ڪامياب ھوندو آھي، جيڪو حقيقت پسنديءَ کي آڏو رکي ڪردار کي سندس ماحول مطابق پيش
ڪري. اسان ھن تجزئي جي روشنيءَ ۾ جيڪڏھن محترم وھاب سھتي جي ڪتاب، ”جڏھن بت ئي چوي
ڪافر“ جي ڪھاڻين کي پرکينداسين ته محسوس ٿيندو ته ھڪ سٺي ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻين ۾
جيڪي خوبيون ھئڻ گھرجن، سي وھاب جي ڪھاڻين ۾ موجود آھن.
مان وري عرض ڪيان ته ھڪ سٺي
ڪھاڻيڪار لاءِ، ڪھاڻيءَ جي دور، ڪھاڻيءَ جي ماحول، ڪردارن جي تعليم ۽ ذھني سطح،
منظر نگاري ۽ پيش ڪرڻ جي انداز کي نظر ۾ رکڻ تمام ضروري آھي ۽ انھن سڀني ڳالھين
لاءِ وري مشاھدو بي حد ضروري آھي. وھاب جي ڪھاڻين ۾ جيڪي سماجي پس منظر ۽ ڪردار
پيش ڪيا ويا آھن، اھي ان سماجي ماحول ۾ فٽ ٿيل ڪرادر آھن. ڪو به ڪردار اوپرو محسوس
ڪو نه ٿو ٿئي. مثال طور سندس ڪھاڻي ”معاملو“ وارو ڪردار ”ھوءَ“ ۽ ڪردار ”پيرو“،
اسان جي معاشري جا عام ڪردار آھن. جن حضرات کي نوڪري يا تعليم جي سلسلي بسن ذريعي
سفر ڪرڻ جو اتفاق ٿيو ھوندو، اھي اھڙن ڪردارن کي روزانه اکين سان ڏسندا ھوندا. بس
۾ سفر ڪندڙ سموريون ڇوڪريون يا عورتون ھڪجھڙيون ڪو نه ھونديون آھن. پر ھن قسم جا
ڪردار ھر بس ۾ ضرور موجود ھوندا آھن. خاص طور ساڳئي روٽ تي روزانه سفر ڪندڙ ساڳين
ماڻھن ۾، جيڪڏھن اوھان ٿورو خيال ڪندا ته اھڙا ڪردار ضرور ملي ويندا.
سندس مُکُ ڪھاڻي ”جڏھن بت ئي
چوي ڪافر“ جا ڪردار ’ممتو‘ ۽ ’حاجي صاحب‘ ته ھر محلي ۽ ھر شھر ۾ اسان کي ملي
ويندا، شرط اھو آھي ته اسان ان نظر سان ڳولھيونِ. ’ممتو‘ کڻي جي ڪٿي نه به ملي پر
ممتي جي صورت ۾ ڪا ڪراڙي ماسي چاچي ضرور اھو ڪم ڪندي نظر ايندي. انھن ڪردارن جي
واتان، ھن ڪھاڻيءَ ۾ جيڪي مخصوص قسم جا لفظ ۽ محاورا ادا ڪرايا ويا آھن، سي واقعي
اھڙي قسم جي ماحول جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. اھو واضح ثبوت آھي، ڪھاڻيڪار جي وسيع
مشاھدي جو. ڪھاڻي ”مھمان ۽ ھوٽل“ جو ڪردار، جيڪو بظاھر ھڪ استاد ۽ معاشري جو نيڪ
نام فرد آھي، پر اصل ۾ سندس ڪردار ڪھڙو آھي، سو وھاب ھن ڪھاڻيءَ ۾ صاف ڪري بيھاريو
آھي. حقيقت ۾ اھڙا ڪردار اسان جي تعليمي ادارن ۾ ھيڪڙ ٻيڪڙ موجود آھن ۽ انھن جي
سڀني کي خبر به ھوندي آھي پر جڏھن ڪنھن حساس ذھن رکندڙ ۽ خاص طور ڪنھن ليکڪ يا
ڪھاڻيڪار کي اھڙي قسم جي فرد سان واسطو ٿو پوي ته پوءِ ليکڪ، جيڪو معاشري ۾ موجود
ھر ناسور لاءِ نشتر جو به ڪم ڏيندو آھي، سو اھڙي قسم جي ڪردارن کي اگھاڙو ڪري ٿو
بيھاري، جيئن وھاب ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪيو آھي.
وھاب جتي موجوده ماحول جي عڪاسي
ڪئي آھي، اتي ھن اھڙي انداز ۾ به لکيو آھي ته جيئن ماڻھو سمجھي به وڃن ۽ ڳالھ پڌري
به نه ٿئي. سندس ڪھاڻي ”رحم ۽ سودائي“ به ھڪ علامتي ڪھاڻي آھي، جنھن کي تواريخي پس
منظر ڏئي بيان ڪيو ويو آھي. ڪھاڻي ”وڏي ڪورٽ“ ۾ وھاب اھڙي ته منجھيل مسئلي ۾ ھٿ
وڌو آھي، جيڪو واقعي ڪنھن به ڪورٽ سڳوريءَ جي حل ڪرڻ جھڙو ھيو ئي ڪين. ڪھاڻي
پڙھندڙ تجسس جو شڪار ٿي وڃي ٿو ته اھو مسئلو، جنھن کي ھڪ طرف پاڙي وارن جي بي
آراميءَ ۽ امن ۾ خلل پوڻ سان ڳنڍيو ويو ھجي ۽ ٻئي طرف ان کي مذھبي رنگ ڏنو وڃي، سو
مسئلو ائين آسانيءَ سان حل ٿي وڃي ٿو. بظاھر ته ھن کي مزاحيه قسم جي ڪھاڻي چئي
سگھجي ٿو پر در حقيقت ھيءَ انساني نفسيات جو ھڪ منجھيل پھلو آھي، جنھن کي وھاب
نھايت دلچسپ رنگ ڏئي پيش ڪيو آھي.
ھن ڪتاب جي خاص ڪھاڻي، منھنجي
نظر ۾ ”ٻوٿ ڪاري“ آھي. ھر ڪنھن جو پنھنجو پنھنجو خيال آھي. ٿي سگھي ٿو ته ڪنھن ٻئي
جي نظر ۾ ڪا ٻي ڪھاڻي خاص ھجي پر موضوع جي لحاظ کان ھيءَ ھڪ وڏي اھم ۽ سوچ جو مادو
پيدا ڪندڙ ڪھاڻي آھي. وھاب ان موضوع کي ڇيڙي، وڏي دل گردي جو ڪم ڪيو آھي ۽ انتھائي
جرئتمنديءَ سان ھڪ اھڙي الميي جي نشاندھي ڪئي آھي. جيڪو واقعي اسان وٽ موجود آھي.
ان ئي مت ڀيد، ملڪ ۾ نفرتن کي جنم ڏنو آھي. ھيءَ ڪھاڻي ٻن قومن جي نفسيات جو ٽڪر آھي.
ھڪ قوم، جنھن کي ھيڻو ۽ مغلوب بڻايو ويو آھي ۽ ٻي قوم جيڪا ڏاڍي ۽ غالب آھي. ڏاڍي
قوم، جيڪا پاڻ کي وڏو ڀاءُ به چورائي ٿي، ھيڻي قوم جي فرد کي ڪنھن به حالت ۾ پنھنجي
برابر آڻڻ جو موقعو ڏيڻ پسند ڪو نه ٿي ڪري. اھو ئي سبب آھي جو اسان جا ڪيترا ئي
نوجوان، ڏاڍي قوم جي بي رحم سوچ جو شڪار ٿي، بي روزگاريءَ جي آڙاھ ۾ وڃي ڪرن ٿا.
نتيجي طور علحدگيءَ جا خواب ڏسڻ لڳن ٿا. اسان جي ادبي لڏي ۾ اسان جو ھڪ ڀاءُ، ھڪ
محترم صحافي ۽ ليکڪ، ڏاڍي قوم جي سوچ جو شڪار ٿي چڪو آھي، جنھن جي اوھان مان گھڻن
کي خبر آھي. مان سمجھان ٿو ادي وھاب، ان واقعي کان متاثر ٿي ھن ڪھاڻيءَ کي جنم ڏنو
آھي. جيستائين وڏي ڀاءُ جي ان منفي سوچ ۾ ڦيرو نه ايندو تيستائين نه صرف اسان جا
باصلاحيت ۽ ذھين نوجوان خوار ٿيندا رھندا پر قومن جي وچ ۾ نفرتن جي ديوار اونچي
ٿيندي ويندي. ان مان صرف اسان جو ئي نه پر وڏي ڀاءُ جو به نقصان آھي. مان ھن ڪھاڻي
لکڻ تي وھاب کي مبارڪباد جو مستحق سمجھان ٿو.
محترم وھاب سھتي جي ھڪ ٻي ڪھاڻي
”احساس برتري“ جو به اڇوتو موضوع آھي. اھڙا ڪردار اسان وٽ عام آھن، جيڪي ٻاھر ته پاڻ
کي ڪونڌر سمجھندا آھن ۽ ٻئي ڪنھن کي به پاڻ جھڙو نه سمجھندا آھن. پر اصل ۾ اھي ڇا
ھوندا آھن، انھن جي خبر انھن کي ھوندي آھي جن سندن پٺيءَ تي ھٿ گھمايو ھوندو آھي. اھڙي
قسم جا ڪردار جڏھن پنھنجن ڳجھن يارن جي آڏو اچن ٿا ته سندن ڪھڙو حشر ٿئي ٿو ۽
احساس برتري ڪيئن احساس ڪمتريءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ان کي ظاھر ڪرڻ لاءِ، ھيءَ
ڪھاڻي لکي وئي آھي ۽ اھو ئي ھن جو اھم نُڪتو آھي.
وھاب جون باقي ڪھاڻيون جھڙوڪ؛
”عشق جي ٻاڙ“، ”ڇوڪري حاضر، نوڪري ھزار“ ۽ ”ناخلف“ به پنھنجي جاءِ تي چڱيون
ڪھاڻيون آھن. پر انھن ۾ اھڙي ڪا خاص ڳالھ ڪونھي جو پڙھندڙن جي ذھن تي ديرپا اثر
ڇڏين. ھيءُ ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ ھڪ ڳالھ خاص طور تي ذھن ۾ جاءِ وٺي ٿي، سا اھا ته
وھاب روائتي نموني ھروڀرو ڪنھن وڏيري جي ڪڍ لٺ کڻي ڪاھي ڪو نه پيو آھي. سندس
سمورين ڪھاڻين ۾ ڪٿي به وڏيري جو ذڪر ڪونھي، سواءِ ھڪ ھنڌ جي، سو به سرسري طور. اڄ
ڪلھ وڏيرن جي ظلمن تي لکڻ عام ٿي پيو آھي. مان سمجھان ٿو ته سنڌ، وڏيري جي پنجوڙ ۾
اڃا به جڪڙي پئي آھي ۽ اھو ناسور ويجھي مستقبل ۾ ته ختم ٿيندي نظر ڪو نه ٿو اچي ۽
اھو ھڪ ٻرندڙ موضوع آھي، جنھن تي قلم کڻڻ ۽ وڏيري جي ظلمن کي وائکو ڪرڻ ھر ليکڪ جو
فرض آھي. پر اسان جي معاشري ۾ ھروڀرو اھو ھڪ موضوع ڪونھي ۽ وھاب اھا ڳالھ خاص طور
ذھن ۾ رکي آھي.
بھرحال مجموعي طور ھيءَ ھڪ تمام
سٺي ۽ انوکي ڪوشش آھي. ڪتاب ”جڏھن بت ئي چوي ڪافر“، سنڌي ادب ۾ ھڪ سٺو واڌارو آھي.
(ھفتيوار نئين سوچ ڪراچيءَ ۾ جنوري
۱۹۹۳ع دوارن ص ۳۱ ۽ ۳۲ تي ڇپيل)
ڪتاب ”جڏھن بت ئي چوي ڪافر“
ڇا ڏنو؟
عزيز ڪنگراڻي
ڪتاب ”جڏھن بت ئي چوي ڪافر“ جو
ليکڪ وھاب سھتو آھي. سندس ڏھن ڪھاڻين تي مشتمل ھيءُ مجموعو، سنڌي ادبي سنگت نئون
ديرو ڇپائي پڌرو ڪيو آھي. سنڌي ادبي سنگت، ترقي پسند مڪتب فڪر جو واحد ادبي ادارو
آھي، جنھن پنھنجو مؤثر تاريخي ۽ ادبي ڪردار ادا پئي ڪيو آھي. سنڌي ادبي سنگت جھڙي
اداري پاران ڪنھن ليکڪ جي مواد کي منظر عام تي آڻڻ ۽ سندس تخليق کي مڃتا سان گڏ اھڙي
مثبت پذيرائي ڏيڻ ھڪ بھترين روايت جو سنگ بنياد سمجھڻ گھرجي. انھيءَ روايت سان ھر
سٺي شاعر ۽ ليکڪ جي نه صرف پذيرائي ٿيندي پر صحتمند ادب پڻ محفوظ ٿيڻ لڳندو. اڪثر ڪري،
توڙي جو معياري ادب سرجيندڙ سرجڻھار ڇو نه ھجي، معاشي گھوٽالن جي ور چڙھي گمنامي
جي تھن ۾ ويڙھجي وڃي ٿو.
در اصل ھيرو، لٽ ۽ لڙ ۾ لڪڻو ته
ناھي پر مالي وسائل جي ھيڻائپ، کيس وقت سر منظر تي ئي نه ٿي آڻي سگھي جو ھو پنھنجو
تخليقي سرمايو ڪتابي صورت ۾ سھيڙي سگھي ۽ پنھنجو پاڻ کي تنقيد جي تڪ تور ۾ مروج ڪسوٽين
حوالي ڪري سگھي. صحتمند ۽ تعميري تنقيد، سنڌي ادبي سنگت جو بنيادي اصول آھي، جنھن
کان ڪو به ليکڪ بالاتر ڪونھي ۽ اھو ئي اھم سبب آھي جو جديد فڪري لاڙن سان گڏ نئين ٽھي
به قديم روايتن جي پٿريلي زمين جي سيني کي چيري، لاوي جيان اڀري آئي آھي ۽ رجعست
پسند مڪتب فڪر، بوکلاھٽ جو شڪار ٿي، پنھنجي کل مٽائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام به رھيا آھن.
تنقيد کي ھضم ڪرڻ لاءِ تيز ھاضمي جي ضرورت ھوندي آھي. تنقيد، تعمري ھجي يا تحقيري،
ٻنھي صورتن ۾ ٽوھ جي رس لڳندي آھي ۽ جگر گردي وارو، بردبار ۽ حقيقت پسند تخليقڪار
ئي صحتمند، معياري ۽ اصلاحي تنقيد کي قبول ڪندو آھي.
واقعي تخليقڪار کي پنھنجي ھر
تخليق پياري ھوندي آھي. ڇاڪاڻ ته ھر خيال، سندس ذھن جي اونھي زرخيز ڪئنواس مان ڦٽي
نڪرندو آھي، جنھن ۾ سندس رت ۽ ست شامل ھوندو آھي. پر ڏسڻو اھو ھوندو آھي ته ان
تخليق ۾ ڪيترو اجتماعيت جي عڪاسي موجود آھي يا انفرادي ترجماني ڪھڙي تخيلاتي پرواز
سان ڪئي وئي آھي ۽ تخليق جنھن فني ھيئت جو سھارو ورتو آھي، انھيءَ سان ڪيترو انصاف
ٿيل آھي. بھرحال مان انھيءَ راءِ جو آھيان ته جائز ۽ تعميري تنقيد کي فراخ دليءَ
سان قبول ڪرڻ کپي. تنقيد ڇا آھي؟ انھيءَ بحث ۾ پوڻ سان اصل موضوع کان ٿڙي وڃبو،
تنھن ڪري مان صرف اھو چوندس ته تنقيد جا ماڻ ۽ ماپا کرا ھئڻ کپن. ان ۾ ڪنھن به قسم
جي بغض، ڪيني، دوستي يا دشمنيءَ جو دخل ھئڻ نه گھرجي.
ڪنھن جي تحقير يا تعريف جو نالو
تنقيد ھئڻ نه گھرجي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ٻن ڳالھين جي رواج جون پاڙون اڃا به اکڙي نه
سگھيون آحن، جيڪي درٻاريت جي ڌپ مان ئي سرجيل ٿيون لڳن. ھڪ ته اسان ڪنھن تي لکڻ يا
تنقيد ڪرڻ مھل صرف ياري ملھائڻ ڄاڻون يا دشمني پارڻ جا پارکو آھيون!! اھو ئي
بنيادي سبب آھي جو اسان وٽ معياري تنقيدي ادب جو وڏو فقدان موجود آھي. ٻيو مواد ڇاپڻ،
ڇپرائڻ مھل به معيار کي ٿڏي، دوستي نڀائڻ کي ترجيح ڏيندا آھيون. انھيءَ عمل، اسان
۾ وڏيون وڇوٽيون وڌيون آھن ۽ اسان سنڌي ادب جي وسيع ميدان ۾ ھڪ مڪتب فڪر، ھڪ نسل
يا ھڪ قوم ھوندي به ڌاريائپ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھيون. اسان جي ھر اديب تي پنھنجائپ ۽ ڌاريائپ
جا نشان لڳل آھن. ڌربندي جو پنجوڙ وڇايل آھي ھر ڪو پنھنجن جي ثنا خواني ۾ پورو آ!
ھيءُ پنھنجو آھي اڀ اڪاري ڇڏبس ۽ ھو پنھنجو ناھي دفن ڪري ڇڏبس!! مطلب ته نه معيار،
نه تخليقي سگھ، نه بلند خيالي ۽ نه وري فن جي مٿڀرائپ کي ليکيندا آھيون. گھٽ ۾ گھٽ
ادبي سنگت جھڙو مستند ادارو، اھڙن رجحانن جي پاڇن کان پاسو ڪري ته بھتر ٿيندو!!
اسان کي (سنگت جي ميمبرن) اھڙن لاڙن کي ٻنجو ڏيڻ کپي. منھنجو مقصد ڪنھن کي رنجائڻ
يا رُسائڻ ڪونھي، نه وري نالي ڳڻائڻ جي اوني ۾ آھيان. منھنجن خيالن سان جائز
اختلافن جو ھر سٺو دوست حق رکي ٿو. پر مان ڳالھ کري ضرور ڪندس. اسان وٽ اھو رواج وڌي
ويو آھي ته ”تون مون کي زوار چئو ته مان تو کي حاجي چوان“. تازو ڪتاب ”ٻه شاعر، ٻه
ڪھاڻيڪار“ تي نظر ڊوڙائيندي عوامي آواز اخبار ۾ ھڪ دوست، نوجوان شاعر لاءِ ”مھان“
۽ ”عظيم“ لفظ استعمال ڪيا آھن. مڃان ٿو ته اھو شاعر بھترين ۽ ڪا سگھاري شاعري سرجي
رھيو آھي پر انھن لفظن واري منزل انتھائي ڏور آھي ۽ اسان سڀ ادبي سنگت جھڙي مقدس ۽
بااصول اداري سان واڳيل آھيون.
ڪتاب ”جڏھن بت ئي چوي ڪافر“ به
سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو شاخ ڇپرايو آھي ۽ انھيءَ سنگت جي موجوده سيڪريٽري محترم
امام راشدي ڪتاب تي راءِ ڏيڻ جو حق به ڏنو آھي. انھيءَ ڪري آ کاريون مٺيون ڳالھيون کڻي نڪتو
آھيان!! سنڌي افساني، ڪھاڻيءَ جي تاريخي ارتقا جي قطعي نظر، صرف سٽاءَ، مقصد ۽
موضوع بابت ويچارجي ته بھتر لڳندو. اسان وٽ پيڙھيءَ جي وڇوٽي موجود آھي، جنھن ڪري
اسان جا نوجوان ڪھاڻيڪار نظر نه ٿا اچن، نه ته اسان وٽ طارق قريشي، امر لغاري،
رحمت الله ماڃوٺي، جان خاصخيلي، اخلاق انصاري، فقير محمد لاشاري، خادم ٻگھيو ۽ کوڙ
سارا ڪھاڻي کي پاڻ وٽ پاڻ ئي لڪايو ويٺا آھن ته ان ۾ ڏوھ ڪنھن جو آ! سائين ميرمحمد
پيرزادي تازو ساڃاھ رسالي ۾ انٽرويو ڏيندي چيو آھي ته؛ ”اڄ ڪھاڻيءَ جو فقدان آھي. ڪھاڻيءَ
کي ماڻڪ جتي ڇڏيو آھي، اتي ئي بيٺي آھي ۽ ھاڻ نوجوانن کي ڪھاڻي اتان کڻي اڳتي وڌائڻ
گھرجي.“ جيڪڏھن پڇون ته؛ ”سائين ماڻڪ، ڪھاڻي ڪٿي ڇڏي ويو آھي!!!“ ته شايد جواب مشڪل
سان ملندو!! تلاش ته اسان به جاري رکنداسين پر عنايت ڪري اوھان وڇوٽي ٽوڙي ويجھا ٿي
اھي پنڌ ۽ پيچرا ٻڌايو ته اوھان جي مھرباني ٿي پوندي!! باقي ڪھاڻيءَ جي وصف بابت اڳوڻن
محققن جا مختلف رايا آھن. ڪن ان کي مختصر داستان ڪوٺيو آھي جيڪو حالتن پٽاندر
زندگيءَ جي ڪنھن ھڪ واقعي يا پھلوءَ کي اجاگر ڪندي، زندگيءَ جي اجتماعي رخن جي
جامع ترجماني ڪري. ڪن ڪھاڻيءَ کي نثري ادب جي اھڙي صنف قرار ڏنو آھي، جنھن ۾
روزمره جي زندگي جي ڪنھن ھڪ واقعي، ڪردار جو اڀار موجود ھجي ۽ مقصديت سان ڀرپور اھڙو
تاثر پئدا ڪري جنھن سان پڙھندڙ حقيقيت سمجھڻ لڳي بلڪ حقيقت ھجي. اھو سڀڪجھ تڏھن ممڪن
آھي جڏھن مسئلو يا موضوع حقيقي ۽ روزمره جي زندگيءَ مان کنيل ھجي.
مڪالمه ماحول ۽ مھل مطابق ھئڻ
گھرجن ۽ جيڪي ڪردار ڳالھائين ٿا، انھن جي نفسياتي ڪيفيتن، ماحول، وقت ۽ انھن جي
ذھني معيار مطابق ھئڻ کپن. ڪرادر نگاري بيانيه انداز ۾ ھجي يا مڪالماتي نوع ۾، ٻنھي
صورتن ۾ ھم آھنگي لازمي آھي. وقت ۽ حالتن مطابق موضوع، ماحول، واقعا (ضمني) مڪالما
چھٽيل ھئڻ کپن ۽ انھن ذريعي لاڙا مثبت ۽ مقصد سان ڀرپور تاثر پئدا ڪرڻ به ڪھاڻيءَ
جو روح آھي. مشاھدي جي وسعت، مطالعي جي ضخامت ۽ ٻوليءَ تي دسترس ھئڻ کپي. اسلوب
بيان به ڪھاڻيءَ جي خاص خوبيءَ ۾ شامل آھي. ھر ڪھاڻيءَ ۾ پلاٽ ھجي ٿو. پلاٽ اھڙن
واقعن ۽ حادثن جو خاڪو ٿئي ٿو، جيڪي ڪرادر، ڪردارن (ضمني) کي پيش اچن ٿا. فني سٽاءَ
مطابق، ڪھاڻيءَ جي پلاٽ جا ٽي حصا ٿين ٿا. ابتدا، عروج (climax) ۽ انتھا يا پڄاڻي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪنھن واقعي جي دائري جي اردگرد ئي
پلاٽ ۽ ڪردار گھمندا/ گھمندو آھي. انھيءَ نسبت سان ڪھاڻيءَ ۾ زمان، مڪان ۽ وٿ
(عمل) جو پاڻ ۾ ربط ھوندو آھي. ڪٿي به بي ربطي، ڪھاڻيءَ جي ستياناس ڪري ڇڏي ٿي. ڀلي
ابتدا ۽ ابتدا کان پڄاڻيءَ ڏانھن يا پڄاڻيءَ کان ابتدا ۽ ابتدا کان عروج ڏانھن، سڀني
حالتن ۾ ڪرادر نگاري، سيرت نگاري، واقع نگاري، حقيقت نگاريءَ ۾ توازن ۽ زمان مڪان
۽ عمل ۾ ربط ھئڻ لازمي آھي. ھر ڳالھ مھلائتي ۽ حالتن آھر ڪرڻ ۽ نڀائڻ ڪھاڻيڪار جو
فني ڪمال ھجي ٿو، موضوع جي چونڊ ڪرڻ به ڪھاڻيءَ جي ڀلائپ يا ٺلھائپ جو سبب بڻجي
سگھي ٿي.
انھيءَ مختصر وچور کان پوءِ
اچون ٿا فاضل ليکڪ وھاب سھتو جي ڪھاڻين ڏانھن، جيڪي سندس مجموعي ۾ شامل آھن ته
انھن ڳالھين کي ڪيترو محسوس ڪري يا ڪيتري قدر نظر ۾ رکندي مطالعي ۽ مشاھدي جي ٻل
تي ويھي رت ولوڙيو آھي ۽ ڪيتري حد تائين
انھيءَ حد کي ڇھي سگھيو آھي. سندس مجموعي جي ھڪ اڌ ڪھاڻي کي ڇڏي باقي سڀني ڪھاڻين
۾ ڪردار ۽ موضوع پڙھندڙ کي ذھني ۽ جنسي عياشي ڏانھن وٺي وڃن ٿا. اھي موضوع چونڊئ
سگھجن ٿا پر انھن کي مثبت رخ ڏيڻ ۽ مثبت نتيجي ڪڍڻ بجاءِ ذھني عياشي، جنسي خواھش
جي ترغيب ۽ معاشري کي ذھني طور ھيٺانھين سطح جا ڏس ڏيڻ- ھجڻ جي کلي تربيت ملي ٿي.
مثال طور سندس ڪھاڻي ”معاملو“ ۽ ”عشق جي ٻاڙ“ کڻي سگھجن ٿيون. ٻولي، تشبيھن، انداز
بيان، مڪالما، محاورا ۽ گرامر جو ته بيدرديءَ سان استعمال ڪيل آھي. اردو ٻوليءَ کي
استعمال ڪرڻ شايد دانشمندي سمجھيو ويو آھي. اھڙو لقاءُ ”معاملو“، ”عشق جي ٻاڙ“، ”جڏھن
بت ئي چوي ڪافر“، ”ٻوٿ ڪاري“، ۽ ”ڇوڪري حاضر، نوڪري ھزار“ ۾ نظر ايندو. عنوان ”عشق
جي ٻاڙ“ به عجيب ٿو لڳي، عشق تماڪ يا ڪا ٻي نشي آور شئي ھجي جنھن جي ٻاڙ لڳي. ”ڇوڪري
حاضر، نوڪري ھزار“ ۾ به گرامر سان عشق ٿيل نظر ٿو اچي. ٿيڻ ته ائين کپي ته ”ڇوڪري
حاضر، نوڪريون ھزار“. ڇو ته ھزار جمع آھي. نوڪريءَ جو صيغو به جمع ھجڻ کپي. ان کان
سواءِ، ليکڪ اڪثر ھنڌن تي ”سندس کان“، ”سندس سان“، ”سندس ۾“ ۽ ”سندس جي“ وغيره
استعمال ڪري گرامر جي ڄاڻ جو چڱو مظاھرو ڪيو آھي!!! ڪھاڻي ”معاملو“ ۾ استعمال ٿيل
تشبيھون ۽ استعارا ڏسو؛ ”بکايل گرمي“، ”وڏي گڙديءَ واري رش“، ”ھلندڙ مخصوص ٽولو (ڇوڪرين
جو) پنھنجي حيثيت کي ايترو نمايان رکندو آھي، جيترو ڪنھن به سوڙھي ۽ ماڻھن سان ڳتيل
گھٽيءَ ۾ ٿلھو متارو ھاٿي رکندو آھي.“، ”ڏند ويڪرا موتين وانگر“، ”ھلڻ ڪنھن پريڊ ۾
ھلندڙ فوجيءَ کان گھٽ نه ھوندو اٿس“ ۽ ”بس (ماڻھو لھڻ وقت) جي شڪل، ٽاري وڍيل وڻ
جھڙي ٿي وئي“ وغيره. ڪھاڻي ”معاملو“ ۾ معاملو يا موضوع به حساس کنيل آھي ۽ حقيقتن
سان ڳنڍيل آھي. اسان وٽ اڪثر شھرن يا ڳوٺن ۾ نياڻين جي تعليم، ھڪ ڳنڀير مسئلو بڻيل
آھي. اھو وڌيڪ تشويش ناڪ تڏھن ٿي ويندو آھي، جڏھن نياڻين جي ڪاليجن، ھاءِ اسڪولن آڏو
چند لوفر، آواره ۽ بشني قسم جا ماڻھو چڪر پيا ڪاٽيندا آھن ۽ نياڻين کي تنگ پيا ڪندا
آھن، جنھن ڪري شريف گھراڻي سان تعلق رکندڙ والدين يا ته ھانءَ تي پٿر رکي نياڻيون
پڙھائيندا آھن يا نيٺ تنگ ٿي نياڻيءَ کي پڙھائڻ ڇڏي ڏيندا آھن. فاضل ليکڪ مسئلو ته
حساس چونڊيو آھي پر انھيءَ مسئلي کي مثبت رخ ڏيڻ يا مثبت نتيجي ڪڍڻ بجاءِ خود انھن
آواره گرد ماڻھن جو حمايتي بڻجي پيو آھي ۽ انھيءَ قسم جي عشق کي مثبت ڪوٺيندي ھڪ
ھنڌ ڪردار کان چورائي ٿو ته؛ ”منھنجي ھن وقت بس ۾ چڙھڻ جو سبب به انھن ڇوڪرين مان
ھڪ آھي، جيڪا ھن وقت بلڪل انھن ۾ موجود آھي. مان صرف سندس ديدار ڪرڻ لاءِ ئي ھن بس
۾ چڙھيو آھيان“ ۽ پڇاڙيءَ جو اھڙين ڇوڪرين کي بد پيشي جون قائل ۽ بدچال قرار ڏئي
اھو تاثر اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته تعليم نياڻين کي ڏيارڻ معنيٰ نياڻين جو ڪرادر وڃائڻ
برابر آھي. افسوس ٿو ٿئي ته فاضل ليکڪ انھيءَ مسئلي کي کڻي ڪو مثبت نتيجو ڪڍڻ
بجاءِ صرف ذھني، جنسي گرڻ ڏانھن ھليو ويو آھي. اھڙي ريت ڪھاڻيءَ ۾ زمان، مڪان ۽
عمل ۾ ڪو به ربط ڪونھي. مڪالماتي عنصر ۽ ڪرادر نگاريءَ جو توازن سير ۾ آھي. ڪھاڻيءَ
۾ وقت، موسم اونھاري جي، گرمي شدت واري موسم آھي ۽ ٻير به ٻيرين ۾ آھن!؟“
سندس مشاھدي ۾ گرمي به پسو؛ ”ٻير
ڌوڻي، ٻير ميڙي ڏنائي. رومال ۾ ٻير ٻڌي ڏيندي چيائين؛ ھاڻي ڏينھن به تتل آھي.“ ٻوليءَ
جو استعمال ۽ ٻوليءَ جو معيار به ڪنھن ڪُھني ڪُن ۾ گھوماٽيون کائي رھيو آھي.
ٽائيٽل ڪھاڻي ”جڏھن بت ئي چوي ڪافر“
جو عنوان به اردو تان کنيل آھي، جيڪو فاضل ليکڪ خود پڇاڙيءَ جو ڪھاڻيءَ ۾ به ڏئي ٿو.
ڪھاڻيءَ ۾ موضوع ته چڱو چونڊيل آھي پر مثبت نباھ ڪري نه سگھيو آھي. مطلب ته ڪنھن ڪردار
کان انھيءَ پيشي کنيل موضوع بابت ڌڪار ڏيکاري ھا. اھو ڪردار جيڪو انھيءَ ڌنڌي ۾
ملوث آھي اھو مثبت سوچ/ لاڙي ڏانھن لاڙو ظاھر ڪري ھا. پر مصيبت اھا آھي ته ھڪ ته
سيرت نگاري جو نالو نشان ڪونھي، ٻيو ته ”ممتو کدڙي“ نالي ڪردار کان عورتن جو ڪاروبار
ڪرائي ٿو. ممڪن آھي ته فاضل ليکڪ جي مشاھدي ۾ آيو ھجي ته ڪو کدڙو ڪنھن شھر/ ڳوٺ ۾
اھڙو ڌنڌو ڪندو ھجي ۽ سو به نوخيز جوانڙيون وٺي وتي ڇڙا ڇانڊ جاچيندو!!! اھو ممتو ڏينھن
جو برقعو پائي گھمي ٿو ته عورت محسوس ٿئي ٿو ۽ رات جو پاڻ مرادو عورتون وٺي اڏا يا
گراھڪ جاچيندو وتي ٿو. ليکڪ ھڪ ھنڌ ڪردار کان ڳالھرائي ٿو ته ”ممتو! ھائو! ڪڏھن ڪڏھن
ڏينھن جو چادري پائي گھمندو آھي ڄڻ سھيليون ٿيون وڃن.“ آخر ۾ نتيجو به اھو ٿو نڪري
ته کدڙو به مرد کي کدڙو ٿو چئي، جيڪو نه ھئڻ/ چوڻ گھرجيس ھا ۽ ڪرادر ان جي گناھ ۾
شريڪ ٿي وڃي ھا!!!
ڪھاڻي ”عشق جي ٻاڙ“ جي شروعات
به اردو سان ته پڄاڻي به اردو ۾!! پھرين ملاقات يا ٻي ملاقات ۾ عورت فري ٿي وڃي يا
معاشقي جو اظھار جرئتمندي ۽ بيباڪي سان ڪري سو به حيرت کان خالي ڪونھي!!! جڏھن
عورت جو ڪردار، مرد جي ڪردار سان مکاميل ٿئي ٿو ته ليکڪ سندن جذبن جي اظھار جو
نقشو چٽيندي ٻڌائي ٿو ”جھٽڪي سان ماني ھٿ ۾ ٿمائيندي پھريائين اک ڀڳائين، پوءِ شوخ
۽ چنچل انداز ۾ چيائين؛ ’اتني نواب مت بنو. ڀوڪ اور پياس ڪي لئي ڪڇ ڪرنا پڙتا ھي. ڊروگي
تو مروگي.‘“ ڪھاڻيءَ جي شروع ۾ به عورت، مرد کي پھرين ملاقات ۾ بي تڪلف ٿي پنھنجي ڳوٺ
تلھار جي دعوت ڏئي ٿي ۽ مرد سان نڀائڻ جا وچن ۽ نه ملڻ ڪري مري وڃڻ جون ڌمڪيون به
اردوءَ ۾ ڏئي ٿي!!!؟
ٻين ڪھاڻين جيان ھن ڪھاڻيءَ ۾
به فني مٿڀرائپ ۽ چاشني اٽي ۾ لوڻ برابر آھي. ڏک جھڙي ڳالھ ته ليکڪ وٽ ديس ۽ پرديس
جو مفھوم به واضح ڪونھي!! ھن ئي ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار، معاشقي بھاني دربدر ٿيندو،
حيدرآباد کان تلھار پھچي ٿو جتي سندس پئسا نڪري وڃن ٿا ته ٻئي دوست کي چوي ٿو:
”پرديس ۾ ھاڻي ڇا ٿيندو!!؟“ حيدرآباد ديس اٿس ۽ تلھار پرديس اٿس ته ڪردار شھر ڪھڙي
جو آھي!!!؟؟؟ ڪھاڻيءَ ۾ وقفي وقفي سان اردو ٽنبي، مصنوعيت پئدا ڪئي وئي آھي.
اھڙيءَ طرح سان جيڪڏھن سمورين ڪھاڻين
جو ايمانداريءَ سان جائزو ورتو وڃي ته ڪا به اھڙي ڪھاڻي نظر نه ايندي جيڪا ڪھاڻيءَ
جي معيار، فني بلندي يا ڪھاڻي جي تاڃي پيٽي ۾ اچي سگھي. ايئن ٿو لڳي ليکڪ موصوف
فلمي دنيا جو شوقين آھي ۽ فلمن کان متاثر ٿي ڪھاڻيون لکڻ ويٺو آھي. مان برابر ڏوھي،
جو سچ وڏو ڏوھاري آ!!! پر مون محض ادبي سنگت جھڙي اداري جي اھڙي پيش قدمي کي نظر ۾
رکندي قلم کنيو آھي ته خبر ناھي ڪھڙي ماڻ ۽ ماپي تي پرکيندي سرمايو سيڙايو آھي!؟ ڇا
سرمايو ليکڪ موصوف ته نه سيڙايو آھي!؟ جي ايئن آھي ته پوءِ ادبي سنگت کيس گذارش ڪري
ھا ته نئون ديرو شاخ جو سڀرو ۽ معياري اديب - شاعر ميمبر چونڊي ان جو مواد منظر تي
آڻڻ ۾ مدد ڪري ھا ۽ ان ۾ نالو ڳڻائي ھا. منھنجي نماڻي گذارش، ھڪ اداري جي بنيادي
ميمبر (سنگت جو) جي حيثيت ۾ ھئي، جيڪا مان سمجھان ٿو ته ھانءَ سان ھنڍائي ويندي ۽
آئينده سنگت جي ھر شاخ، معياري ادب کي فروغ ڏيندي، مثبت پيش قدمي ڪري، معياري ادب
کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جي جاکوڙ رکندي. تنھن ھوندي به دوست وھاب سھتي کي ھٿ
ٻڌي عرض ڪندس ته آئنده جيڪڏھن لکڻ ڇپجڻ چاھي ته ھو ڀرپور محنت ۽ مطالعي جو دڳ وٺي
مثبت، معياري ادب سرجي ۽ اھو ئي مڃتا جو گس پنڌ يقيني ھوندو!!
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جنوري ۱۹۹۳ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment