Monday, March 29, 2021

درياءُ - ناصر بلوچ - ننگرچنا

درياءُ

پنجابي ڪھاڻي

تخليق: ناصر بلوچ

ترجمو: ننگرچنا



هُو راويءَ جي نئين پُل هيٺان لنگهي رهيا هيا. ٻيڙيءَ ۾ هُنَ جي اڳيان مغل شھزادين جي مُھانڊن واري ڪامڻي ويٺي هئي. ڏينھن هوري هوري پڄاڻيءَ ڏي وڌي رهيو هو. هُو چُڀڙڪ چُڀڙڪ ڪندي، ٻيڙيءَ جو ونجهه هلائيندي، کيس جُوههَ وجهيون ڏسي رهيو هو. هُوءَ ميڻ جي مورت وانگر هُنَ جي اکين ۾ رجندي وئي. سامھون جھانگير جي مقبري جا مُنارا ڏسڻ ۾ اچي رهيا هيا. ڏسندي ئي ڏسندي کيس ڄڻ ته مورَ جا پَرَ لڳي ويا.

Sunday, March 28, 2021

گداگر ابن گداگر - دريا خان شنباڻي

گداگر ابن گداگر

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



شام ڌاري لهندڙ سج جي شفق ۾ آسمان ڳاڙھو ٿيندو پيو وڃي ۽ گداگر جي دل ڪاراڻ مائل ٿيندي پئي وڃي، سندس چادر جي هڪ ڪُنڊ ۾ ڳنڍ ٻڌل آھي ۽ سندس هٿ ۾ هڪ ڪستو آھي، انهيء ڪستي ۾ تمام ٿوري ريزگاري ۽ ڪجھ ڏھن روپين وارا نوٽ آھن پر فقير کي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪستو “معاف ڪر فقير، معاف ڪر بابا!” وارن جملن سان ڀريل آھي.

“بابا ڳالھ ڪندو هيو ته اڳ ۾ جڏھن صبح جو پنڻ لاءِ نڪربو هيو ته شام تائين هي ڪستو پئسن سان ڀرجي ويندو هيو” فقير کي پنهنجي بابا جي ڳالھ ياد آئي.

جھريل منهنجي جهوپڙي - دريا خان شنباڻي

جھريل منهنجي جهوپڙي

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



ڪيترن ڏينهن کان ھوءَ ان صاحب وٽ چڪر ڪاٽيندي رهي جنهن وٽ گهر ٺاهي ڏيڻ جي اسڪيم ۽ انهن غريب ماڻھن جي لسٽ هئي جيڪي بي گهر هيا. ھوءَ بيوه عورت جنهن کي اها سُڻڪ پئي ته جڏھن سروي جي ٽيم سروي ڪري وئي هئي ته هاڻ سندس به نالو اچي چڪو آھي تڏھن ھوءَ ٻن ڏينهن کان صاحب وٽ اچڻ وڃڻ لڳي ته جيئن سندس ڪچو گهر پڪو ٿي پئي. ٽئين ڏينهن تي صاحب سان ملرائڻ لاءِ کيس آفيس ۾ سڏرايو ويو ته ھوءَ اندر وئي ته صاحب سامهون ڪرسيء تي ٽيڪ لڳائي ويٺو هيو.

هڪڙي هئي ماسترياڻي - دريا خان شنباڻي

هڪڙي هئي ماسترياڻي

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



مان ٽڪيٽ وٺي اچي ريل گاڏيءَ جي هڪ سيٽ تي ويهي رهيس ۽ ڪجھ گهڙين کان پوءِ ريل گاڏي هلڻ لڳي.

جڏهن ته مان صبح کان وٺي هڪ خط پهچڻ کان بعد انتهائي پريشان آھيان، جيڪڏھن منهنجي وس ۾ هجي ته مان اڏامي اوڏانهن پهچان جيڏانهن مان هينئر وڃي رهيو آھيان. خط جو هڪ هڪ لفظ منهنجي ذھن ۾ اڃا تائين سمايل آھي، جيڪو خط سڪينه نالي ڇوڪريءَ مون کي لکيو.

دل جي ڪورن ڪاڳرن تي - مٺل جسڪاڻي

دل جي ڪورن ڪاڳرن تي...

ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



دعوتون پيون ملنديون آھن. انھن ۾ پيو وڃبو آھي. ھر دعوت، انيڪ ڪھاڻيون، اڻ لِکيون ڇڏي، پڄاڻيءَ تي پھچي ويندي آھي. پاڻ بہ وسري وڃي ٿي، ان سان لاڳاپيل ڪھاڻيون بہ وسري وڃن ٿيون.

جڏھن ڪا نئين دعوت ملي ٿي، تہ پراڻيون دعوتون ۽ انھن دعوتن ۾ سرجندڙ ڪھاڻيون، ڪي ذھن تي تري اينديون آھن، ڪي وسريل رھجي وينديون آھن. نئين دعوت سان لاڳاپيل نيون ڪھاڻيون سرجنديون آھن.

سيارو ۽ روهيون - مير اعظم علي ٽالپر

سيارو ۽ روهيون

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ ۾

مير اعظم علي ٽالپر



اڄڪلهه ۽ خاص ڪري هنن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ سردي جي زبردست لهر ڇانيل آهي، ان جو وڏو سبب قدرتي طرح سان اهو به آهي ته اڄ جڏهن اوهان هي پڙهي رهيا آهيون ته هندي (سنڌي ڪلئينڊر) مهيني مانگهه جي پنجين تاريخ آهي، سنڌ ۾ آڳاٽي ماضي ۾ مانگهه لاءِ لوڪ ڏاهپ جي حوالي سان پهاڪو مشهور آهي ته ”مانگهه، ڏني سَئين (سردين) تانگهه“ يعني مانگهه آيو ته سردي جا ڏينهن به ڊگها ٿي ويا، ڇو ته اڄڪلهه ڏينهن به وڏو ٿي چڪو آهي، حالانڪه شام جي وقت ۾ اڳ ئي سج دير سان (ڇهين کانپوءِ) لهي رهيو هو، پر هاڻ صبح جو اڀرڻ وقت به سج چند منٽ (حيدرآباد جي آخري ٽائيم صبح جو سج نڪرڻ جو ست لڳي چوڏهن منٽ) پهرين اڀري رهيو آهي، پر سائيبريا جون سرد ترين ۽ خشڪ هوائون سنڌ ۾ ديرو ڄمائي چڪيون آهن ۽ هي جنوريءَ جي آخري ڏينهن ۾ سخت سيءَ پئجي رهيو آهي. جنهن لاءِ ڪنهن زماني ۾ (ننڍي عمر ۾) مشهور گلوڪار رجب علي ٻارڙن جي ٻاري ۾ ٻارن سيد منظور نقوي جو نغمو ”آيو سيءُ، سيءُ“ ڳايو هو. بهرحال اتفاق سان سنڌ ۾ موسم ۽ زراعت سان هندي (سنڌي) مهينا فصلن، پوک ۽ ٻني ٻاري جي حوالي سان چولي دامن جو ساٿ وارو حساب رکن ٿا. سنڌ ۾ آبادي جي لحاظ سان زراعت ۾ هندي (سنڌي) مهينن جي نالن جو رواج گهڻو رهيو آهي، هن هلندڙ مهيني مانگهه کانپوءِ ڦڳڻ جو مهينو ايندو، جيڪو سنڌي سال جي مهينن جو ٻارهون ۽ آخري مهينو هوندو هو، ان ۾ ئي سنڌ جي بي تاج بادشاهه ميوي انبن جي باغن ۾ بيٺل انبن جي وڻن ۾ ٿيل ٻُور ٽڙڻ شروع ڪندو آهي ۽ ان جي خوشبو پري پري تائين محسوس ٿيندي آهي، خاص ڪري صبح جو ۽ شام جي وقت ۾ ٻور مان انبڙيون ٿيڻ کان پهرين اها ٻُور جي خوشبوءَ دل کي وڻندڙ هوندي آهي، البته ان ڦڳڻ يعني ايندڙ مهيني کانپوءِ ڳڙن جي به موسم سنڌ ۾ ٿيندي آهي، جنهن سان انبن جو ٻور ته خراب ٿيندو ئي آهي، پر ڪڻڪ جا لابارا به متاثر ٿيندا آهن ۽ کرن ۾ پيل ڪڻڪ کي ٿريشر به هڻڻ مشڪل ٿيندو آهي.

رنگ بازار تي راءِ

ابراھيم کرل جي ڪھاڻين جي مجموعي “رنگ بازار” جو تعارف

ياسين جوڻيجو



عنوان اٿس “ڪفن”، ڪھاڻي پڙھڻ دوران خيال آيو ته اسانجي ھر ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ ساڳين پِرڪارن وارا ڪردار ملي پوندا، جن مٿان اوڙي پاڙي جا ماڻھو، جياپو جاليندي کين درپيش ايندڙ تڪليفن کي محسوس ڪرڻ بجاءِ ڪنھن سبب مٿن ٺٺولون ڪري مُرڪندا آھن. ماڻھوءَ جي زندگيءَ کي پري کان ڏسبو ته اھا معمول واري محسوس ٿيندي، ويجھڙائي مگر زندگيءَ جي ڀيانڪ حقيقتن سان مُنھان مُنھن ڪندي آھي. ڇھ يا اٺ ڪلاڪ ننڊ جا ڪٽي باقي وقت، ھر خاص توڙي عام جاڳندي گذاري ٿو، اھا جاڳ جيون جي جھاز جا سَڙھ سنڀالڻ واري جدوجھد پٺيان خرچ ٿي وڃي ٿي. جن جي جدوجھد سَڦل ٿي پوي تن کي مشغلن لاءِ وقت ملي پوندو آھي باقي خلق خدا جي حوصلي کي ڳنڍيون ۽ ٽوپا ڏئي گذارو ڪندي رھندي آھي.

ٻاٽ ۾ لاٽ جهڙيون ڪهاڻيون - دريا خان شنباڻي

ٻاٽ ۾ لاٽ جهڙيون ڪهاڻيون

دريا خان شنباڻي



ابراهيم کرل ادب جي ستاري جو اهڙو نانءُ جيڪو جڏھن کڄي ٿو ته ذھن ۾ ناول، ڪهاڻيون ۽ ڊراما اچيو وڃن. سندس لکڻ ۾ جيڪو الڳ ۽ جداگانه اسلوب آھي ان ئي اسلوب تحت هو ڪيترن ڪهاڻيڪارن کان مختلف آھي. سندس لکڻين ۾ جيڪا خوشبو آھي سا مٽيءَ جي مهڪ جهڙي آھي. ٻوليءَ جي گوناگونيت، لفظن ۽ لهجن ۾ جيڪا ڪُشادگي آهي، ان نسبت سان هو هڪ ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏ ٻوليءَ جو پڻ ڄاڻو آھي. ڪهاڻين ۾ شاندار ٻوليءَ جي استعمال سبب هن جي لکت کي الڳ مقام حاصل آھي. ڪهاڻين جو مجموعو رنگ بازار پڻ اهڙي ئي شاندار ۽ شاهڪار ٻوليءَ تي آڌاريل آھي؟ جنهن جون ڪهاڻيون پڙھندي نه صرف ڪهاڻين مان مزو ٿو وٺجي پر جملن جي جوڙجڪ، تشبيهن ۽ تمثيلن واري فن کان آشنا ٿي سگهجي ٿو. سندس قلم ڪنهن درياھ جيان آھي، جيڪو ڪڏھن گهٽ ته ڪڏھن وڌ وهندو رهيو آھي پر رُڪيو اصل ناهي. هو ڪهاڻين جي ڪيٽيءَ جو اهڙو زميندار ڪهاڻيڪار آھي، جنهن ڪهاڻين ۾ خوبصورت ٻولي جا اهڙا ناياب ٻج ڇٽي اهڙي پوک پچائي آھي، جنهن پوک مان ايندڙ نسل پڻ فيضياب ٿيندا.ڪهاڻيون ته کوڙ لکيون وڃن ٿيون پر هتي ڪهاڻين جي نالي تي پنهنجي ٻوليءَ کي امرتا بخشڻ پڻ ابراهيم کرل جهڙن قلمڪارن جي قلم جو ئي ڪمال ٿي سگهي ٿو. هو ٻوليءَ جون مهارتون ۽ خوبصورتيون ڪٿان سکيو آھي؟ ان لاء سندس ئي چوڻ آھي ته: منهنجي ڪهاڻين جو خام مال انهن قصه گو جهونن وٽان مون وٽ اچي ٿو، جن سان آءٌ ڪنهن لانڍي، ڇني، اوطاق يا ٻاڪڙا هوٽل تي ويهي ڪچهري ڪريان ٿو. جن وٽان پيار به ملي ٿو ۽ سرمايو به. مان ڪيڏو به مايوس هجان، مصروف هجان پر جڏھن انهن ماڻھن سان ملان ٿو ته خوش ٿيان ٿو ۽ امير ٿي موٽان ٿو. لفظن جو ڀانڊارو ڀرجي وڃي ٿو، جنهن مان ٿورو ٿورو خرچ ڪندو رهان ٿو.

ٻلهڙيجي هڪ ڪهاڻي آهي. ۱ - ننگر چنا

ٻلهڙيجي هڪ ڪهاڻي آهي. ۱

(ڪتاب “انور پيرزادي جون ڪهاڻيون” تي هڪ نظر)

ننگر چنا



انور پيزادو ۽ سنڌ، انور ۽ لطيف، انور ۽ مُهين جو دڙو، انور ۽ سنڌي ادب، انور ۽ شاعري، انور ۽ صحافت، انور ۽ ڪهاڻي....

هڪ ئي شخص جا ڪيترا نه حوالا آهن!!

۽ ڇو نه هجن!؟ ڇو ته اُهو شخص پنهنجي پاڻَ ۾ هڪ الڳ دنيا هو، ۽ ان دنيا جي ابتدا ۽ انتها “انسانُ” هو. مظلوم ۽ محڪوم انسانُ، ڏاڍ ۽ جبر جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ انسانُ. اشرف المخلوقات مان ارذل المخلوقات بڻجي ويل انسانُ.

شڪايت! - مٺل جسڪاڻي

شڪايت!

مختصر تاثراتي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



تصوير ڏسي پھرين ته ٻُڏي وئي! پڪ سان ھوءَ جوانيءَ واري ڄمار جيترو پوئتي ھلي وئي ھوندي!

ايترو ته اوھان کي به اندازو ھوندو ته جواني جي ڄمار ڪھڙي ھوندي آھي ۽ ڪيستائين ھلندي آھي؟

ملاقات! - مٺل جسڪاڻي

ملاقات!

مختصر تاثراتي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



ڏينھن ۽ تاريخ ڪنھن کي ياد ھوندي! سانوڻي مينھن وسي چڪا ھئا. مينھن کان پوءِ فصلن ۽ پاليل جانورن لاءِ پوکيل گاھن ۾ پاڻي بيھجي ويو ھو. ڳوٺ جي گهٽين ۽ مال جي وٿاڻ ۾ گپ چڪ نه، گارو ٿي پيو ھو. اھڙن ئي ڏينھن جي لاءِ ته ٻاجهر جي ڪانن جا گڏا ٻڌي، دن ٺاھي رکبا آھن، بُھه به لنبي ڇڏبو آھي، ته جيئن شادي مرادي، پرڻي مرڻي، عيد براد، ننڍي وڏي ڏينھن ۽ برساتن ۾، مال جي قوت ٿوري وقت ۾ ۽ سولائي سان ڪري سگهجي.

ٻڌائڻ واري جي نيت - مٺل جسڪاڻي

ٻڌائڻ واري جي نيت...

مختصر ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



ڳالهہ ٿا ڪن تہ هڪ همراه ويو مٺائي جي دڪان تي. دڪاندار کي چيائين؛ ”اوهان وٽ جيڪي بہ مٺائي جا قسم آهن، اهي سڀ، هڪ هڪ ڪلو توري“.

دڪاندار خوش خوش ٿيندو، مٺائي جو هر هڪ قسم، هڪ هڪ ڪلو توريندو ويو، ٿڪجڻ باوجود کيس ٿڪ نہ ٿيو.

قصو سُتل جاڳيل جو

قصو سُتل جاڳيل جو

چراغ حسن حسرت

انجنيئر عبدالوهاب سهتو

 


هيءُ داستان، مون پنهنجي نئين سفر دوران، بغداد جي هڪ ڪٻڙي مصور کان ٻڌو. هُن اها ڪهاڻي نقل ڪئي هڪ ارمني طيب جي، جيڪو هڪڙي اک کان ڪاڻو ۽ هڪ ٽنگ کان منڊو هيو. جڏهن ته انهيءَ ارمي طبيب، خود مرزا حسن تبريزيءَ کان هيءُ واقعو ٻڌو هيو.

چيو مرزا حسن ته؛ ”جڏهن مان بغداد آيس ته مون وٽ هڪ حبہ (پئسو) به نه هيو. هڪڙي شيرازي سوداگر، جيڪو جواهرن جي تجارت ڪندو هيو، منهنجي نوجوانيءَ ۽ پرديسي هئڻ تي ترس کائي، مون کي پاڻ وٽ نوڪر رکيو. مون ايڏي سچائيءَ ۽ سُچتائيءَ سان ڪم ڪيو جو منهنجي مالڪ جي تجارت، جيڪا نوڪرن جي بدديانتيءَ جي سبب پوئتي پيل هئي، سا ٻهير ڀڙڪو ڏئي اُٿي ۽ اڪثر فرنگي واپاري، اسان وٽان مال گھرائڻ لڳا. پوڙهو سوداگر، منهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ ديانتداريءَ مان اهڙو خوش ٿيو جو ٿوري عرصي پڄاڻان هن پنهنجي اڪيلي ڌيءَ مون سان پرڻائي ۽ ڪاروبار منجهه، منهنجو حصو مقرر ڪري ڇڏيائين. جيئن ته سندس ڪو ويجھو مٽ مائٽ نه هيو، منهنجي سس کي به مُئي ڳچ عرصو ٿي چڪو هيو، تنهنڪري هاڻ منهنجي زال ئي سندس ساري جائداد جي وارث هئي. ليڪن اسان جي شاديءَ کي سال به نه گذريو هيو جو اها پاڪدامن پڻ گذاري وئي. منهنجو سهرو، ڌيءَ جي وڇوڙي جي صدمي کان چڙهي نه سگھيو ۽ ٿورڙن ڏيهاڙن ۾، ھُن به فاني دنيا کان جاوداني جھان ڏانهن موٽ ڪئي.

شاهجھان جي تصوير

شاهجھان جي تصوير

چراغ حسن حسرت

انجنيئر عبدالوهاب سهتو


 

مون هيءُ داستان، ”همايون جھاز“ تي، هڪڙي ڪراڙي سوداگر جي واتئون ٻڌو هيو. اهو شخص موتين جو واپار ڪندو هيو ۽ چڱو عرصو هندستان ۾ پڻ رهي چڪو هيو. پاڻ ٻڌايائين ته دهليءَ ۾ حاجي احمد، هڪڙو مشهور واپاري هيو، جنهن جو واپار، ڏيساور تائين ڦهليل هيو. هندستان کان علاوه عراق ۽ حجاز ۾ پڻ، سندس گماشتا مقرر ٿيل هيا، جيڪي هر قسم جو تجارتي سامان کيس موڪليندا رهندا هيا. حاجي احمد جي عمر پنجونجاھ سالن جي لڳ ڀڳ هئي. اڃا تائين سندس ڏاڙهيءَ جو هڪڙو وار به اڇو نه ٿيو هيو. سندس هٿ پير مضبوط هيا ۽ پنهنجي سموري ڪاروبار جي نگراني پاڻ ڪندو هيو. حاجي، وڏو نيڪ ۽ خدا ترس انسان هيو. نماز روزي جو گھڻو پابند هيو. نوڪرن سان به سندس سلوڪ سهڻو هيو. پاڙي پتيءَ ۾ ڪو شخص بيمار ٿيندو هيو ته هيءُ ساري رات، سندس سيرانديءَ کان ويٺو هوندو هيو. ليڪن منجھس وڏي خامي هيءَ هئي ته سندس ڪفايت شعاري، مرچوٺ هئڻ جي حد تائين پهتل هئي ۽ هو پنهنجي جان تي هڪڙي ٽيڊي پائي خرچ ڪرڻ، گناهه سمجھندو هيو. وٽس فقط هڪ عبا هئي، جنھن کي به هنڌئون هنڌئون چتيون لڳل ھيون. پٽڪي ۾ به ٽُنگ ئي ٽُنگ هيس. ليڪن حاجي احمد اهو اهڙي چالاڪيءَ سان ٻڌندو هيو، جو ڪو به ٽُنگ نظر نه ايندو هيو. البته سال ۾ هڪ ڀيرو، نئون جوتو ضرور خريد ڪندو هيو. جڏهن ڪو ماڻهو کيس اهو چوندو هيو ته؛ ”حاجي صاحب! الله تو کي ايترو جھجھو ڏنو آهي، پوءِ به تنهنجي لباس جو اهو حال آهي!“ ته حاجي صاحب تيش ۾ اچي چوندو هيس: ”ڇا؟ تنهنجي مرضي آهي، ته ڏيوالو ڪڍي ويهان!“

سوڍو ۽ سونيتي - وحيدمحسن

سوڍو ۽ سونيتي

فتح محمد شھزاد فتح ٿيٻي جي ڪتاب “سنڌ جي سڳنڌ” مان ھڪ ڪھاڻي جو اڀياس.

وحيدمحسن



فتح محمد شھزاد فتح ٿيٻو سنڌ جو ناميارو محقق ۽ اديب آهي ان پنهنجي وسيع مطالعي سان کوجنا ڪري تحقيق جا جوھر عيان ڪيان آهن سندس ھي ڪتاب سنڌ جي سڳنڌ ٽي ڪھاڻيون/ ٽي حقيقتون ان جي جستجو جي ھڪ ڪڙي آهي.

ھن سوڍو ۽ سونيتي، تاريخي لوڪ داستان کي پنهنجي شعور سان اڻت ۾ آندو آهي. جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ ان عشقيا داستان کان آشنائي ٿئي ٿي.

Saturday, March 27, 2021

ڪهاڻيءَ جو تازو توانو مسافر - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

ڪهاڻيءَ جو تازو توانو مسافر

محمد دين راڄڙيءَ جي ڪھاڻين بابت

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري



ڪجھ نوجوان دوست اھڙا آھن جيڪي سنجيدگي سان ادب طرف آيا ۽ تخليقي صلاحيتن ذريعي پاڻ مڃائي ويا. انھن جي ذاتي ڪمٽمنٽ، مطالعو، مشاھدو ۽ سنجيدھ رويو انھن جي رھنمائي ڪندا رھيا. ڪيترا ئي سينيئر ڪھاڻيڪار به ڪافي جڳھين تي نظر انداز ٿيندا رھيا آھن ته وري نوجوان به انھي ستم ظريفي کان بچي ڪونھ سگھيا، رحمت ماڃوٺي، انور بلوچ، لياقت رضوي، صديق مڱيو جھڙا ڪافي ڪھاڻيڪار مڃيل ھجڻ باوجود بھ اسٽريم لائين ڪھاڻي تي نھ اچي سگھيا يا نھ آندا ويا. ايئن نوجوانن ۾  اظھر نوناري، راڄن مڱريو، محمد دين راڄڙي جھڙا ڪيئي ڪھاڻيڪار يا نثر نويس بھ ڪنھن ويسر جي اپ کنڊ ۾ پيا وسن. انھن تي نظر ڪرڻ بھ ضروري آھي. انھن نوجوانن کي تڪڙين ڪھاڻين يا ڪيمپس ناول لکڻ جي ڪري فڪشن جا ڀٽڪيل مسافر چئي سگھون ٿا پر گمراھ نه آھن. محمد دين راڄڙي به انھن نثر نويس نوجوانن منجھان آھي.