Monday, March 16, 2020

انفريئرٽي ڪامپليڪس - طارق قريشي


انفريئرٽي ڪامپليڪس
زوجياتي ادب
طارق قريشي
پوليس آفيسر: تون مشڪوڪ ماڻهو ٿو لڳين.
ميان بدرالدين: سائين! آئون پر ڪتريل ڪبوتر قسم جو انسان آهيان، يعني هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ملازم آهيان.
پوليس آفيسر: ها پر پوءِ به الائي ڇو تون مشڪوڪ ماڻهو ٿو لڳين.
ميان بدرالدين: سائين آئون ۲۲ سالن کان شادي شدهه به آهيان، تنهن ڪري ايڪيهن سالن کان اداس ئي آهيان.


پوليس آفيسر: ان جي باوجود به تون مشڪوڪ ماڻهو ٿو لڳين.
ميان بدرالدين: سائين! آخر ڪهڙي ڳالهه آهي، جو آئون اوهان کي مشڪوڪ ٿو لڳان؟!
پوليس آفيسر: تون هتي رپورٽ لکرائڻ آيو آهين ته تنهنجي سامهون واري فليٽ ۾ رهندڙ شخص، جنهن جو نالو مسٽر عاجز وحشي آھي، ان جي زال ۱۰ ڏينهن کان گم ٿي وئي آهي ...
ميان بدرالدين: عاجز وحشي نه سائين! عاجز صحرائي ... هن جو نالو عاجز صحرائي آهي ...
پوليس آفيسر: صحرائي ۽ وحشيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي .. وچ ۾ ٽمبڪو نه هڻ ... تون اهو ٻڌاءِ ته تون هتي پنهنجي سامهون واري فليٽ ۾ رهندڙ هڪ عورت، جيڪا گذريل ڏهن ڏينهن کان غائب آهي، جي گمشدگي جي رپورٽ لکرائڻ آيو آهين.... تنهنجو ان خاتون سان ڪو چڪر هوندو!! هن مائيءَ جو پنهنجو ذاتي بلڪ ايئن چئجي ته سڳو مڙس ... نالو ڇا اٿس ... اهو عاجز جھنگلي رپورٽ لکرائڻ لاءِ پاڻ ته ڪو نه آيو آھي، تون ڪلهه کان پنهنجا سيل پيو ساڙين، سو آخر ڇو؟
ميان بدرالدين: عاجز جھنگلي نه سائين! عاجز صحرائي ... هن جو نالو عاجز صحرائي آهي ... ٻي ڳالهه ته منهنجو هن جي زال سان ڪو به چڪر ڪونه هو ... آئون ته بس قانون کي اطلاع ڏيڻ آيو آهيان ته منهنجي سامهون واري فليٽ ۾ رهندڙ شخص جنهن جو نالو مسٽر عاجز ...
پوليس آفيسر: ها ها عاجز ... عاجز ريگستاني ... جيڪو به آهي اهو عاجز بياباني، ڪوهستاني، دشت نورد، جابلو، پهاڙي، درياهي، سمندري، آبشاري، برساتي، طوفاني، سوناموي، ڪتريني، ڊيلٽائي ... اهو عاجز جيڪو به آهي ان جي زال گذريل ڏهن ڏينهن کان گم ٿي، غائب ٿي، اغوا ٿي، ڀڄي وئي، ورغلائي فرار ڪئي وئي، تنهنجو تنهن ۾ ڇا؟ تون جو رپورٽ لکرائڻ آيو آهين ته تون پاڻ کي مشڪوڪ ثابت ڪري رهيو آهين. تون ڇو پرائي زال لاءِ پريشان آهين؟
ميان بدرالدين: سائين! آئون عاجز صحرائي جي زال لاءِ پريشان ناهيان ...
پوليس آفيسر: پوءِ ڇو پريشان آھين ۽ ڇا لاءِ پريشان آھين؟
ميان بدرالدين: سائين! دراصل گذريل ڏهن ڏينهن کان يعني جنهن ڏينهن کان عاجز صحرائي جي زال گم ٿي وئي آهي، روزانو شام جو هن جي گھر ۾ سندس دوستن جا راڄ اچي ڪٺا ٿيندا آهن، ڳائيندا وڄائيندا آهن، جشن پيا ملهايا ويندا آهن ... مون سوير ٻڌايو هئومانوَ ته سائين! آئون ۲۲ سالن کان شادي شدهه به آهيان، تنهن ڪري ايڪيهن سالن کان اداس ئي آهيان ... عاجز صحرائي جي خوشي ڏسي مون کي انفيرئرٽي ڪامپليڪس ٿو ٿئي!!

No comments:

Post a Comment