Tuesday, July 13, 2021

سبب - مٺل جسڪاڻي

سبب

ننڍڙي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



”ڪَرُو پُٽ، اڄ ته وڃ شھر، مھيني سوا جو سِيڌو وٺِي اچ، پاڙي جي مايُن پئي چيو، ساوڻ جا مينھن شروع ٿي ويا آھن. ڏسين ٿو، جڏھن کان مُئو پڪو روڊ ٺھيو آھي، پھرين مٿيون پاسو پاڻي سان ڀرجي پلٽجندو آھي، پوءِ روڊ لوڙھي، ڳوٺ ٻوڙيندو آھي. ڪنھن انڌي جي اک نه ٿي پوي، ھر سال سانوڻ ٻوڙيندو ۽ لوڙھيندو آھي. نه روڊ ٺھي ھا، نه ئي برسات جي خبر پوي ھا، پر ڀلي سيکت ھجي سڀني کي، سڀني کي روڊ پئي کتو، ھاڻي ڏين منھن...“


ڪروءَ جي ماءُ مسلسل ڳالھائيندي وئي، ڪرو چپ چاپ ٻڌندو رھيو، شايد ھن جي من اندر ۾ به ڪا اھڙي ئي اڻ تڻ ھئي، پر ماڻس جو چپ نه پئي ڪئي، ته چيائينس؛ ”امان تون پريشان نه ٿي. دعا ڪر خير ھجي، ڪا بيماري بڙي نه ٿئي، ڪا مجبوري منھن نه ڪڍي، تون چئو نه چئو، برسات وسندي، روڊ لڙھندو، جيستائين برساتون بند نه ٿينديون، روڊ جو گس بند ھوندو. آئون ضروري سامان ته وٺي ايندس، دعا ڪر ته برسات خير جي گذري“.

ڳوٺاڻان سڀ دعائن ۾ يقين رکندا آھن. جھڙي موسم، تھڙي دعا گهرندا آھن. سندن ڪھڙيون دعائون اگهامن ٿيون، ڪھڙيون قبول ڪو نه ٿين، اھڙو ڪو اندازو نه ھوندو اٿن. شايد ان ڪري ئي ڪروءَ جي ماءُ چيو؛ ”ابا الله گهڻو ئي خير ڪري، پر جي پاڻ به خير گهرون، اکيون پٽيون، جتان سدائين روڊ ٽٽندو آھي، اتان جي پُل ٺھي پوي، ته روڊ جي ٻنھي پاسي، اڳي به ڪڏھن پاڻي ڪو نه بيٺو، ھاڻي به پاڻي ڪو نه بيھندو، پر مار پوي ڪا عقل ڌڻين کي، اسان ڀيري ھنن جو عقل موڪل تي ھليو وڃي“.

ڪروءَ جي ماءُ اڃان ڳالھائي ھا يا نه به ڳالھائي ھا، ڪرو چيو؛ ”امان، عقل سڀني کي آھي. خبر سڀني کي آھي. روڊ تي جيڪڏھن ضرورت وارن ھنڌن تي پلون ٺاھي ڇڏيندا، ته ھر سال ماڻھو ڪيئن ٻُڏندا؟ ماڻھو نه ٻُڏندا، ته اڌ ڪلو چانور، ڇٽانگ دال، ھڪ پڙي ڊالڊا جي ڏئي، ڪيئن جتائيندا، ته اوکي سوکي ڪم اچون ٿا. ھوڏانھن روڊ جي ھر سال مرمت جي بجيٽ به ته وٺڻي آھي، واري سان سندن چمچن جي بدلي ڪري، انھن کي به خوش ڪرڻو آھي“.

ڪرو ڳالھائيندي اوچتو محسوس ڪيو ته سندس ماءُ کي ھي ڳالھيون ٻُڌي ذرو به حيرت ڪا نه ٿي ٿئي. ھُو سمجهي ويو، ته امان نج ڳوٺاڻي، ٺپ اڻ پڙھيل ضرور آھي، پر سرشتي کي سمجهي وئي آھي، ته ھر سال برساتن ۾ روڊ ڇو ٿا ٽُٽن، ڳوٺ ڇو ٿا ٻُڏن، لڏپلاڻ ڇو ٿي ٿئي، سبب ڪھڙا ڪھڙا آھن؟

No comments:

Post a Comment