Thursday, July 15, 2021

پراڻا پئسا - دريا خان شنباڻي

پراڻا پئسا

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



نالي ۽ جنس ۾ ته عورت پر اصل ۾ ڄڻ مرد. واتوڙي ۽ گاريال به اهڙي جو مردن کي ٻڌندي لڄ اچي وڃي پر پاڻ ان ڳالھ کان ماورا. ڀوڳائڻ ۽ مذاقڻ به اهڙي جو کلائي کلائي کيرو ڪريو ڇڏي. پيشو بظاهر پنڻ وارو پر ٻيو جهان به ڪشادو. چاليهن جي پيٽي ۾ آ پر پوءِ به کهي اهڙي جو ويهن ٻاويهن سالن جي ڄڻ ڪا جوان جماڻ. ناز نخرا ۽ ادائون اهڙيون جو رستي ويندن جون دليون به اچي پٽ پون. پر ڪنهن ماءُ جي لال کي جرئت نه ٿيندي جو ساڻس هٿ کئونس ڪري. پاڻ ڪنهن تي مهربان ٿئي ته واه واه نه ته ايري غيري کي ليکي به نه. جڏھن جوان هئي تڏھن به ائين ھئي. ۽ هاڻ جڏھن جواني الهڻ لڳي اٿس ته به ساڳيا پرڪار.


پيءُ ماءُ نالو ته رکيس ميران پر دنيا هن جو نالو رکيو مِيري باگڙياڻي.

تنهن ڏينهن رئيس صحبت خان وٽ پنهنجي مڙس خلاف دانهن کڻي آئي ته هو کيس بيجا مارڪٽ ڪري ٿو، سو سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو.

رئيس صحبت خان به پنهنجي تر علائقي جو مڙس ماڻھو، مهلائتو ۽ پُڄت وارو، پنهنجي راڄ ڀاڳ وارو، فيصلا به ائين ڪري جو اصل مکڻ مان وار ڪڍي ڏيکاري. فيصلي وقت اڇو جوڙو پائي، بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌي، اجرڪ يا پوتڙي سان چيلھ ۽ گوڏا ٻڌي ڪانڀ ڪڍي ويهبو ۽ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌبيون. گهڻي جهڳ جهڳان کي برداشت ڪري وٺبو. فيصلو ڀل خون جو هجي، فصل جي ڀيل تان ٿيل جهيڙي جو هجي، زميني تڪرار جو هجي يا سڱاوتي ناٺاھ جو هجي. فيصلو اهڙو ته توري تڪي ڪبو جو واه واه ٿي وڃي. ڪچي پڪي ۾ ماڻھو هڪٻئي کي مثال ڏئي چون ته؛ “فيصلا ڪري ته رئيس صحبت خان ڪري نه ته بس.”

مِيريءَ رئيس وٽ پنهنجي مڙس خلاف فيصلي جي ڇا ڳالھ ڪئي، ڄڻ جهنگ کي باھ لڳي وئي. رونشي ڪوڏين جا الڳ تبصرا ٿيڻ لڳا ته؛ “اصل ۾ چڪر ڪو ٻيو هوندو، بس ڳالھ مڙئي مار ڪٽ جي آھي!”

ڪو چوي؛ “جوانيءَ ۾ جهنگ جهاڳيندي رهي. هاڻي سندس گهرواري جي غيرت جاڳي آھي!” جيترا وات اوتريون ڳالهيون.

هڪ حجائتي نيٺ رئيس صحبت خان کي چيو ته؛ “ڇڏ رئيس! هاڻي باگڙين جا فيصلا به ڪندين!”

رئيس ورندي ڏيندي چيس؛ “ادا شايد باگڙين جو فيصلو ڪرڻ به پنهنجي حياتيءَ ۾ رهيل هيو، سو به ڪري وٺنداسين. ڇوري بازن ۽ رن-چورن جا به فيصلا ڪياسين. ڪاٽڪوئن جا، گڏھين دسڻ وارن ۽ ڪتين سان ڪارن جا به فيصلا ڪياسين. هي ته وري به زال مڙس آھن، جي ٺھي هليا ته هٿئون ڀلو نه ته وڃي ڦلھيار ڦڪين.”

آخر اهو ڏينهن به آيو، جڏهن رئيس جي اوطاق تي باگڙي ٻارين ٻچي اچي ڳاھٽ ٿيا. اوطاق ۾ ٻارن جا ريهاٽ ۽ ڪيهاٽ هجن. رئيس جي اوطاق نه ٿي ڄڻ باگڙين جو ويڙھو ٿيو. باگڙين سان گڏ اچي ٻي خلق به ٽٽي.

رئيس صحبت خان، فيصلي جي ساڏين لاءِ چانورن جي ڀت جي هڪ ديڳ به لھرائي. بجاءِ کٽن تي ويهڻ جي ڪافي باگڙي ته رجھندڙ ديڳ جي پاسي ۾ وڃي ويٺا ۽ ڦري ڦري چون؛ “ديڳ لھڻ ۾ باقي گهڻا منٽ لڳندا؟”

ڪنهن وڃي رئيس کي ڪن ڀڻڪ ڪئي ته؛ “هنن نڀاڳن کي پهريان ماني کارايو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو، بک ۾ ديڳ جي اڳيان پويان ڦري اهڙو ته بيزار ڪيو اٿن جو ڄڻ رڻ جهاڳي آيا هجن.”

رئيس جي اجازت سان هنن کي ماني ملي. ڍڍ ڀري، نوبنا ٿيا. ڊشون پليٽون کڄي ويون. کٽون ڇنڊجي ويون. هٿ ڌوپجي ويا ۽ هڪ دفعو ٻيهر اچي کٽن تي ويهي رئيس جو انتظار ڪرڻ لڳا.

ٿوري دير ۾ رئيس به ڪچهريءَ ۾ پهتو ۽ اچي پنهنجي کٽ تي ٻه پُڙائين اجرڪ سان ڪانڀ ڪڍي ويٺو. کيس اڇو جوڙو پاتل ھيو ۽ مٿي تي بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌل ھيس. پٽڪي جو طُرو، آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو هيس.

“ها بابا! ڪنهن جو فيصلو آھي؟” رئيس پڇيو.

سامهون ويٺل کٽ تي مِيريءَ چيس؛ “رئيس! منهنجو فيصلو آھي!”

“ڪنهن سان؟” رئيس پڇيس ته ٻيءَ کٽ تي ويٺل پنهنجي مڙس ڏانهن اشارو ڪندي چيائين؛ “او هن سان!”

“هي تنهنجو ڇا ٿئي؟”

“رئيس! منهنجو مڙس آھي!”

“ڪهڙي شڪايت آھي؟”

“مون کي ماري ٿو!”

“ڇو ٿو ماري؟”

“نشو ڪندو آ!”

“ڪهڙو نشو؟”

“ٺرو پيئندو آ!”

“نشي لاءِ پئسا ڪٿان آڻيندو آ؟”

“ان لاءِ ته جهيڙو ڪندو آ!”

“هي ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آ؟”

“گهر ويٺو هوندو آ!”

“۽ تون ڇا ڪندي آن؟”

“مان پنندي آھيان!”

“پنڻ مان گهڻا پئسا ٺھندا آھن؟”

“ٽي چار سؤ روپيا!”

“ٻيو ڪو گذارو؟” رئيس پڇيو ته ڪنڌ هيٺ ڪيائين ۽ ڪچهريءَ ۾ “خي خي” جا آواز اچڻ لڳا، رئيس هڪ رعب واري نظر ڦيرائي ته خاموشي ڇانئجي وئي. رئيس، سامهون ويٺل مِيريءَ جي مڙس سان مخاطب ٿيندي چيو؛ “ڇا تنهنجي زال سچ پئي چوي؟”

“هائو سائين سچ پئي چوي!”

“گهڻا ٻار اٿئي؟”

“سائين چار!”

“اڙي ڪجھ شرم ڪر، تنهنجي زال تو کي به کارائي ۽ تنهنجي ٻچن کي به پالي!” رئيس چيو ته هن اکيون هيٺ ڪيون ۽ وڌيڪ چيائين؛ “نشو به ڇڏ ۽ گهرواريءَ سان به اجايو نه وڙھ!”

“جي سائين!” هن چيو ۽ پوءِ چيائين؛ “رئيس! ماڻھن ڏي ڪجھ پئسا رهيل آھن سي به نه ٿا ملن!”

“پئسا!!؟” رئيس پڇيو ته مِيريءَ وچ ٽپ ڏئي چيو؛ “هائو رئيس پئسا!”

“ڪنهن ڏي رهيل آھن؟”

“بس ڇڏيو رئيس.....” مِيريءَ ڪنڌ ھيٺ ڪري چيو.

“ائين ڪيئن ڇڏيو بابا، اوهان جو حق اوهان کي ملڻ کپي، ان ۾ ڇڏڻ جي ڪهڙي ڳالھ!” رئيس چيو.

“پنهنجي راڄ ڏي ته رهيل ناهن باقي......”

“باقي!؟”

“بس ڇڏيو رئيس، پراڻا پئسا آھن، مون کي شرم ٿو اچي!” مِيريءَ چيو.

“ان ۾ شرم جي ڪهڙي ڳالھ آ، پئسا به پراڻا ٿيندا آھن ڇا؟ جنهن ڏي به رهيل آھن مان ٿو وٺرائي ڏيان!” رئيس مڇ تي ھٿ ڦيريندي چيو.

ميريءَ هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ چيائين؛ “رئيس اوهان ڏي!”

“مون ڏي!!؟” رئيس هڪو ٻڪو ٿي ويو، جو ايترو به نه پڇي سگھيو ته ڇا جا؟

“جي رئيس! اوهان ڏي! اوهان کي شايد ياد نه هجي! پر مون کي ياد آھي! منهنجي اڃا شادي به نه ٿي هئي جو هڪڙيءَ رات...... منهنجو مطلب آھي ته ان رات اوهان کي مُڙسي نه ٿي هئي، سو اوهان مون سان منهنجا ٻولايل پئسا به ڪو نه ڏنا. مون چيو به ته منهنجي عزت ته سمجهو، اوهان اڳيان لهي چڪي آھي. پر اوهان چيو هيو ته جڏھن پاڻ مليا ئي ڪو نه آھيون ته پوءِ پئسا ڇا جا؟ مون به ان رات واعدو ڪيو هيو ته جيڪڏھن ست راڄيءَ ۾ مون اوهان کان پنهنجو حق نه ورتو ته منهنجو نالو به ميران ناهي!”

ميران باگڙياڻي خاموش ٿي وئي. ڪچهريءَ ۾ به سانت ڇانئجي وئي. رئيس صحبت خان جو جنهن مهل ڪنڌ هيٺ جهڪيو ته سندس پٽڪي جو طُرو به ائين هيٺ ڍُرڪي پيو، جيئن بيمار ڪڪڙ جو ڳاٽو هيٺ ڍُرڪي پوندو آھي.

 

(درياھ خان شنباڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment