Friday, February 28, 2014

استاد بِدنَ - شريف الدين ميمڻ ڏيپلائي

استاد بِدنَ
شريف الدين ميمڻ ڏيپلائي
ٿر جا ماڻهو انتهائي سٻاجهڙا آهن. سادگي جي انتها آهي. پر لڪڙ تاڙ، سڄي ملڪ جي رکندا آهن. گهر ۾ ڀلي ڪو سڄو ٺڪر نه هجي. بي بي سي ٻڌڻ لاءِ هڪ عدد ريڊيو ضرور هوندو. دنيا جو ٻيو ڪو به ڪم ڪن يا نه پر شام جو ۵ وڳي واريون مڪاني خبرون ضرور ٻڌندا آهن. اهڙو ئي سادگي وارو ديس واسي آهي ”استاد بِدنَ“. هر ڪم جي لاءِ فٽ. ڪٿي جي ڪو مزدور نه هوندو ته چوندس؛ ”يار استاد وارو ڪر، ٻن ٽن ٻورين کي ڪلهو ته ڏيار.“ ٿوري واکاڻ ٻڌڻ سان اُهي ٻوريون ڀلي ۲۰۰ هجن پر استاد بدن ۲۰۰ ٻوريون لاهي پوءِ پڇندو؛ ”بس، ٻوريون ختم ٿيون.“ شل نه ڪٿي ٻڌي ڪي چار ماڻهو ڪچري پيا ڪن. اتي چانهه جو ٿرماس ڀرائي ضرور پهچندو. پوءِ ڀلي کڻي آمريڪا جي صدر جي معاشقي جو موضوع هجي يا دبئي جي عربن جي شڪار جي ڳالهه هجي يا نواز شريف ۽ مشرف جي جنگ هجي، عمران خان جو ڌرڻو هجي يا قومپرستن جو سنڌ لاءِ ڪردار هجي. جيڪڏهن وارو مليو ته ٻن سؤ ٻورين کڻڻ وانگر ڳالهائڻ ۾ دير نه ڪندو. پوءِ ان ۾ پنهنجو مؤقف رکڻ ۾ به دير نه لڳائيندو. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي هي ته ڪو لکيل پڙهيل Ph.D آهي.

Wednesday, February 19, 2014

نِڪمو - رضوان گل

نِڪمو
رضوان گل

”ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ... ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ...“
”ڪير آ؟“ ننڊاکڙو آواز.
”مان آهيان امان، دروازو کوليو.“ دروازي ٻاهران وسيم جو ڊنل آواز. دروازو کُليو.
”ڪير آ؟“ کٽ تي ليٽيل وسيم جي پيءُ پاسو ورائيندي پڇيو.
”وسيم آ.“ جوڻس جواب ڏنو.
”ڪاٿي هئين هن وقت تائين، نواب جا پُٽَ!؟“
”بابا! ٻاهر هوٽل تي دوستن سان ويٺو هيس.“
”ڌوڙ پئي آ توکي به ته تنهنجي آواره دوستن کي به.“
وسـيـم خـامـوش! ڪنڌ هيٺ ڪري ماءُ جي پيرانديءَ کان ويهي رهيو.
”اڙي تون ڀلا اڃا ڪڏهن سڌرندين؟! هي ٽائيم آ گھر اچڻ جو!؟ نڀاڳا... نِڪَما...“
خاموشي...

دک جا ٿوهر - رضوان گل

دک جا ٿوهر
رضوان گل


ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪوچ تيار بيٺي هئي. جيئن ئي ڪوچ ۾ چڙهيس ته سامهون ويٺل ڇوڪريءَ کي ڏسي ڇرڪ ڀرجي ويو. ساهه پيرن ۾ وڃي پيو. مئل قدم کڻندي وڃي سيٽ تي ويٺس. مٿو چڪرائجڻ لڳو. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. مان خوش ٿيو هوس يا پريشان ٿي ويو هوس! بس عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي ان پل. هوءَ به شايد ڇرڪي پئي هئي. من ئي من ۾ سوچڻ لڳس زندگي به ڪيڏي نه عجيب شيءِ آهي، هر روز ڪيڏا نه عجيب موڙ اچي وڃن ٿا، هر روز انسان کي ڪيترن نه ڪٺن امتحانن مان ٿو گذرڻو پوي، هر روز ڪيڏا نه حادثا ٿين ٿا! اهڙا حادثا جن ۾ بظاهر ته ڪو به زخمي نه ٿو ٿئي، ڪابه شيءِ نه ٿي ٽُٽي ۽ نه ئي وري ڪنهن شيءِ جي ٽُٽڻ جو آواز ئي ٿئي ٿو، پر اهڙن حادثن ۾ اندر ئي اندر ۾ انسان زخمي به ٿئي ٿو، ته ٽٽي ڀُري ۽ ڀڄي به پوي ٿو. ها! اهڙا حادثا بس صرف پنهنجي ذات ۾ ئي محسوس ڪري سگھبا آهن. ڀلا ڪنهن کي دل ڪڍي ڪيئن ڏيکاربي!

مايوسيءَ جي خاڪ - رضوان گل

مايوسيءَ جي خاڪ
رضوان گل

هوءَ شهر جي هڪ مصروف روڊ جي فُٽ پاٿ تي بيٺل هئي. سندس اکيون نقاب جي پويان پريشانيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن گُھوري رهيون هيون. ٺهندڙ قد بت ۽ گوري چٽي رنگ واري نوجوان ڇوڪريءَ کي اڪيلو بيٺل ڏسي ڪيترائي ماڻهو سندس اردگرد لامارا ڏئي رهيا هئا. مان فٽ پاٿ جي سامهون هڪ سپر اسٽور جي شيشن واري دروازي مان اهو منظر ڏسي رهيو هوس. ٻه نوجوان موٽر سائيڪل جي ايڪسيليٽر جا زوردار آواز ڪندي سندس آڏو اچي بيهي رهيا. مون خريد ڪيل سامان پيڪ ڪرائي جلدي جلدي ان ڇوڪريءَ طرف وڃڻ ٿي چاهيو. دل ۾ خيال آيو، کانئس وڃي پڇان ته تون هتي اڪيلي ڇو بيٺي آهين ۽ ايڏي پريشان ۽ هراسان ڇالاءِ آهين!

Monday, February 10, 2014

گونگي - وفا اسلم شيخ

گونگي
(ڪهاڻي)
وفا اسلم شيخ

پنهنجي پنهنجي ڪچن، ڪکائن ۽ خيمي نما گھرن ۾ مصروف ماڻهن جون نگاهون ان رڙيون ڪندڙ عورت طرف متوجه ٿيون . ڪافي ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا.
”هيءَ ته گونگي آ، ڇا هيءَ ڳا لهائي به سگهي ٿي.!“ سوال اٿندا رهيا پر جواب لاءِ  ڪنهن کي وقت ئي نه هيو، ڳا لهه ئي ڪجهه اهڙي هئي ان خيمي ۾ ڪوئي مري ويو هيو.. عورت روئيندي خيمي اندر هلي وئي ان ننڍڙي وسنديءَ جا چند مرد ۽ عورتون هن جي پويان پهچندا ويا.
هيءَ هڪ  ننڍڙي آباد وسندي هئي تقريبا ۱۰۰ جي لڳ ڀڳ ڪچا،ڪکاوان ۽ ڪپڙي جي خيمن جا ننڍا وڏا گھر موجود هئا. سنڌوءَ ڪناري نارا ڪئنال جي ڀرسان اينگرو پلانٽ جي بلڪل پويان ڇُهارا منڊيءَ جي اوڀر ۾ موجود ان وسنديءَ جا ماڻهو سنڌوءَ ڪناري پوکي راهي ڪرڻ ۽ کجيءَ جي موسم ۾ ڇهارن جون پيٽيون ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. ڪم ڪار جو آغاز فجر سان ئي ٿي ويندو هيو. هر ڪوئي پنهنجي ذميوارين ۾ مصروف ٿي ويندو هيو.. ڪجھ مهينا ٿيندا جو وسنديءَ جي ڪجھ مفاصلي تي هڪ ٻيو خيمو لڳو.. جنهن جي چوڌاري ڪانڊيرن جو لوڙهو لڳل هيو. صرف اچڻ وڃڻ لاءِ ٿورو رستو ڇڏيل هيو. هيءُ خاندان چئن ماڻهن تي مشتمل هيو، هڪ اڌڙوٽ مرد هڪ جوان عورت ۽ ٻه ننڍڙا ٻارڙا چئن پنجن سالن جا. هنن جو خيمو ايترو وڏو به ڪونه هيو، ان ۾ ٻه کٽون هيون کٽن جي سيرانديءَ کان گھر جو ڪجھ سامان ۽ ٻه پيٽيون جڏهن ته کٽن جي پاسن کان ڇيڻا ۽ ڪاٺيون جيڪي ٻارڻ لاءِ ڪم اينديون آهن ۽ هڪڙو پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ ۽ ٻيا ڪجهه ضرورت جا ٿانو رکيل هيا.

هريل هٿ - مٺل جسڪاڻي

هريل هٿ
مختصر ڪهاڻي
مٺل جسڪاڻي
صبح جو سيءُ هوندي به ڪمپيوٽر تي ويٺي ڪجهه ڪم ڪيم يا شايد وقت پاس ڪيم. اوچتو ڪڙو وڳو.
منهنجي من ۾ آيو ته فلاڻو، فلاڻي ڪم سان آيو هوندو، ۽ مون کي اهو به اندازو هو ته ٻيا سڀ ستل آهن يا رڳو سيءُ سبب هنڌ (بستري) ۾ نٽايو، ليٽيا پيا آهن، ان ڪري آئون تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڃي دروازي تي پهتس.

Saturday, February 1, 2014

ڇولين جو ماتم -رضوان گل

ڇولين جو ماتم
ڪهاڻي
رضوان گل
”شهزاد! هڪڙي ڳالهه ڪَنَ کولي ٻڌي ڇڏ جيڪڏهن تون ان ڇوڪريءَ سان پنهنجي شاديءَ جو تصور به ڪيو ته اهو ڏينهن هِن گھر ۾ تنهنجو آخري ڏينهن هوندو. تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجي مڱڻي منهنجي ڀاڻيجي تانيا سان ٿيل آهي ۽ توکي شادي به ان سان ئي ڪرڻي پوندي. اهو منهنجو آخري فيصلو آهي، بس مان ٻي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. آيئي ڳالهه سمجھ ۾!“ بابا جو ڳورو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. سندس چيل جملا بار بار سماعتن سان ٽڪرائجي منهنجون لوندڙيون ڦاڙي رهيا هئا.
اِرم جو عشق منهنجي لاءِ زندگيءَ جو ٻيو نالو بڻجي چڪو هو. هن سان ڪيل واعدا مون کي ڏينڀوءَ جيان ڏنگي رهيا هئا. هن منهنجي لاءِ پنهنجي والدين کي آماده ڪري ورتو هو، ڇو ته نه صرف مون پر اِرم به مون سان شديد محبت ڪئي هئي. هوءَ مون کان سواءِ مري ويندي ۽ مان به ڪنهن ٻيءَ سان زندگي گھاري نه سگھندس... پر اها ڳالهه بابا کي ڪير سمجھائي؟! سوچي سوچي ٿڪجي پيو هوس. دماغ جون رڳون ڌنوِين رهيون هيون. دريءَ مان ٻاهر نِهاريم ته يادن جي دريءَ جا تاڪ به کُلي پيا. اهو ڏينهن ياد اچڻ لڳو جڏهن مون کي اِرم پهريون ڀيرو ملي هئي...
..........