Tuesday, June 23, 2015

چار ايڪڙ ٻني - شيخ اياز

چار ايڪڙ ٻني
شيخ اياز
رات جو پويون پهر هو. ڪڪڙن دس ٿي هنيا، اُڀ تي ڦڪي چانڊوڪي ائين ٿي لڳي ڄڻ خدا زمين تي نهاري مرڪي رهيو آهي. ساري ڪائنات تي خاموشي وسي رهي هئي. انسان ۽ ان جا هل هنگاما سانت جي گود ۾ ستا پيا هئا. قرآن ۾ انسان کي اشرف به چيو ويو آهي ته ظالم ۽ جاهل به. شايد رات جي وقت انسان اشرف آهي ۽ ڏينهن جي وقت ظالم ۽ جاهل. ڏينهن جي وقت هن جا جھيڙا ۽ جھڳڙا، ساڙ وير، غم غصو ۽ ڇڪتاڻ ڏسبي ته هن جي فطرت کان نفرت اچي ويندي. پر رات جي وقت جڏهن هو ننڊ ۾ الوٽ هوندو آهي ۽ چانڊوڪي سندس منهن کي چمندي آهي تڏهن هن تي پيار اچي ويندو آهي ته هي اهو آهي جنهنجي محنت خدا جي اڻ گھڙيل دنيا کي گھڙيو ۽ ٺاهيو آهي، جنهن هوا، باهه ۽ پاڻي کي مٺ ۾ آندو آهي ۽ هاڻي هڏ هڻي، کنبڙاٽيون کوهي، سانت جي گود ۾ ستو پيو آهي. جنهن قدرت سان هو ڏينهن جو وڙهندو آهي، سا کيس لوليون ڏئي رهي آهي.

Monday, June 15, 2015

ترقي پسند مٺل جسڪاڻي

ترقي پسند
مٺل جسڪاڻي
هُو پاڻ کي پنھنجي تَر ۾ لکيل پڙهيل ترقي پسند چورائين ٿا. ڇو ته الاڻو فلاڻو عملدار سندن خاندان جو هو. وڏي مان مرتبي سان رهيا، نالو ڪمايائون…
هي انهن ماڻهن جو پونئير آهن، جن جي ڏيهان ڏيهه تعريف ٿئي ٿي، پر پاڻ…

اڇُوت مٺل جسڪاڻي

اڇُوت
مٺل جسڪاڻي
مُنهن تي ٿوٿر ۽ ساڄي اک جي هيٺان رتائين ليڪ، لڳل ڌڪ جي شدت سان گڏ اهو به محسوس ڪرايو ته؛ ڪنهن سان وڙهي آيو آهي!؟…
پُڇڻ تي ٻڌايائين ته؛ ”رات شاديءَ جي دعوت ۾ هڪ نوجوان، جنهن جون اکيون ڳاڙهيون ۽ وات ۾ ڌپ سميت گڦ به هئي، تنهن رعب ۽ دٻدٻي سان پڇيو؛ ”ڪير آهين؟ مون ذات ٻڌائيمانس ته هن نفرت واري انداز ۾ گار ڏني. مون مُڙڻ جي ڪئي، پر هو نه مُڙيو، ڌڪ هڻي ڪڍيائين“…

Monday, June 1, 2015

ڊاڪٽر صاحب! تنهنجي وڏي مهرباني! - منصور

ڊاڪٽر صاحب! تنهنجي وڏي مهرباني!
منصور
ماستر وارو ڇوڪرو اٺين درجي ۾ فيل ڇا ٿيو، اصل روئي ڪِن ڪيائين. سڀني گهڻو ئي سمجهايس، پر ڇوڪرو چوي ته اڄ نه رئان ته ڪڏهن رئان! سندس روئڻ تي ٻيو ڪنهن کي جُهٻي اچي نه اچي، پر سندس ماءُ جا آنڊا ٿي ڇڄيا، ڳل ڳراٽي پائي چيائين؛ ”ابا جي هيل پاس نه ٿئين ته مٿئين سال... پڙهائي ڪو ڀڳي ڪو نه ٿي وڃي. جي جيڏا سرتا هڪڙو سال اڳيان وڌي ويا ته به ڇا ٿيو، تون به هڻي وڃي هنڌ ڪندين.“