Saturday, August 14, 2021

چپ جي سزا - جبار آزاد منگي

چپ جي سزا

(ننڍڙي ڪھاڻي)

جبار آزاد منگي



”ڪتا پولن ۽ ٿوڻين تي ٽنگ کڻي ڇو مٽندا آهن؟“ پنهنجي آلي ٿيل قميص کي نپوڙيندي، پڇيائين.

چيومانس؛ ”پولن ۽ ٿوڻين کي زبان ڪونهي. جنھنڪري ڪنھن جي مٿان ٿيل بيواجبين تي، پنهنجو آواز بلند ناهن ڪري سگهندا. جيڪي ڪنھن سان ٿيل بيواجبين تي، آواز بلند ناهن ڪري سگهندا، تن تي ڪتا ٽنگ کڻي مٽڻ جو ناجائز فائدو وٺندا آهن!!“


مٿئون ٻيو سوال پڇيائين؛ ”ڀلا! ڀتين تي ڇو؟ جڏهن ته ڀتين کي ڪَنَ به هوندا آهن؟“

ها! برابر ڀتين کي ڪَنَ هوندا آهن. اهي سڀ ڪجھ ٻڌنديون به آهن. پر اُهي به ڪتن سان ٿيل بيواجبين تي ڪُڇي ناهن سگهنديون! ۽ ها ٻڌي ڇڏ! سڀ ڪجھ ٻڌڻ جي باوجود به اگر ڪو مظلوم مٿان ٿيل بيواجبين خلاف پنهنجو آواز بلند ناهي ڪندو، ان سان ڪتا ساڳيو سلوڪ ڪندا آھن.“

منهنجو جملو هن پورو ٻڌو ئي ڪو نه ۽ پيرن تي زور رکيائين. اک ڇنڀ ۾، تيزيءَ سان ڀڄي ويو!

ڇا ڏسان ته هڪ ڪارو ھٽو ڪَٽَو ڪتو، سندس پويان پويان ڊڪندو پئي ويو.

 

(جبار آزاد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment