Monday, June 1, 2015

ڊاڪٽر صاحب! تنهنجي وڏي مهرباني! - منصور

ڊاڪٽر صاحب! تنهنجي وڏي مهرباني!
منصور
ماستر وارو ڇوڪرو اٺين درجي ۾ فيل ڇا ٿيو، اصل روئي ڪِن ڪيائين. سڀني گهڻو ئي سمجهايس، پر ڇوڪرو چوي ته اڄ نه رئان ته ڪڏهن رئان! سندس روئڻ تي ٻيو ڪنهن کي جُهٻي اچي نه اچي، پر سندس ماءُ جا آنڊا ٿي ڇڄيا، ڳل ڳراٽي پائي چيائين؛ ”ابا جي هيل پاس نه ٿئين ته مٿئين سال... پڙهائي ڪو ڀڳي ڪو نه ٿي وڃي. جي جيڏا سرتا هڪڙو سال اڳيان وڌي ويا ته به ڇا ٿيو، تون به هڻي وڃي هنڌ ڪندين.“


پر ڇوڪرو اصل هٿن مان ٿي نڪتو. چئي ڇڏيو ته بَرُ مُنهن ڪريان. ڪڏهن کوهه ۾ ٽپو کائڻ جا ويٺو ويچار ونڊي. ماستر ويچارو سڌو ماڻهو، پراين ٻارن تي ڪڏهن هٿ نه کنيائين ته پنهنجي کي ڇا ڪري! پرڀائڻ جون وڏيون ڪوششون ڪيائين، چئي؛ ”ابا تون ماٺ ڪَرِ، سُڀاڻ وڃي هيڊ ماستر سان جهيڙيان ٿو ته سڄي اسڪول ۾ جي فيل ڪيوءِ ته مون واري ڇوڪري کي... وڃي ٿو هڙئي پيپر کولايان... ضرور ڪا کانئن غلطي ٿي هوندي، سا درست ڪرائي تو کي مارڪون وٺايو ٿو ڏيان.“
پر ڇوڪرو اصل چئي ته توهين ڪير؟ هڪ پير تي ٿي نچيو... ماستر گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته روئڻ کان بس ڪري، خلق نه کلائي، پر ڇوڪر هڪ نه مڃي. آخر ماستر جي صبر جا بند ٽُٽي پيا، سو تپي کڻي ڏنائين ڇڙٻ، ”ڇورا سڄو ڏينهن وتين رولاڪي ڪندو، پڙهڻ تي چڙهئي ٻرو، لکڻ پوري اي بي سي نه ٿي اچئي، وري فيل ٿيڻ تي کڻي ٻڙڌڪ مچايو ٿي. بس ڪر نه ته هينئر جو هينئر گهران نڪر.“
ماستر کي تتل ڏسندي، ماءُ کي جهٻي اچي وئي. ڳراٽڙي پائي ڇوڪري جو مٿو کڻي سيني سان لاتائين، ”ماستر ٿڌو ٿيءُ، گهران ڇوڪرو اڪيلو ڪو نه ويندو، جي ڪڍڻو اٿئي ته اسان ماءُ پُٽ ٻنهي کي ڪڍ. نه هونداسين هتي، نه اها ارانبي ٻاريو، چوچڙيون ڏيندين.“
ماستر، جوءِ کي جو جلندو ڏٺو ته سندس ڪاوڙ جر جي ڦوٽي جيئن ڦسي پئي. پر ڪري ته ڇا ڪري؟ پٽهنس هڻي پاڙو گڏ ڪيو هو. چئي ته ”مون سان ناحق ٿيو آهي، مون سڄو سوالن وارو پرچو اُتاريو هو، هڪ اکر به نه ڇڏيو هو، پر پوءِ به مون کي ماسترن، ابي جي ساڙ کان فيل ڪيو آهي.“ ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح هُئي. ماستر سڄو ڏينهن ايمانداريءَ جي ٽوڪري کنيو، هر هڪ ماستر کي ٽوڪيندو وتندو هو ته ٻيلي اسڪول اندر سگريٽ نه پيئو، جي پيئڻو اٿوَ ته ٻارن سامهون نه پيئو، پنهنجا ڪلاس وقت تي وٺو، هروڀرو پڙهڻ کان ڪين نٽايو. وقت تي پهچو ۽ ايمانداريءَ سان پڙهايو.“
سنڌ جا ماستر، جيڪي فوج اچڻ سان به نه سُڌريا، جن کي سڌارڻ لاءِ آيل ججن به کڻي پويان پير ڪيا، تن جي ضمير کي جي ڪو روز ويهي چُهنڊڙيون هڻندو هُجي، سو ڀلا ڪيئن وڻي؟ پر سندس پُٽ جي ناپاس ٿيڻ ۾ اُهو ساڙ يا حسد ڪين هو، جو سندس پُٽ جو ڪلاس ٽيچر به سندس جهڙو ئي ايماندار اُستاد هو، جنهن ڪڏهن ڪنهن جي نه سفارش مڃي نه وري ڪنهن جي مٿي هرو ڀرو ڪک ئي رکيائين. جيڪڏهن اُن سندس پُٽ کي ناپاس ڪيو آهي ته اُن ۾ ضرور سندس ئي پُٽ جو قصور هوندو. اِهو ويچاريندي وري پُٽ کان پُڇيائين ته؛ ”بابا، ڀلا ڪنهن پيپر ۾ ڪو سوال رهجي ويو هو ڇا؟“ ڇوڪرو پهريان ته سُڏڪن ۾ هو، سو نڪ سُڻڪي ماءُ جي رئي سان اُگهندي چيائين، ”نه ابا، سونهن ساک سان چوان ٿو ته پيپر جي لکيل هر هڪ اکر کي غور سان آهستي آهستي لکي آيو آهيان.“ پهريان جڏهن هُن ٻيڪڙاٽ ۾ اِها ڳالهه ڪئي پئي ته ماستر کي سمجهه ۾ ڪونه ويٺي هُئي، پر هينئر جڏهن چٽي نموني چيائين ته ماستر سمجهي ويو ته ’ابل سوالن جا جواب ته لکيا ڪونهن، رُڳو پرچو اُتاري آيو آهي سو پاس ٿئي ته آخر ڪيئن؟‘ پر جيئن ته پاڙو ڪٺي ٿي ويو هو، سو ماستر پاڻ کي وڌيڪ کلڻهارڪو ڪرڻ بجاءِ دُڙڳ وڃي پنهنجي ڀاڻج کي وٺي آيو، جيڪو پڻ اٺين درجي کان اڳيان نه وڌي سگهيو هو ۽ پوءِ پهريان هاڪر ۽ بعد ۾ هڪ اخبار جو نمائندو بڻيو هو. تنهن گهاٽ گهاٽ جا پاڻي پي، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٻُڌي پاڻ کي اهڙو ته پچائي ڇڏيو هو جو، ڏاها، داناهه به دنگ رهجيو وڃن!

همراهه رُمال ڪُلهي تي رکيو، ٻانهن لوڏيندو ماستر جي اڱڻ تي متل ميلي کي چيريندو اچي ماستر جي ڇوڪري وٽ رسيو، ”اڙي ماروٽ، خير ته آهي، روئي ريهون ڪري کڻي پاڙو مٿي تي کنيو ٿي. ڇا ٿيو؟“ ڳالهه ته هُن کي ماستر رستي سان ايندي ئي ٻُڌائي چُڪو هو، پر ڪي عقل جا جوهر هُن کي به ڏيکارڻا هُئا سو ورجائي ورجائي ساڳيون ڳالهيون پُڇيائين ۽ ڇوڪرو ڪڏهن ٻسڪاٽ ڪندو ته ڪڏهن سُڏڪن ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌائيندو رهيو. رکي رکي نڪ به سُڻڪيائين ٿي. ڳالهه جڏهن دنگ ٿي ته ماستر جي ڀاڻج وڏو ساهه ڀريو ۽ مسئلي جو ٽوڙ ڪڍندي چيائين، ”بس ايتري ڳالهه، اِنهيءَ تي اچي ڳوٺ مٿي تي کنيو ٿي. اڙي ماروٽ ڀاڳ وارو آهين، بخت وارو آهين، ٻيلي اهڙا ڀاڳ هر ڪنهن جا ناهن هوندا، اڃا به وس پُڄئي ته ايندڙ سال به ساڳي ئي ڪلاس ۾ هُججان.“ اِهو چوڻ کان پوءِ هُن ڪجهه ڳالهيون سرٻاٽن سان ماروٽ جي ڪن ۾ ڪيون، ٿوري ئي دير ۾ جنهن ڇوڪري روئي ڪِن ڪيو هو، سو کلڻ لڳو، بلڪ ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ ماستر سميت سڀئي اڱڻ ۾ بيٺل ماڻهو حيران ۽ پريشان ٿي ڏانهس ڏسڻ لڳا. آخر اهڙو ڪهڙو ڏاهپ جو ڏس هو جو ڇوڪري هيڏين سارين منٿن باوجود بس نه ٿي ڪئي ۽ هينئر ويٺو ٽهڪ ڏئي. ٻيا انهيءَ مام ۾ مُنجهيل هُئا، پر ماستر کان رهيو نه ٿيو، تنهن ڀاڻج کي ٻانهن کان جهلي ٿورو پرڀرو وڃي پُڇيو، ’ابا اهڙو ڪجهه ڇا ٻُڌايوءِ مون واري صدوري کي جو سُڏڪن مان ٽهڪن ۾ اچي پيو آهي.‘ سندس ڀاڻج نمائندي بي پراهيءَ سان چيو، ”ڪجهه نه چاچا، بس دُعا ڪر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي، جنهن اسان سان اِهو راز سليو، نه ته آئون پاڻ اٺين درجي ۾ فيل ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن کان مُنهن لڪائيندو وتندو هوس، پر هاڻ فخر سان ٻُڌائيندو آهيان ته آئون اٺين درجي ۾ هڪ ڀيرو فيل آهيان. بس ماما بدقسمتي اِها هُئي جو هڪ ڀيرو فيل ٿيس، جيڪڏهن ٻه ڀيرا ماستر مون کي فيل ڪن ها ته هوند هينئر مُلڪ جو صدر هُجان ها، جيڪڏهن صدر نه تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ جو اڳواڻ ضرور هُجان ها! ماستر ڳالهه جي تهه تائين رسي ويو، سو سندس اکين ۾ شُڪراني جا لُڙڪ ڀرجي آيس، ۽ پنهنجي مُنهن آهستي چيائين؛ ”ڊاڪٽر صاحب تنهنجي وڏي مهرباني.“

No comments:

Post a Comment