Showing posts with label گونگي، ڪهاڻي، وفا، اسلم، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label گونگي، ڪهاڻي، وفا، اسلم، شيخ،. Show all posts

Monday, February 10, 2014

گونگي - وفا اسلم شيخ

گونگي
(ڪهاڻي)
وفا اسلم شيخ

پنهنجي پنهنجي ڪچن، ڪکائن ۽ خيمي نما گھرن ۾ مصروف ماڻهن جون نگاهون ان رڙيون ڪندڙ عورت طرف متوجه ٿيون . ڪافي ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا.
”هيءَ ته گونگي آ، ڇا هيءَ ڳا لهائي به سگهي ٿي.!“ سوال اٿندا رهيا پر جواب لاءِ  ڪنهن کي وقت ئي نه هيو، ڳا لهه ئي ڪجهه اهڙي هئي ان خيمي ۾ ڪوئي مري ويو هيو.. عورت روئيندي خيمي اندر هلي وئي ان ننڍڙي وسنديءَ جا چند مرد ۽ عورتون هن جي پويان پهچندا ويا.
هيءَ هڪ  ننڍڙي آباد وسندي هئي تقريبا ۱۰۰ جي لڳ ڀڳ ڪچا،ڪکاوان ۽ ڪپڙي جي خيمن جا ننڍا وڏا گھر موجود هئا. سنڌوءَ ڪناري نارا ڪئنال جي ڀرسان اينگرو پلانٽ جي بلڪل پويان ڇُهارا منڊيءَ جي اوڀر ۾ موجود ان وسنديءَ جا ماڻهو سنڌوءَ ڪناري پوکي راهي ڪرڻ ۽ کجيءَ جي موسم ۾ ڇهارن جون پيٽيون ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. ڪم ڪار جو آغاز فجر سان ئي ٿي ويندو هيو. هر ڪوئي پنهنجي ذميوارين ۾ مصروف ٿي ويندو هيو.. ڪجھ مهينا ٿيندا جو وسنديءَ جي ڪجھ مفاصلي تي هڪ ٻيو خيمو لڳو.. جنهن جي چوڌاري ڪانڊيرن جو لوڙهو لڳل هيو. صرف اچڻ وڃڻ لاءِ ٿورو رستو ڇڏيل هيو. هيءُ خاندان چئن ماڻهن تي مشتمل هيو، هڪ اڌڙوٽ مرد هڪ جوان عورت ۽ ٻه ننڍڙا ٻارڙا چئن پنجن سالن جا. هنن جو خيمو ايترو وڏو به ڪونه هيو، ان ۾ ٻه کٽون هيون کٽن جي سيرانديءَ کان گھر جو ڪجھ سامان ۽ ٻه پيٽيون جڏهن ته کٽن جي پاسن کان ڇيڻا ۽ ڪاٺيون جيڪي ٻارڻ لاءِ ڪم اينديون آهن ۽ هڪڙو پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ ۽ ٻيا ڪجهه ضرورت جا ٿانو رکيل هيا.