انسانيت، دونهون ۽ لاش
رسول ميمڻ
”انسانيت لاش
آهي.“ هن کي اندر مان آواز آيو؛ ”پر ان جو روح مان آهيان.“ هن پنهنجي اندر کي جواب
ڏنو.
”پوءِ انسانيت
مئل ڇو آهي.“
”ڇو جو مان
ان کان الڳ آهيان.“
هو
پنهنجي اندر سان بحث ڪندو، اڳتي وڌندو رهيو. هو ڊاڪٽر هو ۽ هن کي جنگ جي ميدان ۾
زخمين جو علاج ڪندي اڄ پورا ٻه مهينا گذري چڪا هيا، جنگ اڃا پنهنجي عروج تي هئي،
هن جي ملڪ جي فوج دشمن جا سپاهي ماريندي، انهن کي ڌڪيندي ڪافي اڳتي هٽائي وئي هئي
۽ هاڻي پوئتي ڇڏيل ميدان ۾ سواءِ مٽي ۽ دونهي جي غبارن ۾ ويڙهيل لاشن، ڀڳل ٽئنڪن ۽
جهازن جي ڍانچن کان سواءِ ڪجهه به نه هيو، ڊاڪٽر انسان جي ان ڪردار تي حيران هيو،
هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته آخرڪار هو هڪ ٻئي جو خون ڇو ٿا وهائين، هو سڀ انسان
آهن. ته پوءِ هي نفرت ڇا جي؟ هي جنگ ڇا جي، هڪ طاقتور ڌر انسان جي ٻي ڪمزور ڌر تي
حملو ڪري پنهنجي چري هجڻ جو ثبوت ڪيئن ٿي ڏئي، آخرڪار جنگ ڪرڻ لاءِ ٻيا به ته محاذ
آهن، مفسلي جي جنگ، اندر سان جنگ، براين ۽ سماج جي ناسورن سان جنگ. هيءَ انسان جي
انسان سان جنگ ڇو؟ ڊاڪٽر سوچيندو ۽ زخمين جو علاج ڪندو اڳتي وڌندو رهيو.