Wednesday, February 19, 2014

نِڪمو - رضوان گل

نِڪمو
رضوان گل

”ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ... ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ...“
”ڪير آ؟“ ننڊاکڙو آواز.
”مان آهيان امان، دروازو کوليو.“ دروازي ٻاهران وسيم جو ڊنل آواز. دروازو کُليو.
”ڪير آ؟“ کٽ تي ليٽيل وسيم جي پيءُ پاسو ورائيندي پڇيو.
”وسيم آ.“ جوڻس جواب ڏنو.
”ڪاٿي هئين هن وقت تائين، نواب جا پُٽَ!؟“
”بابا! ٻاهر هوٽل تي دوستن سان ويٺو هيس.“
”ڌوڙ پئي آ توکي به ته تنهنجي آواره دوستن کي به.“
وسـيـم خـامـوش! ڪنڌ هيٺ ڪري ماءُ جي پيرانديءَ کان ويهي رهيو.
”اڙي تون ڀلا اڃا ڪڏهن سڌرندين؟! هي ٽائيم آ گھر اچڻ جو!؟ نڀاڳا... نِڪَما...“
خاموشي...


”ڪنَ ڪونه اٿئي، نه ٿو ٻڌين! جواب ڇو نه ٿو ڏين؟“
”ڇا ڪريان، سڄو ڏينهن گھر ۾ ته آهيان. سڀ دوست رات جو واندا ٿا ٿين... مان ڀلا ساجھر اچي ڇت ۾ اکيون وجھي سمهي پوان ڇا؟ مون کي ننڊ نه ٿي اچي سوير!“
”ٿُڪَ ٿئي!“ پڻس بجو ٺاهي ڏنس. ”جواب ڏيڻ شروع ڪيا اٿئي ڙي...! سڄو ڏينهن نڀاڳن واري ننڊ ٿو ڪرين ۽ رات جو...!“
”پوءِ ڪا نوڪري وٺي ڏيو ته صبح جو سوير به اٿان نه! باقي ائين اٿي ڇا ڪريان؟“
پڻهس جو بلڊ پريشر يڪدم هاءِ ٿي ويو. کٽ جي هيٺان پيل پادر ۾ هٿ وڌائين. پادر هوا ۾ لمندو وسيم جي نرڙ ۾ زپ ٿي ويو.
”ذليل... شرم نه ٿو اچئي؟! وات ٿو هڻين! مان ناهي ڪئي تنهنجي نوڪريءَ لاءِ ڪوشش! اڙي ماڻهن کي پيرين به پيس تو لاءِ... پوءِ به مڃوتي ڪونهئي...!“ ٻيهر پنجئي آڱريون کولي بجو ٺاهي ڏنائينس. ”سگريٽ پي آيو آن! هيستائين ڌپ کنيون ٿي وڃي... چنڊا!“
”بس ڀلا هاڻي ڇڏيو... اوڙو پاڙو کلندو! رات جو هرڪو سمهيو پيو آ رڳو اسان جي گھر ۾....“ جوڻس ڳالهايو.
”هن جو پاسو نه کڻ! تو ئي مٿو ڦيرايو اٿس.“
خاموشي...
”ٽيبل تي ماني ڍڪي پئي اٿئي! اٿُ، روءُ نه هاڻي... نلڪي تان وڃي منهن ڌوءُ! وڏن سان ڏند اگھاڙو ڪري ناهي ڳالهائبو ابا! ڏاهو ٿي!“
قميص جي ڪف سان ڳوڙها اگھندي ڪمري ۾ گھري ويو. روئندو رهيو. سُڏڪا ڀريندو رهيو. پوري رات گذري وئي ڇت ۾ اکيون وجھي سوچيندو رهيو. ڪٿي ڪٿي نه ويو هو انٽرويو ڏيڻ. سرڪاري ادارن ۾ پئسو ۽ سفارش! خانگي ادارن ۾ تجربي هئڻ جو شرط! ڪٿان آڻي تجربو! ڏينهن رات صبح شام پڻهس جا طعنا مهڻا ۽ بُجا. محسوس ڪيائين پيءُ جا ڏنل بُجا سندس چهري تي ڇپجي ويا آهن. اکيون بند ڪرڻ سان بُجا، کولڻ سان بُجا. ٻاهر دوستن سان چانهه جو بلُ نه ڀرڻ تي به محسوس ڪندو هو کيس ڪو بُجا ڏئي رهيو آهي. هاڻي هر ڏينهن هر موڙ تي کيس بُجا ملندي محسوس ٿيندا هئا.
سانوڻ هوندي به ڪمري ۾ ستل. پگھر ۾ ڪپڙا آلا. گرميءَ کان بي نياز ٿي سوچي ٿو: ”اسان جي سماج ۾ حساس ماڻهوءَ لاءِ ڪابه جاءِ ناهي سندس ڪابه عزت ناهي... بس عزت صرف نوڪريءَ واري جي آهي... ها! جيڪو ماڻهو نوڪري وٺي نه ٿو سگھي اهو بيڪار آهي... ان جي هن سماج ۾ ڪابه ضرورت ناهي... ان لاءِ صرف بُجا آهن. ڪوئي هٿ سان، ڪوئي نظر سان، ته ڪوئي پنهنجن روَين سان صرف بُجا ئي ڏيندو ٿو رهي!“

صبح ٿيو ته ماڻس ڪمري ۾ آئي... پڻس اڃا ننڊ مان نه اٿيو هو... پکين آکيرن مان اڏرڻ شروع ڪيو هو. سڀئي اٿيا هئا! وسيم ڀونڊن واري زندگيءَ کان بيزار هو، هن اٿڻ نه پئي چاهيو، پر هن کي اٿڻو هيو، جيئڻو هيو، تڙپڻو هيو ۽ زندگيءَ لاءِ جاکوڙڻو هيو.

No comments:

Post a Comment