Wednesday, March 4, 2020

ڀاڄڙ - رئوف عباسي


ڀاڄڙ
مختصر ڪھاڻي
رئوف عباسي
ڊاڪٽر ڏڪندو ڏڪندو ڪاريڊور ٽپيو. سندس وکون ڪڏھن ھلڪيون ڪڏھن ڳؤريون. نيٺ ھلندو ھلندو ڊاڪٽرز روم ۾ آيو. اڌ کليل در مان ڏٺائين؛ صوفا تي پٺيرو ڪو ويٺو ھو.
ايش ٽري ۾ اڌ ٻريل سگريٽ ٻريو پئي.
”مان رائونڊ ھڻي اچان!“
ھو مختلف وارڊن ڏانھن وريو. چوڏسا ۾ رڳو اوندھ ۽ ماٺ ھئي.
گگھ اوندھ. اسپتال جي شيشي لڳل در مان ڏسي ٿو.


”جھڙ آ الاء ڇا؟ ڪھڙي خبر.“
ڪرائيءَ ڏانھن ڏسندي.
”اوھ واچ به بيٺل آ.“
ايڏي خاموشي ڇو آ؟“
آڄ موڪل آ ڇا؟“
خود ڪلامي جي نوع ۾.
اسپتال ۾ ڪو آھي ئي نه!“
خبر ناھي ڇو. اسپتال قبرستان جو ڏيک ٿي ڏي.“
ھو سمجھي ٿو. ڊاڪٽرز روم وارو پاڇولو سندس پويان ٻليءَ پير ايندو رھي ٿو. ھن تي خوف حاوي ٿئي ٿو.
سندس خيال رات وارين خبرن ڏانھن وڃي ٿو.
ڪرون.... ووـ....
ھو تيز تيز قدمن سان اسپتال جي مءن گيٽ ڏانھن وڌي ٿو.
مين گيٽ جي آرپار ساڳيا پاڇولا بيٺا آھن.
ھو پنھنجو ساھ منجھندو محسوس ڪري ٿو.

(رئوف عباسي جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment