Saturday, March 28, 2020

وارياسا وجود - (تبصرو) - سنگتراش صحرائي


وارياسا وجود
ڪهاڻي ڪتاب تي تبصرو
تبصرو: سنگتراش صحرائي
ڪهاڻيڪار: نصير ڪنڀر
هي نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين جو ڪتاب “وارياسا وجود” آهي. ڪتاب ۾ ڪُل ۱۹ ڪهاڻيون آهن، جن مان اڪثر ڳوٺاڻي سماج جي قدرن، ريتن، رسمن ۽ ڪردارن جي نفسيات تي ڪمال ڪاريگريءَ سان لکيون ويون آهن. رومانس، پاڻ ارپڻ، عشق، تڙپ ۽ وڇوڙي تي پڻ انتهائي نفاست سان نڀايل آهي.
“بند ٽوڙي آيل ڳوڙها” پهرين ڪهاڻي آھي، جيڪا پُٽ ڄمڻ جي روايتي سوچ رکندڙ ڪردارن پويان ڦرندڙ آهي. جنهن ۾ عام ماين جا طنزيه، حسد ۽ ساڙ ڀريا جملا ڪهاڻي جي سونهن آهن. “ايئي موڀي پُٽ هجي ته ڀلو نه، ڌيءَ ته پرايو ڌڻ..” يا وري “ائي ماسي ڏسين ڪو نه ٿي، ڇوڪري هلڻ مهل پهرين ساڄو پير پئي کڻي.....” يا وري دل ۾ چُڀندڙ جملا ته “انسان ۽ ڪاٺي جي اندر جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟” دراصل هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙي رواجي مرد سارنگ پنهنجي زال صالحان سان ڌيءَ ڄمڻ تي ڳالهائڻ ئي ختم ڪري ڇڏي ٿو. ڌيءَ کان اڳ، وڏي انڊر اسٽينڊنگ هُجي ٿي. ٻئي طرف سليم ۽ سندس زال آهي، سليم جي زال کي پڻ اهو ئي کُٽڪو رهي ٿو ته سندس ور، ڌيءَ کانپوءِ سارنگ وانگر بڻجي ويندو... پر کيس حيرانگي تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن سليم ننڍڙي ‘بختور’ کي کڻي نرڙ تي چُمي ڏئي ٿو ۽ ٻه خشڪ ڳوڙها، سندس ڳلن ۾ جذب تي وڃن ٿا.


‘الڪا ۽ اُميدون’ جا مک ٻه ڪردار ساهو (پيءُ) ۽ صابو (پٽ) آهن. اولاد لاءِ تڙپ ۽ ٻار ڄمڻ ۾ دير ٿيڻ دوران، گهر ڀاتين جي شديد اوسيئڙي جو اولڙو ملي ٿو. ساهو جو پُٽ صابو ڄائو، تڏهن سندس زال گُذاري ويئي. صابو سندس اڪيلو پُٽيلو اولاد هو ۽ وري ٻي شادي مان هڪڙي ڌيءَ خاتون ڄائي. جڏهن ته سندس پٽ صابو جي زال سوڍي پڻ پُٽ کي جنم ڏيندي ئي گُذاري وئي. هن ڪهاڻي  جي پُـڄاڻي ڪيڏي نه دردناڪ آهي، جڏهن ساهو، سوڍي جي موت جو ٻُڌي ٿو. .... زمين، وڻ، گهر سڀ هن کي ڦرندا محسوس ٿيا، هي چڪرائجي هيٺ ڪري پيو.
“پرين پڄاڻان” يونيورسٽي فيلو ٻن نوجوانن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي وڇڙڻ بعد وڏي عرصي پڄاڻان ملن ٿا. مارئي ۽ علي جي وچ ۾ گهمندڙ ڪهاڻي ۾ اهم موڙ اهو اچي ٿو، مارئي جو مڙس شهمير اولاد نه ٿيڻ ڪري کيس طلاق ڏئي ڇڏي ٿو، ۽ هو اچي پنهنجو اسڪول کولي ٿي. علي ته يونيورسٽي پوري ٿيندي ئي صحافت جا وڻ وسايا. اسائيمنٽ جي سلسلي ۾ عليءَ جو، مارئي جي شهر وڃڻ ٿئي ٿو ۽ سندس اسڪول وڃي ٿو. ٻئي ملن ٿا ته اکين جا بند ٽُٽي وڃن ٿا. هڪ طرف، هن ڪهاڻيءَ ۾ مرد جي بيوفائي ڏيکاري وئي آهي ته ٻئي طرف وري علي جي روپ ۾ مرد جي وفا، سچائي، انتظاري ۽ برداشت ڏيکاري وئي آهي.
“وٿيون” دراصل يونيورسٽي دوران توڙ ي فارغ ٿيڻ بعد روزگار جو ڳولائو ۽ ڪتابن ۾ پناهه وٺندڙ بادل جي جوان جذبن جي وارتا آهي. ڪهاڻيءَ جو دلچسپ موڙ اهو آهي جو پرائيوٽ اسڪول ۾ نوڪريءَ دوران شاگردياڻي سنڌيا مٿس موهجي وڃي ٿي، جيڪا نه صرف هوشيار پر ڪتابن جو پڻ مطالعو ڪندي رهي ٿي. بادل سرڪاري نوڪري ملڻ بعد ڳوٺ هليو وڃي ٿو. ٻئي پاسي اسڪول جي وٿين مان ڪيترا ئي هٿ باءِ باءِ ڪن ٿا ته سنڌيا جي اکين ۾ ڳوڙهن جو ساگر هُجي ٿو... اُميد، آس، نراس ۽ پنهنجي ليکي ٻئي مان پيار جي اُميد رکندڙ ڪردار توڙي ٻين جي جذبن جو احترام ڪندڙ ڪردارن جي شاندار ڪهاڻي آهي.
“عشق جي نه پُڄاڻي آ” ڳوٺ جي هڪڙي پوڙهي جي نوجواني واري وهيءَ جي ڪهاڻي آهي. هميريي ڪولهيءَ جي هن ڪهاڻي ۾ ڳوٺاڻو پسمنظر، شادي وارن ڏهاڙن ۾ سڄي ڳوٺ جو گڏجي دهل تي رقص ڪرڻ جي وارتا، نفاست سان چٽي ويئي آهي. نوجوانيءَ ۾ هميريو انتهائي زبردست دهل تي رقص ڪري ٿو، جنهن تي ڳوٺ جون هڙيئي ناريون رشڪ ڪن ٿيون. پر وڏيري علي مراد جي ڌيءَ ته دل هميريي جي پيرن ۾ اُڇلي ڇڏي. انهي عشق ۾ پڄرندي رقص سميت دهل وڄائڻ به سکي ٿو. “هميريو آيو ئي ڪو نه،” گلان ڏکائتي انداز ۾ چيو، ‘هان........سنگهار کان دانهن نڪري ويئي.’ ڪيترو نه دل ۾ پيهي ويندڙ جملو آهي. ملوڪ هميرئي جو راند ۾ استاد آهي... عشق جي آڳ آخرڪار پرين پسڻ خاطر هميريئي کي تڳي فقير کان دهل سکڻ تي مجبور ڪيو. “هميرئي کي دهل سکڻ جي دير هُئي، ڄڻ تڳي فقير جي سئو ڏينهن پورا ٿيا.” هميريو واڍڪي ڪم جو پڻ ڪاريگر آهي. نه ملي سگهڻ جي ارمان ۾ سنگهار جي سيج واري کٽ هميريو ٺاهي تحفي طور ڏئي ٿو.. ڪهاڻي جي پُڄاڻي هانو ۾ مُٺ وجهندڙ آهي، پڙهو پورو پيراگراف.....“سنگهار ته هن کي ڪڏهن ڪو نه ملي، پر نيـٺ اها کٽ هميريئي وٽ اچي پهتي ۽ اها هن وانگر گهڻي جهُري ۽ ٽٽي چُڪي هُئي. انهيءَ کٽ کي ڇهندي ئي هن جي اندر ۾ صبر جو پيالو ٽُٽي پيو هو. هي اوڇنگارون ڏئي کٽ جي ايس تي مٿو رکي روئي رهيو هو. جنهن تي ڪير چئي رهيو هو ته ‘پٽ ياد آيا اٿس’ ‘ڀاءُ ياد آيا اٿس’ هر ڪو پنهنجو رايو ڏئي رهيو هو ۽ هي سڀني کان بي نياز لڙڪ لاڙي رهيو هو. .. بنيادي طور پيار ۾ قربان ٿيندڙ ڪردارن جو  داستان آهي. طبقاتي سماج جي روايتن هٿان گلو گهٽيل ڪردارن جي جذباتي، سماجي ۽ ثقافتي بحرانن ۽ رجحانن جو اولڙو آهي.
“پرچيل سپنا، رُٺل ساڀيائون” اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو يونيورسٽي پڙهي ٿو ۽ آئيڊيل زندگي جا خواب ڏسي ٿو. عقيل ۽ شرميلا، مک ڪردار آهن. رومانس، سڪ، پاٻوهه ۽ وڇوڙي جا گهاو ڏيندڙ هيءَ ڪهاڻي نه ڄاڻ ڪيترن ئي نوجوانن جي ڪهاڻي آهي. يونيورسٽي پڙهڻ ايندڙ روايتي جاگيردار گهراڻن جون ڇوڪريون ورسٽي ۾ ماڊرن بڻجي وڃن ٿيون، خبر پوءِ پوي ٿي جڏهن سندس چاهيندڙ کي اوچتو ئي پريميڪا جي شادي جو پتو پوي ٿو. نوجوانن تي آڌاريل هي دل ڇهندڙ ڪهاڻي آهي. وڏا خواب کڻي هلندڙ نوجوان جي دل، تڏهن ڀڄي ڀري پوي ٿي جڏهن شرميلا چوي ٿي: “عقيل دل ۾ نه ڪجانءِ، تو کي هتي ٻي پڙهيل ڇوڪري ملي سگهي ٿي.”
“يادون درد وڇوڙا” هڪڙي خوبصورت شاعر جي ڪهاڻي آهي، جيڪو ٻهراڙيءَ جي ڇوڪريءَ سان لنئون لڳڻ کانپوءِ کوئجي وڃي ٿو. پريا ۽ سائل جو پيار انساني جبلتن جي اڻ اظهاريل خواهش جي ذڪر تي سرد مهري جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جا مڪالما ۽ ڪردارنگاري ايتري ته ڪاريگريءَ سان اُڻي وئي آهي جو سڀ ڪجهه اکين اڳيان گهمندي محسوس ٿئي ٿو. “هن جا چيل جملا ياد اچن ٿا، ماڻهن جي اسان کانسواءِ سري ڪا نه ٿي، پوءِ به ڪاوڙجي وڃن ٿا، ڪيڏانهن ويندا؟ اسان ۾ الائي ڪهڙيون پتيون آهن...” ٻي سٽ.. “تون جڏهن صرف پنهنجي ٻارن کي وڻندينءَ، تڏهن منهنجي شاعري ۾ زنده رهندينءَ..” هيءَ ڪهاڻي پڙهندي پنهنجي هڪ شاعر دوست جو خاڪو ذهن ۾ ترندو رهيو، جنهن جي غزل جي هيٺين سٽ مٿين جُملي سان ڪيڏي نه هڪجهڙائي رکي ٿي:
ضِدي آهين، پُٽ جو نالو سارنگ رکيئي،
پنهنجا واعدا ياد ڪياسين، روئي پياسين!
“سمهاڙو” ٿر جي ڳوٺاڻي پسمنظر ۾ مال جي بيماري سمهاڙي تي شاهڪار ڪهاڻي آهي.  هن ۾ مالوند ماڻهن جي نفسيات، رهڻي ڪهڻي، عقيدن ۽ بيماري توڙي وبائن طرف سندن رويي جو سادو سودو اظهار آهي. هي ڪهاڻي پڙهڻ بعد خبر پئجي ويندي ته ٿر جي ٻهراڙيءَ جي سماج جو، زندگي، مال متاع ۽ قدرتي آفتن طرف رويو ڪهڙو آهي. اُن جو اولڙو هن ڪهاڻيءَ ۾ ڀرپور نموني ملي ٿو.
“شناختي ڪارڊ” لڳ ڀڳ سوا ڏهاڪو کن اڳ لکيل هيءَ ڪهاڻي ڳوٺاڻي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي تي عاليشان ڪهاڻي آهي. (ٿر جي پُٺتي پيل ڳوٺن ۾ اڃان به اهڙا ڪردار ۽ حالتون موجود آهن.) زال مڙس لڇمڻ ۽ ساوتري جي ڪردارن پُٺيان گهمندڙ ڪهاڻي لونءَ ڪانڊاريندڙ ۽ ڪرڀناڪ آهي. دراصل هن ڪهاڻي ۾ لڇمڻ  ۽ سندس زال وٽ شناختي ڪارڊ نه هجڻ جي صورت ۾ (ٻنهي جو اٻوجهه هئڻ سبب اجايو جواز ڄاڻائي چار بُکيا وحشي فوجي ساوتري سان سندس ئي ٻني ۾اجتماعي ڏاڍائي ڪن ٿا. ۽ لڇمڻ تي بدترين تشدد ڪن ٿا.....اهو ڪرڀ نه سهندي ساوتري کوهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏي ٿي...
“وارياسا وجود” ٽائٽل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڳوٺاڻا مٺي پاڻي لاءِ ڪيئن تڙپن ٿا. انهن جو سڄو ڏينهن ۽ رات، پاڻي لاءِ کوهه تي گذري وڃي ٿو. پاڻيءَ جي گهڙي لاءِ سڪندا رهن ٿا.. انتهائي ڏُکوئيندڙ ۽ عام ماڻهو جي ڏکن جي عڪاسي آهي. اها صورتحال اڃان تائين پڻ ڪيترن ئي ڳوٺن جي آهي.
“چاليهين پتي” اُٺ ڌارڻ جي شوقين ڀاڳين تي سرجيل شاندار ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ نوران ۽ علوءَ جي پيار ڪهاڻي، سندن نفيس چاهتون دلچسپ نموني بيان ٿيل آهن. هڪڙي هنڌ جملو آهي ته “مجني جي مستي جي چاليهين پتي اُٺ ۾ آهي.” ڪهاڻي جي پُڄاڻي ڇرڪ ڇڏائيندڙ آهي، جو علو جڏهن رات جي تاريڪي ۾ پنهنجي پريميڪا کان موڪلائي، گهر پهچي مست اُٺ کي نيئر ڏيڻ لاءِ وڌي ٿو، ته اُٺ ٻيئي گوڏا سندس ڇاتي تي کُپائي ڇڏي ٿو... ڪهاڻي جي آخري سٽ..............“اوڻيتهاليهه پتيون، چاليهين پتي کان هار کائي چُڪيون هيون...” 
“ميندي رتو هٿ” هڪڙي يتيم ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. ميندي جي شوق ۾ پئسا نه هجڻ سبب عيد ڏهاڙي شهر ۾ ميندي جي پُڙي دڪان تان چورائي ٿي، پويان دڪاندار ڊوڙي ٿو ۽ ڇوڪري کي رستي ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ حياتي هلي وڃي ٿي..... سندس جسم ميندي بدران رت ۾ ڳاڙهو هُجي ٿو.....زندگيءَ کان محروم ٻارڙي جون حسرتون ۽ آرزوئون هن ڪهاڻيءَ ۾ انتهائي معصوماڻي انداز ۾ چٽيل آهي...
“ڪارو داغ” وڏيرڪي نفسيات ۽ پنهنجي پيارن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ڪردار جي نفسياتي بحرانن ۽ جذباتي ڀڃ ڊاهه تي چٽيل آهي. گهنور خان ۽ ڀيڻ گل بانو کي ننڍي هوندي گهمائڻ لاءِ سندس والد شهمير خان وٺي ويو... ڪوئيٽا ويجهو حادثي ۾ پاڻ گُذاري ويو پر ٻنهي ٻارن کي لالو شريف کڻي وڃي ٿو..... اهڙي ريت گهنور خان ته ڪنهن ريت ڀڄي نڪتو پر سندس ڀيڻ جو ايترو پتو پوي ٿو ته لالي گل بانو کي ڳاڙهي بازار ۾ وڪڻي ڇڏيو..... اُن ڳولا ۾ هر ڀيري سندس اوطاق تي طوائفن جي ٽولي گهرائيندو رهي ٿو..... گُل بانو وڪامجڻ کانپوءِ نورجهان بڻجي ويئي... ساڳئي نورجهان سندس بنگلي تي آئي، جسم تي ڪارو داغ ڏسي ٿو ....نورجهان جو موت اتي ٿئي ٿو ته گهنور خان، پاڻ مٿان فائر ڪري انت آڻي هڪڙو خط لکي ڇڏي ڏئي ٿو جنهن ۾ سموري وارتا بيان ٿيل آهي.
“مهاڳو” ٿر جي ڳوٺن ۾ وسڪاري دوران ٻنين، مهاڳن، سيڙهن ۽ گئوچرن تي ٿيندڙ جهيڙن جو سمورو احوال هن ڪهاڻي ۾ سمايل آهي. ان سان گڏ روينيو عملدارن، تپيدار ۽ مختيارڪار پاران هر ڌُر کان خرچ طلبڻ سميت، ٻنين جي جهيڙي جي سموري وارتا چٽِي ريت بيان ڪيل آهي.
اُن کانسواءِ ڪتاب ۾ ٻيون ڪهاڻيون، ”ڪاٺيگر جو موت“، ”ڳولا جي رڻ ۾“، ”پن ڇڻ کان پهرين“، ”کنوڻين کيل ڪيا ۽ ”ڇڪڙو به پڙهڻ وٽان آهن.

No comments:

Post a Comment