Monday, February 10, 2014

هريل هٿ - مٺل جسڪاڻي

هريل هٿ
مختصر ڪهاڻي
مٺل جسڪاڻي
صبح جو سيءُ هوندي به ڪمپيوٽر تي ويٺي ڪجهه ڪم ڪيم يا شايد وقت پاس ڪيم. اوچتو ڪڙو وڳو.
منهنجي من ۾ آيو ته فلاڻو، فلاڻي ڪم سان آيو هوندو، ۽ مون کي اهو به اندازو هو ته ٻيا سڀ ستل آهن يا رڳو سيءُ سبب هنڌ (بستري) ۾ نٽايو، ليٽيا پيا آهن، ان ڪري آئون تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڃي دروازي تي پهتس.


دروازي جي ڀر ۾ پٽ تي پيل اخبار تي نظر پئي، ته دروازي کڙڪڻ جو مقصد سمجهه ۾ اچي ويو ۽ مون پنهنجي منهن مرڪي ڏنو.
هي اها اخبار پئي هئي، جيڪا آئون خريد نه ڪندو آهيان، پر مفت ۾ پڙهندو آهيان.
مون اخبار کنئي، دروازو کوليو، ٻاهر اخبار وارو بيٺل هو، مون مرڪندي هن کي اخبار موٽائي ڏني. هن مون کي اها اخبار ڏني، جيڪا روز وٺندو آهيان. ان دوران، منهنجي پڇڻ کانسواءِ، اخبار واري چيو ”هٿ هريو بيٺو آهي، ان ڪري ٻي اخبار اڇلجي وئي“.
منهنجي ذهن تي ڪجهه ماضيءَ جون حقيقتون تري آيون آهن. مون کي منهنجي مرضي واري اخبار تڏهن کان ملڻ لڳي، جڏهن کان ان هريل هٿ سبب مليل، اڻ گهربل اخبار اسٽال تي واپس ڪري، پنهنجي مرضي واري اخبار بدلائي، کڻي اچڻ شروع ڪيم ۽ اخبار بند ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنم.
منهنجا ڪجهه دوست آهن، جيڪي مون کي دانهون ڏيندا آهن، ته اخبار وارو اوهان کي ته گهربل اخبار ڏئي ويندو آهي، پر اسان کي اسان جي مرضي واري اخبار ڇو نه ڏيندو آهي؟!
مون کي اڄ اندازو ٿيو ته هريل هٿ وڏو سبب آهي. مون به ته بس، هريل هٿ سبب، معمول جي ڳالهه، ڪهاڻي ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي...

واهه ڙي هريل هٿ واه... واه تنهنجي ڪرامت...

No comments:

Post a Comment