Friday, July 23, 2021

پيالو - ليو ٽالسٽاءِ - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

پيالو

ليو ٽالسٽاءِ

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



”اليوشيا“، ننڍي ڀاءُ جو نالو ھيو. سڀئي کيس ”اليوشيا“ ئي ڪوٺيندا ھيا. ليڪن ھڪ ڏينھن جي ڪرڻي ھيءَ ٿي جو امڙ کيس ڪنھن پاڙيواريءَ جي گھر، کير پھچائڻ لاءِ موڪليو ته واٽ تي ٿاٻو کائيندي، پاڻُ سنڀالي نه سگھيو ۽ ڀڳل پيالي سان گھر موٽي آيو. ان ڏينھن اليوشيا تي گھر ۾ موچڙا پيا ۽ جڏھن ھو ٻاھر نڪتو ته گھٽيءَ جي ٻارن به مٿس ھيڙھو ھيڙھو شروع ڪري ڏنو؛ ”پيالو! پيالو! اليوشيا پيالو!“ ان ڏينھن کان اليوشيا تي نالو، پيالو پئجي ويو.

Tuesday, July 20, 2021

طارقَ قريشيءَ جي ڪھاڻين جو فن ۽ فڪر - خليق ٻگھيو

اسٽرئيڊينٽسٽ ۽ فيوچرسٽ ڪھاڻيڪارَ

طارقَ قريشيءَ جي ڪھاڻين جو فن ۽ فڪر

خليق ٻگھيو



دنيا جي تخليقي ادب تي زماني جي تمدني، سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي حالتن جي بدلاءَ جي صورت ۾ ڪي تبديليون رُونما ٿين ٿيون. آمريڪا ۽ يورپ ۾ به صنعتي ترقيءَ توڙي ٻن عالمي جنگين جي نتيجن ۾ جيڪي سوچَ ۽ فڪر جا پئمانا تبديل ٿيا،تن جو اثر دنيا جي سمورن لطيف فنن تي پيو. ائينءَ خاص ڪري مُصوريءَ ۽ تخليقي ادب جي نظرين ۾ جيڪي تبديليون آيون، تن جو اثر اڃان تائين دنيا جھان جي ادب ۾ موجود آھي. اتھاس ۾ ڏِسجي ته عالمي سطحَ تي ھڪ طرف فلسفن ۽ نظرين جي ارتقا ٿي آھي ته ٻئي طرف ڪي اِھڙيون سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ فڪري توڙي تخليقي تحريڪون به اُڀريون آھن، جن تخليقي ادب جا طرفَ ئي مَٽي ڇڏيا آھن. ڪِن ادبَ کي خود زندگيءَ کان فرار سَڏيو آھي ته ڪِن ادب کي زندگيءَ جو سچو عڪاس ۽ سماجي تبديليءَ جو محرڪ سمجھيو آھي. ڪِن زندگيءَ جي حُسن کي خوف خطري، تيز رفتاريءَ ۽ خدشن سان مشروط ڪري ورتو آھي ته ڪِن مستقبل جي چئيلينجن کي ادبَ جو فڪري ڪارجُ سمجھيو آھي. ڪِن نئين ٽيڪنالوجيءَ ۽ شھري تھذيب جي گُهرجن ۽ مسئلن کي تخيلاتي رنگ ۾ پيش ڪيو آھي ته ڪِن ڳوٺاڻي تھذيب ۾ سُڪون ۽ آنند جي ريکائون ڏِسي ورتيون آھن. ادراڪي سطحَ تي ڏسون ٿا ته دنيا جھانَ ۾ تخليقي ادب مختلف زمانن ۾ مختلف رنگ کڻي ماڻھؤَ جي اُجڙيل دنيا ۾، ڪڏھن نوَن نظرين جي پوک پوکيندو پئي آيو آھي ته ڪڏھن ادبُ غير نظرياتي آزاد فضائن ۾ پنھنجي تخيلاتي سفر سان پاٺڪن کي سُرور ۽ مسّرت بخشيندو پئي آيو آھي. اُھو ئي سبب آھي، جو ادبَ کي ڪنھن ھڪ پئماني تي پرکي نٿو سگھجي. اسان وٽ سنڌي ادبُ به جتي، پنھنجي زماني سازيءَ سان گڏ سفر ڪري ٿو، اُتي پرڏيھي ادب مان پڻ متاثر ٿئي ٿو. اُنھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته سنڌي تخليقي ادب ۾ جيڪي انٽليڪچوئل تخليقڪارَ آھن، تن جي تخليقن ۾ دنيا جھانَ جي تخليقي ۽ ادبي تحريڪن، لاڙن ۽ رجحانن جا اثر ملن ٿا.

زندگي مُرجهي ويل گُل جهڙي - مٺل جسڪاڻي

زندگي مُرجهي ويل گُل جهڙي

مصور حسين جي ڪهاڻين ۽ ناوليٽ تي مشتمل ڪتاب جو اڀياس

مٺل جسڪاڻي



”زندگي مُرجهي ويل گُل جهڙي“ ۾ ست ڪهاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ ڇپيل آهي، جيڪي لکيون مصور حسين ۽ مجموعي جي صورت ۾ ڇپرايون ڪنول پبليڪيشن قنبر جي ڪتاب نمبر ۹۱ ۾ ويون آهن، جنهن جو پهريون ڇاپو جون ۲۰۱۲ع ۾ آيو. ڪجهه مهينا ٿيندا ته هڪ دوست اهو ڪتاب پڙهڻ جو چيو. ڪتاب پڇائيندو پڇائيندو، نيٺ ليکڪ کان به پڇيم ته اوهان جو ڪتاب ڪٿان ملندو؟ هن جتي جو ڏس ڏنو، اتان به نه مليو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مصور پاڻ پڇيو، ته نه ملڻ جو ٻڌايومانس. هن مون کان ٽپال جو پتو پڇيو، مون ڪتاب جي قيمت موڪلڻ جي شرط تي کيس ٽپال جو پتو ڏنو، هن ان شرط تي ڪتاب موڪليو، ته قيمت نه کپي، پڙهي دل گهريو رايو ضرور ڏجو. 

Friday, July 16, 2021

ڇيلي جي عمر - سيف نياز

ڇيلي جي عمر

ننڍڙي ڪهاڻي

سيف نياز



چار ئي دوست اچي هوٽل تي ويٺا.

بيرو آرڊر وٺڻ آيو ته کيس ڇيلي جي گوشت جي ڪڙهائيءَ جو آرڊر ڏنائون!

بيرو آرڊر وٺي هليو ويو ته وري پاڻ ۾ ڀوڳ چرچا ڪرڻ لڳا.

ننڍو بيرو آيو ۽ هنن جي ميز کي ڪپڙو هڻي، صاف ڪرڻ لڳو. هورڙيان چيائينِ؛ ”ھتي ڇيلي جو گوشت صحيح نه اٿو! ٻيو ڪو آرڊر ڏيو!!“

پهرين ته چئني ڄڻن کيس حيرت مان ڏٺو ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيندي چيائونس: ”ڀلا تون هن هوٽل جي مالڪ جو دشمن آھين ڇا؟؟ ان جي روزي کوٽي پيو ڪرين!!“

Thursday, July 15, 2021

پراڻا پئسا - دريا خان شنباڻي

پراڻا پئسا

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



نالي ۽ جنس ۾ ته عورت پر اصل ۾ ڄڻ مرد. واتوڙي ۽ گاريال به اهڙي جو مردن کي ٻڌندي لڄ اچي وڃي پر پاڻ ان ڳالھ کان ماورا. ڀوڳائڻ ۽ مذاقڻ به اهڙي جو کلائي کلائي کيرو ڪريو ڇڏي. پيشو بظاهر پنڻ وارو پر ٻيو جهان به ڪشادو. چاليهن جي پيٽي ۾ آ پر پوءِ به کهي اهڙي جو ويهن ٻاويهن سالن جي ڄڻ ڪا جوان جماڻ. ناز نخرا ۽ ادائون اهڙيون جو رستي ويندن جون دليون به اچي پٽ پون. پر ڪنهن ماءُ جي لال کي جرئت نه ٿيندي جو ساڻس هٿ کئونس ڪري. پاڻ ڪنهن تي مهربان ٿئي ته واه واه نه ته ايري غيري کي ليکي به نه. جڏھن جوان هئي تڏھن به ائين ھئي. ۽ هاڻ جڏھن جواني الهڻ لڳي اٿس ته به ساڳيا پرڪار.

Tuesday, July 13, 2021

موضوع کان ٿڙيل

موضوع کان ٿڙيل

ننڍڙي ڪھاڻي

سنڌيڪار: لالا اعجاز مھيري



هڪ شاگرد استاد طرفان ورتل امتحان ۾ ناپاس ٿيو ته شاگرد شڪايت کڻي پرنسپل وٽ ويو؛ ”سر مون کي ڇو ناپاس ڪيو ويو آهي؟!“

پرنسپل، استاد کي شاگرد جي سامهون گهرائي، کانئس پڇيو؛ ”هيءُ شاگرد ڇو ناپاس ٿيو آهي؟“

استاد چيو؛ ”سر! ڇوڪري جي ناپاس ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب ھيءُ آهي ته هي هميشه پنهنجي موضوع کان ٿڙي، ٻاهر هليو ويندو آهي. موضوع کي ڇڏي پنهنجي پسند تي مضمون لکندو آهي.“

”ڪيئن؟ پرنسپال صاحب هڪ مثال طلب ڪيو.

سبب - مٺل جسڪاڻي

سبب

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



”ڪَرُو پُٽ، اڄ ته وڃ شھر، مھيني سوا جو سِيڌو وٺِي اچ، پاڙي جي مايُن پئي چيو، ساوڻ جا مينھن شروع ٿي ويا آھن. ڏسين ٿو، جڏھن کان مُئو پڪو روڊ ٺھيو آھي، پھرين مٿيون پاسو پاڻي سان ڀرجي پلٽجندو آھي، پوءِ روڊ لوڙھي، ڳوٺ ٻوڙيندو آھي. ڪنھن انڌي جي اک نه ٿي پوي، ھر سال سانوڻ ٻوڙيندو ۽ لوڙھيندو آھي. نه روڊ ٺھي ھا، نه ئي برسات جي خبر پوي ھا، پر ڀلي سيکت ھجي سڀني کي، سڀني کي روڊ پئي کتو، ھاڻي ڏين منھن...“

رت جو چڪر - غفار سومرو

رت جو چڪر

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



دير ئي ڪونه ٿي ڇوڪرو کنڀجي آيو. اوطاق واري گهاٽي نم جي ٿلهي مضبوط ٿڙ سان ٻڌجي ويو، ٻارنهن تيرنهن سال عمر، ڪڻڪائون رنگ، بت ۾ ڀريل، گول گول چهرو، ڊگهو نڪ، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان ڀريل وڏيون اکيون، ميرا گدلا ڪپڙا، پيرن ۾ ڦاٽل راٻڙي چپل.

ڀيل ٿي ڪري ڳوٺ جي وڏيري جي پٽ جي سامهون ٿيندو، موٽ ۾ گاريون ڏيندو ۽ ٿپ هڻندو ته بچي ويندو!

Monday, July 5, 2021

ڪهاڻي ڪتاب ”ميران جوڳڻ“ جو اڀياس - امداد ڪانهيو

ڪهاڻي ڪتاب ”ميران جوڳڻ“ جو اڀياس

امداد ڪانهيو



سنڌي ادب ۾ مرد تخليڪارن جي سگهاري ڪردار رهڻ سان گڏ، عورت ليکڪائن جو به جٽادار حصو رهيو آهي. جتي مرد تخليڪار سنڌي ادب جي جهول ۾ پنهنجي فنپارن جا شاهڪار سِتارا ڀريندا رهيا آهن، اُتي سنڌي جي عورت ليکڪا به هر دور ۾ ڀرپور نڀائيندي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، پوءِ اُها شاعره هُجي يا ڪهاڻيڪاره پر سندس تخليقي پورهيو ڪنهن به طرح نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

Sunday, July 4, 2021

افسانوي ڪردارن مان ورتل نفسياتي بيماريون - ڪليم ٻُٽ

افسانوي ڪردارن مان ورتل نفسياتي بيماريون

(ٻئي حصا گڏيل)

ڪليم ٻُٽ



ادب جو انساني سماج، نفسيات، ذهني اوسير ۽ ريتن رسمن تي وڏو گهرو اثر رهيو آهي. انسان ذات جي ڪجهه اهم علمن جهڙوڪر تاريخ، سماجيت، نفسيات ۽ ڪنهن حد تائين نيچرل سائنس جون پاڙون به ادب سان وڃي ملن ٿيون. گهڻي ڀاڱي تاريخ جون پاڙون اڪثر ڪري ڏندڪٿائن ۽ ايپڪس مان ملن ٿيون، جنهن جو بهترين مثال مهاڀارت، رامائڻ، پڌماوت يا اليڊ جهڙا تاريخي داستان (ايپڪس) آهن. اهڙي ريت ڪيترن مذهبن جي تاريخ جو بڻ بنياد به ڪنهن نه ڪنهن ڏند ڪٿائي يا ديومالائي قصي سان ڳنڍيل آهي.

Friday, July 2, 2021

ريشمي بوڇڻ - غفار سومرو

ريشمي بوڇڻ

ڪهاڻي

غفار سومرو



سوناري پرڻي کان پوءِ سون چاندي ته ڪو نه کڻي آئي هئي پر سندس ڀاڳ واقعي سون جهڙو سچو کرو هو. هوءَ گهڻي خوبصورت به ڪو نه هئي پر ڪردار ۽ گفتار ۾ ڏاڍي سهڻي سيبتي هئي. منهن مهانڊي ۾ موچاري، رنگ سانورو، قد پورو پنو، پر هاٺي ڪاٺيءَ ۾ مضبوط بدن واري ۽ سخت محنتڻ هئي.