Sunday, March 28, 2021

جھريل منهنجي جهوپڙي - دريا خان شنباڻي

جھريل منهنجي جهوپڙي

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



ڪيترن ڏينهن کان ھوءَ ان صاحب وٽ چڪر ڪاٽيندي رهي جنهن وٽ گهر ٺاهي ڏيڻ جي اسڪيم ۽ انهن غريب ماڻھن جي لسٽ هئي جيڪي بي گهر هيا. ھوءَ بيوه عورت جنهن کي اها سُڻڪ پئي ته جڏھن سروي جي ٽيم سروي ڪري وئي هئي ته هاڻ سندس به نالو اچي چڪو آھي تڏھن ھوءَ ٻن ڏينهن کان صاحب وٽ اچڻ وڃڻ لڳي ته جيئن سندس ڪچو گهر پڪو ٿي پئي. ٽئين ڏينهن تي صاحب سان ملرائڻ لاءِ کيس آفيس ۾ سڏرايو ويو ته ھوءَ اندر وئي ته صاحب سامهون ڪرسيء تي ٽيڪ لڳائي ويٺو هيو.


“ها مائي ڇا نالو ٿئي.”

“صاحب نجمه!”

“نجمه زال؟”

“نجمه زال رسول بخش!”

پوءِ هو لسٽ ۾ نالا ڏسڻ لڳو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪندي چيائين؛ “گهروارو واقعي به مري ويو اٿئي يا مڙئي ڪوڙ پئي ڳالهائين؟”

“صاحب گهروارو واقعي به فوت ٿي ويو آھي”

“لڳي ته ڪونه ٿو جو گهروارو مري ويو اٿئي..... منهنجو مطلب آھي ته تنهنجي منهن ۾ اها ئي رونق ۽ ........” هو اڳتي ڪجھ به نه ڪُڇيو.

ھوءَ خاموشيءِ سان ٻار ڪڇ ۾ ڪري بيٺي ئي رهي. “اهو ٻار مڙس جي مرڻ کان پوءِ پيدا ٿيو يا اڳ ۾؟” اصل ۾ هن عورت کي گار ڏيڻ ٿي چاهي پر عورت چيو “هي اڃان ڄائو ڪونه هيو جو گهروارو گذاري ويو”

“ويهندينء؟” صاحب پڇيو ته ھوءَ ڪجھ ڊڄي وئي

“نه صاحب.... بس اهو ٻڌايو ته منهنجو گهر ڪڏھن ٺھندو؟”

“تون ڇا ٿي سمجهين ته هي گهر ڪي ڪاغذ يا رٻڙ جا آھن جو ائين بس ٺهي ملندئي، اڃان ٺپا لڳندا، وڏن صاحبن جون صحيحون ٿينديون”

“پوءِ به ڪيستائين اهي سڀ ڪم ٿيندا صاحب؟!” هن چيو

“ٻه ٽي ٺپا ته صاحبن جا لڳندا باقي آخري ٺپو منهنجو لڳندو..... پر جي تون چاهين ته اهي تنهنجا ڪاغذ صاحبن تائين ڪونه پهچائيندس، بس منهنجو ئي ٺپو لڳندو”

“ته پوءِ ٺپو هڻو نه صاحب مهرباني ڪري”

صاحب هڪ ٿڌو ساھ ڀريو ۽ پوءِ چيائين “ڪاغذ هجي ته ٺپو به کڻي هڻان پر......”

ھوءَ ڪجھ هڪي ٻڪي ٿي ۽ سمجهي نه سگهي تڏھن هن سمجهائيندي چيو “اهو ٺپو ڏاڍو ڏکيو آھي پر ايترو به ڏکيو ناهي”

“ڏکيو به ناهي ته پوءِ دير ڇو ٿا ڪريو صاحب”

“ڏاڍي ڪا سادي آھين، اهو ٺپو ڪو ٻيو نه بس تنهنجي ان جوان بدن تي هڻڻو آھي”

ايترو ٻڌڻ سان ھوءَ حيرت ۾ وٺجي وئي ۽ هڪ طرف کان پڪي گهر جو دلاسو ته ٻئي طرف کان عزت جي نيلامي......

“پڪو گهر وٺڻ ايترو سولو ٿوروئي آھي”

هيڪر ھوءَ واپس ٿيڻ لاءِ مُڙي پر هڪ ڳالھ ذهن ۾ آيس ۽ چيائين “صاحب تنهنجو گهر پڪو آھي؟”

“الحمدلله”

“ته پوءِ تنهنجي زال ڪنهن ڪنهن کان ٺپا ھڻايا آھن؟”

ائين چئي ھوءَ آفيس مان نڪري وئي.

No comments:

Post a Comment