Monday, March 30, 2020

سنڌي ڪهاڻي - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو


سنڌي ڪهاڻي
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو ارتقاءَ جو عمل جاري آهي، تنهن کي ڪنهن حد تائين پنهنجي ماحول جي اثر ۽ ليکڪن جي سوچ جي وهڪري جي روشنيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. گذريل پنجن ستن سالن ۾ جيڪي نوان ڪهاڻيڪار اُڀريا، تن کي چڱي حد تائين همت افزائي وارا ٻول مليا. کين ساراهيو ويو. اڪثر کي سندن دوستن کان بيجا داد به مليو. (جيڪو هر حالت ۾ فائدو ڪو نه ڪندو) اُن داد کي عام ٻوليءَ ۾ پوزي ڏيڻ چئبو آهي. اُن پوزيءَ ملڻ تي ڪي ته ڦونڊجي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويا ۽ پنهنجي نئين ٽهيءَ جي ڏيڍ چانور جي جدا ديڳڙي چاڙهي ويٺا. شايد سندن نادان دوستن کين ضرورت کان گهڻو ۽ اجايو واکاڻيو. واکاڻ ليکڪ لاءِ ضروري به آهي پر ڪڏهن اُها ليکڪ لاءِ قلم مڏو ڪندڙ ڪاروائي جو ڪم به ڪندي آهي.

Saturday, March 28, 2020

فور ان ون - شھربانو ڪاڪا


فور ان ون
فلئش فڪشن
شھربانو ڪاڪا
منهنجي هڪڙي سهيليءَ ڪنهن ڪم سان فون تي ڳالهايو. حال احوال ڪندي پڇيومانس؛ ”لاڪ ڊائون ۾، وقت ڪيئن ٿو گذرئي؟“
چوڻ لڳي؛ ”ڀيڻ! هڪ ته سڄو ڏينهن ٻارن جو ڏول پيو پوي. ٻيو اسڪول اڳيئي بند. ٽيون ٽيوشن ۽ قاري صاحب جو اچڻ به بند. مٿان وري خبر ڪا نه اٿئي ته منهنجو مڙس، هونئن ته ڀلو آهي پر اڄڪلھ فور ان ون ٿي پيو آهي.“
پڇيم؛ ”اهو وري ڪيئن؟“

ڪمائڻ جو گُرُ


ڪمائڻ جو گُرُ
فلئش فڪشن
استاد خالد
هڪ ڏينهن بس ۾ ويٺو، بس هلڻ جو انتظار پئي ڪيم ته هڪڙو همراهه آيو ۽ چيائين؛ ”ٻن ڏينهن کان بُک تي آهيان، منهنجي مدد ڪر!“
مون کي سندس چهرو ڏٺل لڳو. ذهن تي زور ڏنم ته ياد اچي ويو.
پڇيومانس ته؛ ”تون اهو ئي آهين نه جنهن ڪتاب لکيو هيو، ’دولت ڪمائڻ جا سؤ گُرَ!‘“
چيائين ته؛ ”ها! مان اهو ئي آهيان.“
چيومانس؛ ”تون پاڻ پنندو ٿو وتين ۽ ٻين کي گُرَ ٿو ٻڌائين.“
چوڻ لڳو؛ ”هيءُ به انهن سؤ گُرَن مان هڪ گُرُ آهي.“

(استاد خالد جي فيسبڪ وال تان کنيل)

وارياسا وجود - (تبصرو) - سنگتراش صحرائي


وارياسا وجود
ڪهاڻي ڪتاب تي تبصرو
تبصرو: سنگتراش صحرائي
ڪهاڻيڪار: نصير ڪنڀر
هي نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين جو ڪتاب “وارياسا وجود” آهي. ڪتاب ۾ ڪُل ۱۹ ڪهاڻيون آهن، جن مان اڪثر ڳوٺاڻي سماج جي قدرن، ريتن، رسمن ۽ ڪردارن جي نفسيات تي ڪمال ڪاريگريءَ سان لکيون ويون آهن. رومانس، پاڻ ارپڻ، عشق، تڙپ ۽ وڇوڙي تي پڻ انتهائي نفاست سان نڀايل آهي.
“بند ٽوڙي آيل ڳوڙها” پهرين ڪهاڻي آھي، جيڪا پُٽ ڄمڻ جي روايتي سوچ رکندڙ ڪردارن پويان ڦرندڙ آهي. جنهن ۾ عام ماين جا طنزيه، حسد ۽ ساڙ ڀريا جملا ڪهاڻي جي سونهن آهن. “ايئي موڀي پُٽ هجي ته ڀلو نه، ڌيءَ ته پرايو ڌڻ..” يا وري “ائي ماسي ڏسين ڪو نه ٿي، ڇوڪري هلڻ مهل پهرين ساڄو پير پئي کڻي.....” يا وري دل ۾ چُڀندڙ جملا ته “انسان ۽ ڪاٺي جي اندر جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟” دراصل هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙي رواجي مرد سارنگ پنهنجي زال صالحان سان ڌيءَ ڄمڻ تي ڳالهائڻ ئي ختم ڪري ڇڏي ٿو. ڌيءَ کان اڳ، وڏي انڊر اسٽينڊنگ هُجي ٿي. ٻئي طرف سليم ۽ سندس زال آهي، سليم جي زال کي پڻ اهو ئي کُٽڪو رهي ٿو ته سندس ور، ڌيءَ کانپوءِ سارنگ وانگر بڻجي ويندو... پر کيس حيرانگي تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن سليم ننڍڙي ‘بختور’ کي کڻي نرڙ تي چُمي ڏئي ٿو ۽ ٻه خشڪ ڳوڙها، سندس ڳلن ۾ جذب تي وڃن ٿا.

Monday, March 23, 2020

خالي هنج جو ڏک - (اڀياس) - عبدالڪريم چنا

خالي هنج جو ڏک 
(اڀياس)
اڀياسي؛ عبدالڪريم چنا
صنف: مختصر ڪهاڻيون
ليکڪا: شبنم گل
شبنم گل جي مختصر ڪهاڻين جو هي ٻيو مجموعو آهي. سندس پهريون مجموعو “اڻڄاتل شهر جو نقشو” ۱۹۹۵ ۾ ڇپيو هو. شبنم گل ڪهاڻين سان گڏ ڪالم پڻ سرجيندي رهي آهي. سندس لکڻ جو اسلوب ڏاڍو وڻندڙ آهي. سندس لکڻيءَ ۾ سادگي آهي، ۽ اجايو ڏکيا لفظ يا ڊگهن جملا ناهن. هن ڪتاب ۾ سندس ۲۱ ڪهاڻيون شامل آهن. هر ڪهاڻي جي اڻت مڪمل نظر اچي ٿي. پر هڪ ڳالھ نظر آئي ته سڀني ڪهاڻين ۾ موضوع ڦري گهري هڪ ئي رهيو. يعني عورت جي درد جي ڪٿا.. ڳالھ پوپٽ جي هجي يا طوطي جي، الباٽراس جي هجي يا مورن جي، گهريلو جهيڙن ۽ معاشي مسئلن ۾ به سندس ڪهاڻين جو محور عورت جو درد ئي رهيو آهي.. ڪهاڻين ۾ هڪ ٻي ڳالھ به نظر آئي ته هر ڪهاڻي ۾ عورت درست ۽ مرد غلط ئي رهيو. هي سندس زندگي جي تجربي سبب ذهني لاڙي کي عيان ڪري ٿو. پر هڪ ڳالھ آهي ته سماج ۾ جٿي عورت سان ناجائزيون ٿين ٿيون ته اتي مرد به ڪو سدائين غلط يا سدائين طاقتور نه ٿو هجي.. موضوعات ۾ عورت جي درد کانسواءِ ڪجھ ٻيا موضوع به شامل هجن ها ته ڏاڍو ڀلو ٿئي ها.. پر شبنم گل جيڪو به لکيو آهي اهو نهايت عمدو لکيو آهي..

Sunday, March 22, 2020

نادر بيگ مرزا جون ڪھاڻيون


قومن جي تهذيبي اؤسر جون پاڙون سندن علم، ادب، فن ۽ سندن تاريخي پس منظر ۾ کُتل هونديون آهن. اڄ دنيا جي گولي تي جيڪي قومون ترقي يافته سڏجن ٿيون، جي اُنهن جي ان اُٿاهه ترقيءَ جا راز پروڙبا ته اهي اسان کي سندن قومي مزاج، ثقافتي ورثي ۽ تاريخ ڏانهن سندن روين ۾ نظر ايندا. ان حوالي سان، جي اسان پنهنجي اڄوڪي هيڻي حال جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته ان جا بنيادي سبب به تاريخ ڏانهن اسان جي خودفريب ۽ منفي روين ۾ موجود آهن. پنهنجي ثقافتي ورثي، تاريخي نوعيت جي ماڳن ۽ ڪردارن بابت تخليقي طور تي وڌيڪ کوجنا ته ٺهيو پر اسان کان سندن ٺلهي حفاظت ۽ سنڀال به نه پُڳي آهي. جنهن موهن جي دڙي جي عظمتن تي اسان اڄ فخر ٿا ڪريون، ان جي کوٽائيءَ ۽ کوجنا اسان مان ڪنهن نه، پر هڪ انگريز سر جان مارشل ڪئي. جنهن لطيف جي عظمت جا ڳُڻ ڳائيندي اسين ٿَڪجون نه ٿا، ان جي دؤر، سندس تاريخي، فني ۽ فڪري اهميت تي بنيادي نوعيت جو ڪتاب به ايڇ ٽي سارلي لکيو. سنڌ جي تاريخ تي به نسبتن مستند ڪم اسان کي ايڇ ٽي لئمبرڪ ڪري ڏنو. اِهو هڪ ڊگهو بحث آهي. ان جي تفصيل ۾ نٿا وڃون، پر ڳالهه جو مطلب ۽ مقصد هيءُ آهي ته اسان جي تاريخ ۽ تهذيبي ورثي ڏانهن روش، ڪنهن طرح به مناسب ۽ دُرست نه رهي آهي. قومي مزاج جي اُن پس منظر ۾ اسان جي ليکڪ دوست نصير مرزا جي هيءَ بظاهر ننڍڙي ڪوشش دراصل تمام وڏي اهميت رکي ٿي. هڪ ته هن روايتي سنڌي مزاج جي اُبتڙ ڪم ڪيو آهي. ٻيو ته هن سنڌي افسانوي ادب ۾ جديد حقيقت نگاريءَ جي دؤر جي هڪ اهم ڪهاڻيڪار نادر بيگ مرزا جي تخليقي پورهيي کي سنڌي ادب جي رڪارڊ تي آندو آهي، جنهن لاءِ هو يقينن پنهنجي ان صلاحيت ۽ جذبي کي فقط “نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون” سهيڙڻ تائين محدود نه رکندو.

Monday, March 16, 2020

مقالو يا مخولو - دريا خان شنباڻي


مقالو يا مخولو
طنز ۽ مزاح
دريا خان شنباڻي
ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ ناليواري شاعر اسان کي پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو ڏيندي حڪم ڪيو ته “هن آچر تي سندس شاعريءَ جي ڪتاب جي مهورتي تقريب به آھي ۽ تقريب کان پوءِ مون سان (شاعر صاحب سان) سنڌ جا وڏا وڏا ايب، ليکڪ، شاعر ۽ دانشور سڄي رات به ملهائيندا، سو تون (يعني اسان) هڪ مقالو لکي اچ ۽ اچي پڙهه” ايئن چئي صاحب ڪتاب شاعر اتر ڏکڻ ته هليو ويو پر اسان کي گهري سوچ ۾ مبتلا ڪري ويو ته هونئن ته ماڻهو شاعرن سان شامون ملهائيندا آھن پر هي پهريون شاعر آھي جو هن سان “سڄي رات” ٿا ملهائين. خير، اسان کي ته پنهنجي شاعر دوست لاءِ ڪنهن به صورت ۾ هڪ عدد مقالو لکڻو هو پر اسان کان مقالي جي جاءِ تي هڪ عدد “مخولو” لکجي ويو ۽ جڏھن اتي پهتاسين ته سڀ کان پهريان اسان کي مقالو پڙھڻ لاءِ سڏيو ويو ۽ اسان اسٽيج تي بيهي هڪ عدد اعلان ڪندي چيو “دوستو! اسان گهڻي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي شاعر دوست لاءِ ڪو مقالو لکون پر اسان کان هڪ مخولو لکجي چڪو آھي سو حاضر مجلس پيا ڪريون”.

ٻن سزائن منجھان ھڪ - شبير شر


ٻن سزائن منجھان ھڪ
مختصر ڪھاڻي
شبير شر
هڪ بادشاهه، هڪ چور کي مخياري سزا ڏني.
مخياري ان طرح سان ته چور کي اختيار ڏنو ويو ته ٻن سزائن مان ڪا به هڪ قبول ڪري. کيس اها هڪ ئي سزا ڏني ويندي، جيڪا هو پاڻ پسند ڪندو.
چور کي اها ڳالهه وڻي.
چور حامي ڀري ته کيس سزائون ٻڌايون وڃن.

اسڪول جي فيس - احسان مستوئي


اسڪول جي فيس
مختصر ڪھاڻي
احسان مستوئي
صبح جي وقت ڪنهن ڪم سانگي جڏهن آئون ديدار جي گهر پهتس ته ديدار ۽ سندس ننڍڙي جميل جي وچ ۾ ڳالهيون هلي هيون. جميل، ديدار کي چئي رهيو هو؛ “بابا مون کي اسڪول موڪل! مان به پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن جيان پڙهندس ۽ پڙهي آفيسر ٿيندس. پوءِ تنهنجون سڀ پريشانيون ختم ڪندس”.
ديدار کيس چوڻ لڳو؛ “پٽ! پنهنجي ته ڳوٺ ۾ اسڪول ئي ناهي، ڪٿي پڙهندين؟ تو کي ڀر واري ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيان پر اتي استاد هڪ ڏينهن ايندو آهي ته چار ڏينهن لاءِ گم ٿي ويندو آهي.”

انفريئرٽي ڪامپليڪس - طارق قريشي


انفريئرٽي ڪامپليڪس
زوجياتي ادب
طارق قريشي
پوليس آفيسر: تون مشڪوڪ ماڻهو ٿو لڳين.
ميان بدرالدين: سائين! آئون پر ڪتريل ڪبوتر قسم جو انسان آهيان، يعني هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ملازم آهيان.
پوليس آفيسر: ها پر پوءِ به الائي ڇو تون مشڪوڪ ماڻهو ٿو لڳين.
ميان بدرالدين: سائين آئون ۲۲ سالن کان شادي شدهه به آهيان، تنهن ڪري ايڪيهن سالن کان اداس ئي آهيان.

Wednesday, March 4, 2020

ڀاڄڙ - رئوف عباسي


ڀاڄڙ
مختصر ڪھاڻي
رئوف عباسي
ڊاڪٽر ڏڪندو ڏڪندو ڪاريڊور ٽپيو. سندس وکون ڪڏھن ھلڪيون ڪڏھن ڳؤريون. نيٺ ھلندو ھلندو ڊاڪٽرز روم ۾ آيو. اڌ کليل در مان ڏٺائين؛ صوفا تي پٺيرو ڪو ويٺو ھو.
ايش ٽري ۾ اڌ ٻريل سگريٽ ٻريو پئي.
”مان رائونڊ ھڻي اچان!“
ھو مختلف وارڊن ڏانھن وريو. چوڏسا ۾ رڳو اوندھ ۽ ماٺ ھئي.
گگھ اوندھ. اسپتال جي شيشي لڳل در مان ڏسي ٿو.