Monday, June 15, 2015

ترقي پسند مٺل جسڪاڻي

ترقي پسند
مٺل جسڪاڻي
هُو پاڻ کي پنھنجي تَر ۾ لکيل پڙهيل ترقي پسند چورائين ٿا. ڇو ته الاڻو فلاڻو عملدار سندن خاندان جو هو. وڏي مان مرتبي سان رهيا، نالو ڪمايائون…
هي انهن ماڻهن جو پونئير آهن، جن جي ڏيهان ڏيهه تعريف ٿئي ٿي، پر پاڻ…


جنهن کي ڏسبو آهي، اهو هوش ۾ نه هوندو آهي!؟ گهٽڪو، مين پُڙي، مٺي سوپاري ته هو ماني ۽ ميوات وانگر کائيندا آهن. جڏهن پيسا هوندا اٿن ته پيسن آهر شراب، جيڪڏهن پيسي جو زور نه هوندو ته ٺرو به پاڻيءَ وانگر پيئندا آهن. هيروئن، چرس، جيڪو به نشو ملي ويندو اٿن، اهو ڪندا آهن.
سندن ڳوٺ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا، ڪي چند، عمر کائي موٽيل مرد ته ڪنهن ڌنڌي ڌاڙِي يا نوڪريءَ ۾ آهن، پر اڌڙوٽ ۽ انهن کان ننڍا، نه سٺو ۽ گهڻو پڙهي سگهيا، نه ئي ڪنهن روزگار سان لڳي سگهيا آهن. اڪثر گهرن جون ذائفائون نوڪري يا مزدوري ڪري، پنهنجو به ۽ پنھنجن مردن جو به پيٽ گذر ڪن ته واهه، نه ته کين ٻي ڪا واهه نه آهي!
جڏهن به، جنهن به غريب غربي، اڻ پڙهئي کي، جتي به ملندا آهن، محسوس ائين ڪرائيندا آهن، بلڪ پنھنجن وڏڙن جا نالا کڻي، پنهنجي لاءِ چوندا آهن؛ ”اسان پيڙهين کان لکيل پڙهيل، ترقي پسند سوچ رکندڙ، سکيا ستابا ماڻهو آهيون!“


No comments:

Post a Comment