Sunday, July 4, 2021

افسانوي ڪردارن مان ورتل نفسياتي بيماريون - ڪليم ٻُٽ

افسانوي ڪردارن مان ورتل نفسياتي بيماريون

(ٻئي حصا گڏيل)

ڪليم ٻُٽ



ادب جو انساني سماج، نفسيات، ذهني اوسير ۽ ريتن رسمن تي وڏو گهرو اثر رهيو آهي. انسان ذات جي ڪجهه اهم علمن جهڙوڪر تاريخ، سماجيت، نفسيات ۽ ڪنهن حد تائين نيچرل سائنس جون پاڙون به ادب سان وڃي ملن ٿيون. گهڻي ڀاڱي تاريخ جون پاڙون اڪثر ڪري ڏندڪٿائن ۽ ايپڪس مان ملن ٿيون، جنهن جو بهترين مثال مهاڀارت، رامائڻ، پڌماوت يا اليڊ جهڙا تاريخي داستان (ايپڪس) آهن. اهڙي ريت ڪيترن مذهبن جي تاريخ جو بڻ بنياد به ڪنهن نه ڪنهن ڏند ڪٿائي يا ديومالائي قصي سان ڳنڍيل آهي.


ادب جي حوالي سان ڪيترن ئي محققن جو اهو پڻ خيال آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن جي ايجاد جو گهڻي ڀاڱي ڪارڻ سائنس فڪشن آهي ۽ ان حوالي سان هڪ جملو عام طور استعمال ڪيو ويندو آهي ”اڄوڪو سائنس فڪشن سڀاڻي جي سائنسي حقيقت آهي“. انهي جو وڏي ۾ وڏو مثال ڪمپيوٽر ۽ هٿرادو ڏاهپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) آهن، جن جي ايجاد ٿيڻ کان گهڻو اڳ انهن جو ذڪر اسان کي سائنس فڪشن ۾ پڙهڻ لا ملي ٿو. مثال جارج آر آر مارٽن جي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ لکيل سائنسي افساني ”دي نائيٽ فلائيرز“ ۾ هٿرادو ڏاهپ جو ذڪر ملي ٿو، جنهن ۾ هڪ اهڙي اڏام تشتري جو ذڪر ڪيل آهي جنهن کي هٿرادو ڏاهپ سان قابو ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ريت ڪيترائي اهڙا سائنسي افسانا ۽ ڪامڪ آهن جيئن بيٽمين، اسپائيڊرمين، ننجا ٽرٽلز يا وري هلڪ جن ۾ اسان کي جينٽڪ ميوٽيشن بابت ٻڌايو ويو، جيڪا اڄ هڪ سائنسي حقيقت بڻجي چڪي آهي.

مشهور  نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائيڊ جو افسانوي ادب جي حوالي سان خيال آھي ته ليکڪ اهو ماڻهو هوندو آھي جيڪو سندس حوس سان ڀريل خواهشن (جهڙوڪر جنسي تسڪين ۽ ڪروڌ) کي دٻائي پنهنجي تخليق کي سهڻي نموني نروار ڪندو آھي. ادب فرار جو رستو نه آھي پر ادب اندر جي تضادن سان وڙھڻ ۽ دنيا سان تعميري لاڳاپو ڳنڍڻ جو نالو آھي. ادب تخيلي هوندي به حقيقي سماج جي عڪاسي ڪندو آھي.

فرائيڊ نفسياتي تجزئي جي آڌار تي انهي نتيجي تي پهتو ته ماڻھو جنسي تسڪين ۽ ڪروڌ مان متاثر ٿيندو آھي. ماڻھو نه هجڻ برابر يا ٿورو ئي پنهنجي شخصيت تي اثرانداز ٿيندو آھي. ماڻھو جو موجوده ورتا ماضي جي ڪنهن واقعي جي آڌار تي ٻڌل هوندو آھي. ورتا گهڻي ڀاڱي لاشعور مان پيدا ٿيندو آھي.

ميجر ٽيسٽ نالي هڪ بلاگ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته افسانوي ادب ۾ اهڙي طاقت آهي جو ان ۾ ليکڪ جنهن پاسي کي ڏيکارڻ چاهي ڏيکاري سگهي ٿو. افسانوي ادب مان اسان کي اهو فائدو ملندو آهي ته اسان هڪ تصوراتي دنيا ٺاهي ان ۾ پنهنجي پنهنجي سوچ موجب تجربا ڪري سگهون. اڪثر نفسياتي خيال اصل ۾ رڳو مفروضو هوندا آهن جيڪي سولائي سان ثابت نه ٿي سگهندا آهن. انهن کي پختگي سان ثابت ڪري دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهارڻ بدران اسان ڪهاڻين، تخيل ۽ تصور جي مدد وٺندا آهيون. انهي جو وڏي ۾ وڏو مثال سگمڊ فرائيڊ جو ڏنل اوڊپس ڪامپلڪس آهي. اوڊپس واري ان قصي مان فرائيڊ اهو نتيجو ڪڍيو ته ٽن کان ڇهن سالن جي وچ واري عمر جي ٻار جي ٽنگن جي وچ واري حصي ۾ بدلا اچڻ لڳندو آهي ۽ انهي ڪري پٽ جو اولاد ما جي ويهجو ٿي ڪري پي کان ساڙ ڪرڻ لڳندو آهي ۽ خواهش ڪندو آهي ته سندس پي نه هجي. اهڙي نموني انسان ۾ انسيسٽ (incest) ڪرڻ واري خواهش جاڳي ٿي.

اهڙي ريت هڪ ٻئي نفسياتي بيماري ٻٽي شخصيت (اسپلٽ پرسنلٽي) يا گهڻ شخصي مونجهارو (ملٽيپل پرسنلٽي ڊس آڊر) جو بنياد به ننڍي هوندي ٻار سان ٿيل ڪا جنسي، ذهني يا جسماني ڏاڍائي جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ۽ پاڻ سان ٿيل ان ڏاڍائي جو بدلو وٺڻ لا ٻار خيالن ئي خيالن ۾ هڪ اهڙي ڪردار کي جنم ڏئي ٿو، جيڪو ڏاڍو طاقتور آهي ۽ ان کي دنيا جي ڪابه طاقت نه ته مات ڏئي سگهي ٿي نه ئي وري ان کي ڪو نقصان پهچائي سگهي ٿي.

ان حوالي سان ٽن نفسياتي ماهرن مارڪس ڇيتم، جرجن هنگي ۽ لوطز جينڪي 2014ع ۾ لکيل هڪ تحقيقي مقالي Identifying with fictive characters: structural brain correlates of the personality trait fantasy ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڻ کي ڪنهن ناول، ڪهاڻي، فلم يا وڊيو گيم جي ڪردار سان ڀيٽ ڏيڻ ۽ ان ڪردار جيان عمل ڪرڻ وارو موضوع تحقيق جو حصو رهيو آهي. هي رويو ايترو ته طاقتور آهي جو اک ڇنڀ ۾ ماڻهو پاڻ کي ڪنهن افسانوي ڪردار جهڙو سمجهڻ لڳندو آهي، هو پاڻ کي ناول يا فلم جي ڪنهن ورتا ۾ قيد ٿيل ڄاڻيندو آهي ۽ انهن سڀني ڳالهين کي افسانوي بدران حقيقي سمجهڻ لڳندو آهي. وري ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي اهڙن روئين ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شدت هوندي آهي. سڀني کان عام رويو جيڪو ڏسڻ ۾ اچي ٿو اهو آهيcharacter identification جو جنهن ۾ ماڻهو پاڻ کي ڪنهن افسانوي ڪهاڻي جي هيرو جهڙو تصور ڪرڻ لڳي ٿو، هو ان ڪردار جيان ڳالهائي ٿو، هلي ٿو ۽ هن جيان ئي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن عمل جنهن کي Dissociative Identity Disorder (DID) سڏجي ٿو ۽ ان کي سمجهڻ جي تمام گهٽ ڪوشش ڪئي وئي آهي.

ڪامپلڪس ۽ سنڊروم ۾ فرق:

ڊينٿرو مينن نالي صحت ۽ سائنس جي مشهور ليکڪه 2016ع ۾ healthwriterhub لا هڪ مضمون لکيو جنهن ۾ هن سنڊروم جي وصف ڪندي لکيو آهي سنڊروم ڪنهن بيماري يا ذهني مونجهاري لا هڪ کان وڌيڪ نشانيون ظاهر ٿيڻ جو نالو آهي.  اهو ضروري نه آهي ته ڪنهن مريض ۾ ڪنهن مخصوص حالت ۾ هجڻ جون سڀ نشانيون هجن، ڪڏهن هڪ نشاني يا وري هڪ کان وڌيڪ نشانيون به اهو نتجو ڏئي وينديون آهن ته مريض ڪهڙي حالت مان گذري رهيو آهي، ان ۾ ڪيتري شدت آهي ۽ اڳيان هلي اها نشاني (سنڊروم) ڪهڙي حالت ۾ مٽجي سگهي ٿي. ماڻهن ۾ هڪ عام غلطي فهمي آهي ته اهي نشانين (سنڊروم) کي به بيماري سمجهندا آهن، جڏهن ته اهي ڪنهن به صورت ۾ بيماري نه هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪنهن ماڻهن ۾ اهڙيون نشانون ظاهر ٿيڻ لڳنديون جن کي سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي. انهن جو سڌو سئون واسطو ماڻهو جي ذهني ۽ جسماني ڪيفيتن سان هوندو آهي، اهي نشانيون ڪيفيتن جي ڪري گهٽجنديون ۽ وڌنديون رهنديون آهن. هڪ پل ماڻهو کي ڏاڍي ڪاوڙ اچي ويندي آهي، پاڻ کي ۽ ٻين کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪري ڇڏيندو آهي پر ڪجهه وقت کانپو ان ڪيفيت ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي آهي. 

ان جي ڀيٽ ۾ ڪامپلڪس جو ڪنهن حد تائين واسطو ماضي جي خراب يادگيرين سان هوندو آهي، جيئن ڪنهن ماڻهو کي لڳي ته هن کي ننڍي هوندي اجايو نظرانداز ڪيو ويو، يا سندس ما پي هن جي ڀيٽ ۾ سندس ٻين ڀائرن ڀيڻن سان وڌيڪ محبت ڪندا هئا، يا رکي رکي ماڻهن کي اهو خيال اچي وڃي ته هو زندگي ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهي ۽ ناڪامي واري زندگي گذاري رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو کي اهو به لڳندو آهي ته هن جي ڪابه اهميت نه آهي ۽ جيڪڏهن هو مري به ويو ته ڪنهن تي ڪو به فرق نه پوندو. اهڙي ڪيفيتن جي ڪري اڪثر ڪري آپگهات ڪرڻ جي خواهش جاڳي پوندي آهي جنهن کي suicidal tendency چئجي ٿو. عام طور تي ماڻهو ۾ ٻه ڪاملڪس ٿين ٿا هڪ محرومي جو احساس (Inferiority complex) ۽ ٻيو برتري جو احساس (Superiority complex).

آمريڪن سائڪالاجيڪل ايسوسئشن موجب لفظ ڪامپلڪس پهريون ڀيرو سئزرلينڊ جي نفسياتي ماهر ڪارل جنگ استعمال ڪيو. هن موجب هر ماڻهو ۾ ڪي مخصوص احساس، يادگيريون، خواهشون ۽ شين کي مختلف طريقي سان پرکڻ جا انداز هوندا آهن. جن کي ماڻهو وسارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي يا وري پاڻ تي ڏاڍ ڪري انهن کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪامپلڪس جا ڪجهه مک قسم آهن جن مان ٻن جو ذڪر مٿي ڪيو آهي، ان کانسوا نقصان ڏيندڙ (Persecution complex) جنهن ۾ ماڻهو کي لڳندو آهي ته سڄي دنيا سندس دشمن آهي ۽ کيس هر ڪو مال ملڪيت يا جاني نقصان ڏيڻ گهري ٿي.

ميڊونا هور (Madonna-Whore Complex) جنهن ۾ ماڻهو کي سندس ساٿي مان گهربل جنسي سڪون نه ملندو آهي ۽ جڏهن اهو ماڻهو سندس ساٿي ڏانهن ويندو آهي ته جنسي عمل دوران سندس ساٿي کيس يا ته پاڪدامن، سچو ۽ هن سان پيار ڪندڙ لڳندو آهي. يا وري سندس ساٿي کيس ڪنهن ڪڃري جي روپ ۾ نظر ايندو آهي. هي مونجهارو گهڻي ڀاڱي مردن ۾ ٿيندو آهي.

ديوتا يا خدائي جو احساس (God Complex) جنهن ۾ ماڻهو کي لڳندو آهي ته هو ڪو ديوتا يا خدائي طاقتون رکندڙ آهي ۽ انسانن جو ڇوٽڪارو هن وٽ ئي آهي.

ڏوهه جو احساس (Guilt Complex) جنهن ۾ ماڻهو کي لڳندو آهي ته هن سان جيڪو به غلط ٿي رهيو آهي ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي سندس ئي ڏوهه آهي.

شهادت ماڻڻ جو احساس (Martyr Complex) جنهن ۾ ماڻهو کي اهو احساس ٿيندو آهي ته جيڪڏهن هو ڀوڳيندو ۽ سور سهندو ته ڪير به هن کي نظرانداز نه ڪري سگهندو.

افسانوي ۽ ڏندڪٿائي ڪردارن جي نالن واريون نفسياتي بيماريون: 

ائين ته ڪيتريون ئي ذهني بيماريون ۽ نشانيون آهن جن جو نالو ڪنهن افسانوي ڪردار تان کنيو ويو آهي، پر نفسيات جي علم جي ماهرن لڳ ڀڳ ۱۵ يا ۱۶ بيمارين ۽ نشانين جو وري وري ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ نرگيسيت، اوڊپس ڪامپلڪس، پوليانا سنڊروم، ڊورين گري سنڊروم، سنڊريلا ڪامپلڪس، سپرمين ڪامپلڪس، پيٽر پين سنڊروم، فن سنڊروم، اوٿيلو سنڊروم، سليپنگ بيوٽي سنڊروم، منچوئسن سنڊروم، ايلس سنڊروم، اوپيليا سنڊروم، بيمبي ڪامپلڪس، ليئر ڪامپلڪس ۽ ريپنزل سنڊروم آهن. انهن مان اڪثر ذهني بيمارين ۽ نشانين جو ذڪر ڪرسٽن هنٽ سال ۲-۱۶ع ۾ هڪ مضمون ۾ ڪيو. جيڪو www.mentalloss.com نالي ويب سائٽ تي رکيل آهي. هتي ڪجهه اهم نفسياتي مونجهارن جو مختصر حوالو ڏجي ٿو، جن ۾ اوٿيلو سنڊروم، پوليانا سنڊروم، سنڊريلا ڪامپلڪس ۽ اوپليا سنڊروم شامل آهن.

۱_ اوٿيلو سنڊروم: اوٿيلو انگريزي جي مشهور ڊرامانويس وليم شڪسپيئر جو لکيل ڊرامو آهي جنهن لا اهو اندازو هنيو ويندو آهي ته اهو هن ۱۶-۳ع ۾ لکيو. هن ڊرامي جا ٻه مک ڪردار اوٿيلو ۽ آئگو آهن. اوٿيلو وينس جي فوج جو جنرل آهي، جيڪو عثامني سلطنت خلاف جنگ واري شام اهو عهدو سنڀالي ٿو. هن تازو ئي پاڻ کان عمر ۾ ننڍي مائي ڊيسڊمونا سان شادي ڪئي آهي جيڪا سهڻي هجڻ سان گڏ مال ملڪيت واري آهي. ڊيسڊمونا اوٿيلو سان پي جي مرضي نه هوندي به شادي ڪري ٿي. اوٿيلو جي شادي تي سندس نائب هن کان ساڙ ڪرڻ لڳي ٿو ۽ هوريان هوريان کيس سندس زال خلاف ڀرڻ شروع ڪري ٿو ۽ اوٿيلو کي زال جي ڪردار تي شڪ ٿي پوي ٿو ۽ نيٺ کيس ان شڪ جي بنياد تي قتل ڪري ڇڏي ٿو.

سال ۱۹۵۵ع ۾ جان ٽوڊ نالي هڪ انگريز نفسياتي ماهر جرنل آف نروس اينڊ مينٽل ڊس آرڊر  ۾ هڪ مقالو لکيو جنهن هن پهريون ڀيرو اوٿيلو سنڊروم جو نالو ڏنو، ان کي Delusion of Infidelity به سڏيو وڃي ٿو. نفسياتي ماهرن موجب هي سنڊروم عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. ان ۾ اوچتو ئي اوچتو ڪنهن مرد کي خيال ايندا آهن ته سندس زال يا محبوبه هن سان سچي نه آهي، هن جا ڪنهن ٻئي مرد سان جنسي لاڳاپا آهن، اهڙي ڳالهه جا هن وٽ ڪي به ثبوت نه هوندا آهن، پر پو به شڪ ڪندو رهندو آهي، نيٺ اهو شڪ ايترو ته وڌي ويندو آهي جو ماڻهو، طلاق ڏيڻ، قتل يا خودڪشي ڪرڻ جي حد تائين پهچي ويندو آهي. اهڙيون نشانيون هوريان هوريان يا اوچتو ئي ظاهر ٿي پونديون آهن، جنهن جو ڪارڻ شيزوفرنيا، گهڻو شراب پيڻ يا نشو ڪرڻ ٿي سگهي ٿو. ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن مرد کي لڳي ته هن جي زال هن کان وڌيڪ سهڻي آهي، جوان آهي يا وري هن کان وڌيڪ پيسا ڪمائي ٿي.

ان حوالي سان ضراب حيدر جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”حيدرآباد“ جي هڪ ڪهاڻي ”نما شام جسم“ جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو جنهن جي پڄاڻي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته جڏهن ڪهاڻي جو مک ڪردار رات دير سان گهر پهچي ٿو ته بيمار زال جي ويهاڻي هيٺان کيس ٽڪين جو پتو ملي ٿو، جڏهن هو زال کان پڇي ٿو ته ٽڪيون ڪٿان آيو ته هو کيس ٻڌائي ٿي ته سندس مائٽ وٺي ڏئي ويو آهي. جنهن تي همراهه کي شڪ ٿئي ٿو ته سندس زال ان مائٽ سان کريل آهي ۽ بنا تصديق جي ئي زال کي ماري ڇڏي ٿو.

هن کي ڊليوزنل جليسي، موربڊ جليسي، ايروٽڪ جليسي، سيڪسئول جليسي يا اوٿيلو سائڪوسس به سڏجي ٿو.

۲_ پوليانا سنڊروم: پوليانا مشهور آمريڪي ليکڪ ايلينور ايڇ پوٽر جو ٻاراڻو ناول آهي جيڪو ۱۹۱۳ع ۾ ڇپيو ۽ هن کي ٻارڻي ادب ۾ ڪلاسڪ مڃيو وڃي ٿو. هن ناول جي ڪاميابي کانپو ناول جا يارنهن سيڪوئل لکيا ويا. جڏهن ته ناول تي ڪيتريون فلمون به ٺهيون آهن. هي ناول پوليانا نالي يارنهن سالن جي يتيم ٻارڙي جي ڪهاڻي آهي جيڪا بليڊنگس ويل نالي هڪ خيالي شهر ۾ سندس ماسي پولي سان رهڻ لڳي ٿي. پولي هن کي پالڻ نٿي چاهي، پر ان ذميواري جي احساس هيٺ ته هو سندس ڀيڻ جي ڌي آهي پوليانا کي پالي ٿي. پوليانا جي شخصيت تي ”دي گليڊ گيم“ نالي راند جو وڏو گهرو اثر آهي، اها راند هن سندس پي کان سکي ۽ ان ۾ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ماڻهو کي هر صورتحال ۾ خوش رهڻ گهرجي، پو ڀلي اها صورتحال ڪيڏي به خراب ڇو نه هجي. اهڙي راند ۽ سندس خوشمزاج شخصيت جي ڪري پوليانا سندس ماسي جي زندگي خوشين سان ڀري ڇڏي ٿي ايتري تائين جو ماڻهو چوڻ لڳن ٿا ته جيڪڏهن خوش رهڻو آهي ته ان ننڍڙي شهر جتي پوليانا رهي ٿي اتي وڃي رهو. ناول ۾ اڳتي اهو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪجهه وقت کانپو هڪ روڊ حادثي ۾ پوليانا جي هڪ ٽنگ ڪٽجي وڃي ٿي. شروع شروع ۾ ته هن تي ان جو ڪو خاص اثر نٿو ٿئي پر وقت گّذرڻ سان هو بستر تي اچي وڃي ٿي ۽ ان ۾ کيس ڪا به مسرت نٿي ملي. پو هوريان هوريان پاڙي وارا پوليانا سان ملڻ اچن ٿا ۽ کيس ٻڌائين ٿا ته ڪيئن هن جي ڪري سندن زندگين ۾ خوشيون آيون آهن.

سال ۱۹۷۸ع ۾ ٻن نفسياتي ماهرن مارگريٽ مٽلن ۽ ڊيوڊ اسٽنگ مختلف نفسياتي تجزين کانپو پوليانا پرنسيپل يا پوليانا سنڊروم جي ڳالهه ڪئي. انهن جي تحقيق موجب ڪجهه ماڻهن جو دماغ رڳو سٺين يادگيرين، ڳالهين يا ڪمن کي ياد رکي ٿو ۽ هنن کي رڳو ماضي جون سٺيون ڳالهيون ئي ياد رهن ٿيون، کين پاڻ سان ٿيل ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو يا ڳالهه ياد نٿي رهي.

جديد تحقيق موجب ماڻهن جو اهڙو ورتا سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندي به ظاهر ٿئي ٿو، آمريڪا ۾ مختلف ماڻهن جي ٽوئيٽر اڪائونٽن جو جائزو ورتو ويو ۽ اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته ماڻهو گهڻي ڀاڱي رڳو سٺيون ڳالهيون ئي ياد رکن ٿا ۽ انهن کي وري وري شئير به ڪن ٿا. ان هوندي به پوليانا سنڊروم ماڻهن ۾ ڊپريشن ۽ اينزائٽي کي وڌائي ڇڏي ٿو.

ڪيترين ئي نفسياتي ماهرن جو اهو خيال آهي ته جيتوڻڪ هي سنڊروم ڪجهه  صورتحالن ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، پر زندگي جي ڪيترن ئي مونجهارن ۽ مرحلن تي اهو رويو نقصان ڏيندڙ به ثابت ٿئي ٿو، جيئن ان سنڊروم جي ڪري هر ماڻهو تي هڪدم اعتبار ڪري ويهڻ جي ڪري ماڻهو کي وڏو نقصان پهچي ٿو.

۳_ سنڊريلا ڪامپلڪس:  سنڊريلا ۱۸۱۲ع  ۾ گرمس ڀائرن پاران ترتيب ڏنل ”گرمس فيري ٽيلز“ جي مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سنڊريلا نالي هڪ جوان ڇوڪري سندس ماٽلي ما ۽ ٻن ماٽلين ڀيڻن سان گڏ رهي ٿي، سنڊريلا ٻنهي ماٽلين ڀيڻن کان وڌيڪ سهڻي آهي، ان ڪري اهي هن کان سڙن ٿيون ۽ هن سان نوڪرياڻي وارو ورتا ڪن ٿيون. ڪجهه ڏينهن ۾ شهزادو هڪ عام دعوت جو اعلان ڪري ٿو، جنهن ۾ سموري رياست جي خوبصورت ڇوڪرين مان ڪنهن هڪ سان شهزادو شادي ڪندو. پر جيئن ته سنڊريلا وٽ نه ڪي سٺا ڪپڙا آهن نڪو ئي وري ڪي جتا، ان ڪري هو ان دعوت ۾ نٿي وڃي سگهي ۽ ڏکاري من سان گهر جي ڪم ۾ لڳي وڃي ٿي. ان وقت هڪ پري هن وٽ اچي ٿي ۽ جادو جي زور تي سندس ڪپڙا جتا وغيره اهڙا ڪري ڇڏي ٿي ڄڻ ڪنهن شهزادي جا ڪپڙا هجن. اها پري ڪدو مان سنڊريلا لا هڪ بگي ڪري وٺي ٿي ۽ سنڊريلا کي هدايت ڪري ٿي ته اڌ رات کان اڳ کيس ان دعوت مان موٽي اچڻو آهي. سنڊريلا جڏهن دعوت ۾ پهچي ٿي ته کانس پري سان ڪيل واعدو وسري ٿو وڃي ۽ رات جي ٻارنهن جو گهنڊ وڄي ٿو ته هو دعوت ڇڏي گهر ڏانهن ڀڄي ٿي، ان وچ ۾ جادو جو اثر ختم ٿيڻ لڳي ٿو ۽ سندس ڪپڙا، بگي وغيره اصلي شڪل ۾ اچڻ لڳن ٿا، ڏاڪڻن تان لهندي سندس پير مان شيشي مان ٺهيل خوبصورت جتي جو هڪ پادر لهي وڃي ٿو. جيڪو محل جي سپاهين کي ملي ٿو، جنهن کانپو شهزادو اعلان ڪري ٿو ته هو رڳو انهي ڇوڪري سان شادي ڪندو جنهن کي شيشي جو اهو پادر پورو ايندو. ائين سپاهي گهر وڃي هر ڇوڪري کي اهو پادر پارائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ائين سپاهي سنڊريلا جي گهر اچن ٿا، سندس ٻئي ماٽليون ڀيڻون جتو پائين ٿيون پر کين پورو نٿو اچي. ان تي سپاهي انهن کان پڇي ٿو ته گهر ۾ ٻئي ڪا ڇوڪري ته نه آهي، جنهن اهي سنڊريلا جي هجڻ کان منع ڪري ڇڏين ٿيون، پر سپاهي جي نظر هن پئجي وڃي ٿي. جڏهن سنڊريلا اهو جتو پائي ٿي ته کيس پورو اچي وڃي ٿو ۽ شهزادي سان هن جي شادي ٿي وڃي ٿي.

سنڊريلا ڪامپلڪس جو ذڪر پهريون ڀيرو ڪوليتي ڊولنگ نالي نفسياتي ماهر سندس ڪتاب ”سنڊريلا ڪامپلڪس: وومنز فيئر آف انڊيپينڊنس“ ۾ ڪيو، هي ڪتاب سال ۱۹۸۱ع ۾ چپيو. ڊولنگ هن ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته هي ڪامپلڪس گهڻي ڀاڱي مائين ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن اهو احساس ٿيڻ لڳندو آهي ته اهي ماڻهن سان سٺو هلن ٿيون پر ماڻهو کين اها موٽ نٿا ڏين، پو ڀلي اهي انهن جا گهرڀاتي هجن يا وري مٽ مائٽ ۽ دوست. اهي مايون محرومي جي احساس هيٺ رهن ٿيون ۽ اڳيان هلي کين لڳي ٿو ته سندن مڙسن وٽ به هنن جي ڪا اهميت نه آهي. جيئن جيئن سندن عمر وڌڻ لڳي ٿي ته هي ڪامپلڪس به وڌندو وڃي ٿو ۽ انهن ۾ اها خواهش پيدا ٿي وڃي ٿي ته هڪ ڏينهن ڪو ايندو ۽ کين هر شيءِ کان بچائي آجو ڪندو.

۴_ اوپيليا سنڊروم:  اوپيليا به وليم شڪسپيئر جي هڪ مشهور ڊرامي هيملٽ جو ڪردار آهي، هو ڊينمارڪ جي وڏ گهراڻي جي ڇوڪري آهي ۽ شهزادي هيملٽ جي ٿيڻ واري زال آهي، پر هيملٽ جي بدلي وٺڻ ۽ سندس ردعمل جي ڪري چري ٿي وڃي ٿي ۽ سندس زندگي زوال جو شڪر بڻجي وڃي ٿي.

سال ۱۹۸۲ع ۾ ڊاڪٽر ڪار نالي هڪ نفسياتي ماهر ڪجهه تجربا ڪيا ۽ پنهنجي مريضن جي يادگيري ختم ٿي وڃڻ کي اوپيليا سنڊروم جو نالو ڏنو.  ڊاڪٽر ڪار چار سالن جي تجربن کانپو اهو نتيجو ڏنو ته انساني زندگي ۾ ڪيترائي اهڙا وقعا ٿيندا آهن جن تي ماڻهو جو ڪو به وس نه هلندو آهي، جنهن جي ڪري اهو ماڻهو ڪيترن نفسياتي مونجهارن ۾ ڦاسي پوندو آهي ۽ نيٺ بنا ڪنهن ارادي جي پاڻ کي نقصان رسائي ويهندو آهي. هي نفسياتي مونجهارو گهڻي ڀاڱي ماين ۾ ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري ڊپريشن، ننڊ جو نه اچڻ ۽ غير منطقي سوچون اچڻ واريون نشانيون ظاهر ٿينديون آهن. هن ذهني ڪيفيت وارو ماڻهو اهو فيصلو نه ڪري سگهندو آهي ته هو ڪهڙي پاسي بيهي يا ڪنهن جو ساٿ ڏئي ۽ پو وري صحيح فيصلو نه ڪرڻ جو ڏوهه ٻين کي ڏيندو آهي ۽ هوريان هوريان چريو ٿيڻ لڳندو آهي.

اهڙي ريت انساني زندگي جي ٻين ڪيترن ئي پاسن کي افسانوي ادب متاثر ڪندو رهي ٿو ۽ انهن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندو رهي ٿو، انهي ڪري افسانوي ادب جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

 

(پورو ٿيو)

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment