Saturday, March 28, 2020

فور ان ون - شھربانو ڪاڪا


فور ان ون
فلئش فڪشن
شھربانو ڪاڪا
منهنجي هڪڙي سهيليءَ ڪنهن ڪم سان فون تي ڳالهايو. حال احوال ڪندي پڇيومانس؛ ”لاڪ ڊائون ۾، وقت ڪيئن ٿو گذرئي؟“
چوڻ لڳي؛ ”ڀيڻ! هڪ ته سڄو ڏينهن ٻارن جو ڏول پيو پوي. ٻيو اسڪول اڳيئي بند. ٽيون ٽيوشن ۽ قاري صاحب جو اچڻ به بند. مٿان وري خبر ڪا نه اٿئي ته منهنجو مڙس، هونئن ته ڀلو آهي پر اڄڪلھ فور ان ون ٿي پيو آهي.“
پڇيم؛ ”اهو وري ڪيئن؟“


چيائين؛ ”واندڪائي گهڻي ٿي پئي اٿس! سو سس، نڻان، ڏيرياڻي ۽ مڙس جا رول، پوري ڪاميابيءَ سان ادا ڪري رهيو آهي...... لاڪ ڊائون جي ڪري کيس سيکت ڏيڻ لاءِ، ٻہ چار ڏينهن پيڪين به نٿي وڃي سگهان!“

1 comment: