Monday, February 10, 2014

گونگي - وفا اسلم شيخ

گونگي
(ڪهاڻي)
وفا اسلم شيخ

پنهنجي پنهنجي ڪچن، ڪکائن ۽ خيمي نما گھرن ۾ مصروف ماڻهن جون نگاهون ان رڙيون ڪندڙ عورت طرف متوجه ٿيون . ڪافي ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا.
”هيءَ ته گونگي آ، ڇا هيءَ ڳا لهائي به سگهي ٿي.!“ سوال اٿندا رهيا پر جواب لاءِ  ڪنهن کي وقت ئي نه هيو، ڳا لهه ئي ڪجهه اهڙي هئي ان خيمي ۾ ڪوئي مري ويو هيو.. عورت روئيندي خيمي اندر هلي وئي ان ننڍڙي وسنديءَ جا چند مرد ۽ عورتون هن جي پويان پهچندا ويا.
هيءَ هڪ  ننڍڙي آباد وسندي هئي تقريبا ۱۰۰ جي لڳ ڀڳ ڪچا،ڪکاوان ۽ ڪپڙي جي خيمن جا ننڍا وڏا گھر موجود هئا. سنڌوءَ ڪناري نارا ڪئنال جي ڀرسان اينگرو پلانٽ جي بلڪل پويان ڇُهارا منڊيءَ جي اوڀر ۾ موجود ان وسنديءَ جا ماڻهو سنڌوءَ ڪناري پوکي راهي ڪرڻ ۽ کجيءَ جي موسم ۾ ڇهارن جون پيٽيون ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. ڪم ڪار جو آغاز فجر سان ئي ٿي ويندو هيو. هر ڪوئي پنهنجي ذميوارين ۾ مصروف ٿي ويندو هيو.. ڪجھ مهينا ٿيندا جو وسنديءَ جي ڪجھ مفاصلي تي هڪ ٻيو خيمو لڳو.. جنهن جي چوڌاري ڪانڊيرن جو لوڙهو لڳل هيو. صرف اچڻ وڃڻ لاءِ ٿورو رستو ڇڏيل هيو. هيءُ خاندان چئن ماڻهن تي مشتمل هيو، هڪ اڌڙوٽ مرد هڪ جوان عورت ۽ ٻه ننڍڙا ٻارڙا چئن پنجن سالن جا. هنن جو خيمو ايترو وڏو به ڪونه هيو، ان ۾ ٻه کٽون هيون کٽن جي سيرانديءَ کان گھر جو ڪجھ سامان ۽ ٻه پيٽيون جڏهن ته کٽن جي پاسن کان ڇيڻا ۽ ڪاٺيون جيڪي ٻارڻ لاءِ ڪم اينديون آهن ۽ هڪڙو پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ ۽ ٻيا ڪجهه ضرورت جا ٿانو رکيل هيا.


مرد صبح سان ئي ڪم ڪار تي نڪري ويندو هيو ۽ جڏهن ايندو هيو ته گهر ۾ کائڻ پچائڻ ٿيندو هيو ۽ پوءِ خيمي جو پردو هيٺ ڪري ڇڏيندا هيا. اهو ئي هنن جو معمول هيو، نه وسنديءَ وارن کي هنن مان ڪا تڪليف هئي ۽ نه هنن کي ڪا وسنديءَ وارن مان. شروع ۾ ته هنن ڏي عورتون اچڻ وڃڻ لڳيون پر پوءِ جڏهن خبر پوندي وين ته ويچاري گونگي آ ته عورتن جو اچڻ وڃڻ گهٽ ٿي ويو.
هن جا ٻئي ٻار به وسنديءَ جي ٻارن سان ملي جلي ويا هيا ۽ پيا راند روند ڪندا هيا ۽ خود هنن جا ٻار پيا سر ۾ چوندا هيا،
”گونگي ڙي گونگي ڇا ٿي ڳولهين“ ٻيا ٻار جواب ڏيندا هيا،
”شئي“
”شئي ڪاڏي ڪندينءَ“
”ڳوٿلي شبندش“
”ڳوٿلي ڪاڏي ڪندينءَ“
”پيشه ميڙيندش“
”پيشه ڪاڏي ڪندينءَ“
”ڪڪل وٺندس“
”ڪڪل ڪاڏي ڪندينءَ“
”انڊا لاهيندي پوءِ شڀ کائينداشين“  ائين بار بار چوندي کلي کلي اچي ٽهڪن ۾ پوندا هيا، الائي ته ڪنهن اهو هنن کي سيکاريو هيو، بس جيڪڏهن خوش هيا ته هنن جا ٻار هيا باقي نه ته گونگيءَ جي چهري تي مرڪ ڏٺي وئي نه وري مرد جي. ڪنهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ نه وري ڪنهن پڇڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ پوءِ هڪ دفعي هن جي مڙس جو دم ننڊ ۾ ئي پرواز ٿي ويو.
خيمي ۾ پيل ميت کي ماڻهن مسجد طرف آندو جتي هن جي غسل ڪفن جو بندوبست ڪيو ويو هو، ڪي ماڻهو قبرستان هليا ويا سامي تيار ڪرائڻ، ماڻهو پاڻ ۾ ڏاڍا منظم نظر آيا، هر ڪنهن کي خبر هئي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي، پر حيراني جو عالم اهو هيو جو عورت ساڳيو ئي گونگي بڻجي چڪي هئي نه هن جي اک ۾ ڳوڙها هيا نه وري ڪو پڇتاءُ، بس هڪ حسين بت سامهون هيو اندر ويٺل عورتن گهڻوئي هن کان پڇڻ جي ڪئي پر ڪڇي جهڙي ڀت.
جنازي جي نماز کان پوءِ ماڻهو ميت کي قبرستان ۾ دفنائي واپس موٽي آيا واپسيءَ تي مسجد جو پيش امام ۽ وسنديءَ جا ڪجهه معتبر ماڻهو خيمي اندر آيا، عورت پنهنجي ٻارن سان گڏ موجود هئي، اڃان ڪجهه عورتون ٻيون به ويٺيون هيون، آخر امام صاحب ڳالهايو.
”اي بي بي! اسان توکي الله ۽ رسول جو واسطو ڏئي پڇي رهيا آهيون جنهن جي قرآن ۽ حديثن کي اسان پنهنجي اکين سان سچ پچ ٿيندي ڏٺو آهي. هڪ قبر کوٽي وئي ته ان ۾ نانگ ۽ وڇون جمع ٿي ويا، اسان جلدي ان کي بند ڪيو، ٻي کوٽي سين ته ان کان به وڌيڪ نانگ ۽ وڇون جمع ٿي ويا اسان ان کي به بند ڪيوسين وري ٽين کوٽي سين ته ان ۾ به اڃا وڌيڪ نظر آيا آخر اسان ميت کي اندر اڇلي قبر پوري ڇڏيسين. اهڙو عبرت ناڪ منظر اسان ڪڏهن نه ڏٺوسي، هاڻي تون اسان کي ان مرد جي باري ۾ ٻڌاءِ ته ڪير هيو ۽ ڪيئن هيو؟ بظاهر ته اسان کي ان ۾ ڪا برائي نظر ڪانه آئي، هاڻي پٽ ان راز کي تون ئي کولي سگھين ٿين.“
امام صاحب جي اکين ۾ به آلاڻ اچي وئي هئي، گونگي عورت نظرون کڻي پيش امام ڏي ڏٺو، پيش امام هن جي مٿي ته شفقت جو هٿ رکيو هاڻي هن جي اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا، اچي روئڻ ۾ پئي ۽ سڏڪندي سڏڪندي مس وڃي سندس نڙيءَ مان آواز نڪتو جيڪو سڀني ٻڌو،
”اهو منهنجو مڙس، منهنجو پيءُ به هيو.“


No comments:

Post a Comment