Sunday, March 28, 2021

ٻلهڙيجي هڪ ڪهاڻي آهي. ۱ - ننگر چنا

ٻلهڙيجي هڪ ڪهاڻي آهي. ۱

(ڪتاب “انور پيرزادي جون ڪهاڻيون” تي هڪ نظر)

ننگر چنا



انور پيزادو ۽ سنڌ، انور ۽ لطيف، انور ۽ مُهين جو دڙو، انور ۽ سنڌي ادب، انور ۽ شاعري، انور ۽ صحافت، انور ۽ ڪهاڻي....

هڪ ئي شخص جا ڪيترا نه حوالا آهن!!

۽ ڇو نه هجن!؟ ڇو ته اُهو شخص پنهنجي پاڻَ ۾ هڪ الڳ دنيا هو، ۽ ان دنيا جي ابتدا ۽ انتها “انسانُ” هو. مظلوم ۽ محڪوم انسانُ، ڏاڍ ۽ جبر جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ انسانُ. اشرف المخلوقات مان ارذل المخلوقات بڻجي ويل انسانُ.


انور پيرزادي جي سڃاڻپ لطيف جي عاشق ۽ شاعر واري ته آهي ئي پر هُو اول ۽ آخر اُهو جِيوُ آهي، جنهن جي هٿن ۾ شعور جي ڏياٽي آهي، جيڪو جهالت جي ڪاري رات جي اوجَهه کي ڦاڙڻ لاءِ ڌرتيءَ جي اَڻ ڳڻين پاڻ جهڙن کاهوڙين سان گڏ رُڌَل رهيو آهي.

هُنَ پنهنجي فڪر ۽ سوچ کي پکيڙڻ جي لاءِ هر اُنَ ميڊيم جو سهارو ورتو، جيڪو به سندس اَينٽ تي چڙهي آيو يا وري هُنَ پنهنجي وجود کي اُنَ ڪم ڪرڻ لاءِ لازم ڄاتو. انهن مان ڪهاڻي به هڪ ميڊيم آهي. سندس اٺن مختصر ڪهاڻين جي هڪ مجموعي کي پڙهڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته انور جي اندر ۾ هڪ ڪهاڻيڪار به موجود هو ۽ هُنَ انهيءَ کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به ڏنو، پر اهو موقعو تمام مختصر هو. جيڪڏهن انور صاحب ان ڪهاڻيڪار کي پورو موقعو ڏئي ها ته “ڪاڇي جي ڪهاڻي” گواهه آهي ته هُو جديد ڪهاڻيءَ جي مھندارن مان هڪ هجي ها.

انور پيرزادي جي ڪهاڻين جي ڳَرُ سندس طبقاتي فڪر آهي. هُنَ جي هر ڪهاڻي سندس ڪميونسٽ نظرئي ۽ وطن دوستيءَ جي ساکي آهي. ۵۰ سال اڳ لکيل ڪهاڻين جِي سنڌ ۾ ڪجهه اهڙو آهي جيڪو بدلجي چڪو آهي ۽ ڪجهه اهڙو به آهي، جيڪو اڃا تائين جيئن جو تيئن آهي.

سندس ڪهاڻي، “خدا ۽ سرمايو” کي هڪ خاص پسمنظر آهي. اها ڪهاڻي اهڙي دَور ۾ ۽ اهڙي دَور تي لکيل آهي، جنهن دَور ۾ سامراجُ پاپولزم جي فڪر هيٺ، مظلوم طبقن ۽ محڪوم قومن جي حقيقي جدوجهدن کي هاءِ جيڪ ڪيو. سڄي دنيا ۾ استحصالي طبقن جا پاپولر اڳواڻ عوامي، قومي ۽ طبقاتي نعرا ڪتب آڻيندي، عوام جو مَٿو ڪُوڙڻ ۾ مصروف هيا. هتي سنڌ ۾ به ذوالفقار علي ڀُٽي “اسلامي سوشلزم” جي نعري هيٺ اها کيڏَ کيڏي ۽ هاريءَ ۽ مزور جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. ۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ هڪ پاسي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ اُنَ جهڙا حقيقي ڪامريڊ هيا ۽ ٻئي پاسي “اسلامي سوشلزم” جي بينر هيٺ ساڳيا پراڻا سنڌ دشمن ۽ هاري دشمن وڏيرا هيا.

هيءَ ڪهاڻي ٻن صفحن ۾ انهيءَ ماحول ۽ وارتا کي سموهيندي، ٻين وارتائن کي به ساڻُ کڻي هلي ٿي. انور صاحب سرمائي جي جبر ۽ ڏاڍ کي Fictionize ڪندي، اهو ڪجهه اظهاريو آهي، جيڪو اسان اڄ به نه ٿا اظهاري سگهون. سرمائي جي ننگي وحشت اڳيان ڪوبه عقيدو، ڪا به مقدس هستي پويان پير ڪري، کِسڪي وڃي ٿي. اهڙي ثابتي ڪهاڻيءَ ۾ هيئن موجود آهي ته وڏيرو جيڪو اسلامي سوشلزم جي پرچار ڪري رهيو آهي تنهن کي هڪ هاري اچي کيس پيرين پئي ٿو ۽ وڏيري جي بوٽَ تي اُنَ هاريءَ جي ٻن آڱرين جا نشان ٺهي پون ٿا. وڏيري جو ترقي پسند دوست اُنَ هاريءَ کي اسلامي حوالي سان سمجهائي ٿو ته جهڪڻ، پيرين پوڻ وغيرهه اهو سڀ شرڪ آهي ۽ حرام آهي. اسلام ۾ سڀ انسان برابر آهن، پر اُهوئي هاري پڇاڙيءَ ۾ جڏهن وڏيري کي پيرين موڪلائي نڪري ٿو ته هُنَ جي بوٽَ تي پنجن ئي آڱرين جا نشانَ ٺهيل آهن ۽ سرمايو مذهب کان مٿي بيٺو آهي. اياز ڪيڏي نه ٺهڪندڙ ڳالهه ڪئي آهي:

اسلام ۾ سوشلزم، دارونءَ ۾ وُڊڪا،

ملان ڪڍ اُڊڪا، دارون اٿئي دين جو.

چون ٿا، هڪ ڀيري وتايو فقير بازار ويو، اُتي هڪ همراهه کي گدرا وڪڻندي ڏٺائين. وتائي جي دل گهريو ته ڪو گدرو کائجي. هُنَ گدرن واري گهورارُو کان ڌڻيءَ جي نالي تي گدرو گهريو. همراهه هڪڙو ڦِٿَل ۽ ڪِنو گدرو کڻي وتائي کي ڏنو. فقير کيسي مان ٽَڪو ڪڍي همراهه کي ڏيندي چيو ته؛ ”ڪو سٺو ۽ مِٺو گدرو ڏجانءِ.” همراهه سهڻو گدرو چونڊي ڏنس. وتائي ٻئي گدرا هٿن تي کڻي،مٿي اُڀَ ڏي ڏيکاريندي چيو؛ “پنهنجي نالي جي عزت به ڏس ۽ ٽَڪي جي عزت به ڏس!”

وتائي جي لوڪ ڏاهپ ۽ انور جِي جديد ڏاهپ جو سنگم ائين ئي ٿئي ٿو ۽ اها پنهنجي ڏاهپ Modernize ٿي “خدا ۽ سرمايو” جو روپ وٺي ٿي.

سندس ٻه ڪهاڻيون جيل جي جهانَ تي آهن.

“ملاقات” هڪ جِيءَ جهوريندڙ ڪهاڻي آهي. احساسن ۽ جذبن سان ڀرپور.ننڍي دريءَ مان ڪائنات جي وڏي حصي جو سَير ڪرائيندڙَ. هڪ مظلومُ، بي ڏوهو پر باشعور ۽ ڪميٽيڊ قيدي آهي، جنهن سان سندس وَني ۽ ٻار ملڻ آيا آهن. ٻي هڪ ٻڍڙي مائي به پنهنجي ڳڀرو قيدي پُٽَ سان ملڻ آئي آهي ته هڪ ڪُراڙي قيديءَ سان سندس ننڍڙو پُٽُ ۽ زال به ملڻ آيا آهن. قيدين جي ملاقات جو وقت آهي. قيدين جي بي وَسي،سندن احساسَ، اُٿلون کائيندڙ اُڌما، اُمنگون، خواهشون، ٻارڙن جا سادا ۽ سچا خيال، انهن جو ڪِروڌَ، جيڪو فطري به آهي ته حقيقي به.

باشعور قيدي جيڪو هن ڪهاڻيءَ جو راوي به آهي، سو جيل ۾ به پنهنجن ٻارن جي تربيت ڪرڻ جو موقعو هٿان وڃڻ نه ٿو ڏئي.قيديءَ جي ٻارن ڦٽاڪن جي عيد گهر گذاري آهي ۽ هاڻ ڇا ٿو ٿئي؟هڪ منظر توهان به ڏسو:

“پُٽ!توهان عيد تي ڪيترا ڦٽاڪا ڇوڙيا هيا؟”

“بابا!اسان جا ڦٽاڪا سَنجهي ئي کپي ويا هيا،پوءِ اسان امان کي چيو ته ڏَس ته بابو ڪاٿي آهي ته اسان کي ڦٽاڪا وٺي ڏئي، پر امان نه ڏسيو.بابا!تون ڪاٿي هئين؟” منهنجي وڏڙي پُٽَ پڇيو.

“مان هِت هيس.”

“هِت ڇا پيو ڪرين؟”

“ڦٽاڪن جو انتظام پيو ڪريان.”

“ڪنهن جي لاءِ؟ بابا!”

“پُٽ!سڀني غريبن جي پُٽن لاءِ.”

“پوءِ انهن کي ڏنئي؟”

“پُٽ!اهو ڪم ڏکيو آهي،مان هڪڙو نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن توهان وڏا ٿيندئو، تڏهن توهان کي به ان لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، پوءِ وري توهان شادي ڪندئو، توهان کي ٻار ڄمندا ته انهن کي به اهو ڪرڻو پوندو.پوءِ هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن سڀني ٻارن کي هڪ جيترا ڦٽاڪا ملندا ۽ وڏي سڄي ڏينهن ڪو به ٻار نه روئيندو.” مون چيو.

“بابا! پوءِ انهيءَ ڏينهن اسان به اڌ رات تائين ڦٽاڪا ڇوڙينداسون؟” منهنجي ننڍي پُٽ مُشڪي چيو.

“ها،پُٽَ!اهڙو ڏينهن به ايندو.” مان ٿڌو ساهه کڻندي چيو.

“بابا!پوءِ اهو ڏينهن ڪهڙو هوندو؟”

“ڳاڙهو.”

ائين ڳاڙهو ڏينهن سندس سڀني ڪهاڻين جو مرڪزي موضوع آهي. ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ اهو سڌو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنهن ۾ اَڻ سڌو.سندس ٻي ڪهاڻي “جيل جو سماج ۽ ڌاڙيل” ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ مضمون آهي. ڪهاڻيءَ جي فَني گهرجن جو ايترو خيال نه رکيو ويو آهي. ڪلائيميڪس يا اينٽي ڪلائيميڪس نه هجڻ ڪري پڙهندڙ Catharsis مان نه ٿو گذري ۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ سياسي پرچار جي Loudness سوائي آهي.

سندس اڳين ڪهاڻي “قرباني جي ٻڪري” سنڌي سماج جي رت ڳاڙيندڙ ناسور يعني وڏيري جي ڪردار تي آهي. ائين لڳي ٿو ته ۵۰ سال اڳ واري وڏيري مِينهين وٽ ڦاپُلِ اڃا به قيد آهي. ڦاپُلِ کي وڏيرو گهران ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ ڦاپل مان ڄاول پُٽَ جو وارث ۽ مالڪ بڻجي،ان جو طوهر ڪرائي ٿو. ڦاپل جي بيدخلي واري عمل ۾ وڏيري جا ساٿي مُلان به آهن ته موالي به، قانون به آهي ته حڪومت به. ائين سماج تي قابض قوتن جي نشاندهي به ٿئي ته وري حڪومت جي بدلجڻ تي مخالف وڏيري کي اڳيان ڪري مِينهين کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. ائين اسان حاڪم طبقن جي اندروني اختلافن کي به پَسون ٿا. پر اهم ڳالهه جيڪا انور صاحب اسان کي ڪهاڻي وسيلي سمجهائڻ گهري ٿو سا هيءَ آهي ته مرداڻي حاڪميت جو شڪار ڦاپل هُونءَ ته مرد جي بدمعاشيءَ جو ڪِيتو لوڙي ٿي پر حاڪم طبقن جي اندروني تضاد جو مُلهه به ڦاپل/عورت کي چڪائڻو پوي ٿو. ان سموري عمل ۾ مذهب ۽ قانون به مرد جا ساٿاري آهي. اها عورت ئي آهي جيڪا مرد جي گناهن جي قيمت به ڀري ٿي ته مرداڻي انا جي اڳيان ٻَلي به چاڙهي وڃي ٿي.

ڦاپل جو جديد روپ آهي، “ٻه جيون ساٿي” ڪهاڻيءَ جي موهڻي. سوڍو ۽ موهڻي ٻئي سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهن، باشعور آهن،انقلابي تحريڪ سان واڳيل آهن. شاديءَ جهڙي موضوع تي ٿيل بحث تي آڌاريل هيءَ ڪهاڻي سنڌي سماج جي ڪيترن ئي مُدي خارج ريتن رسمن جي اُکيڙَ به ڪري ٿي ته چار پنج ڏهاڪا اڳ ٿيندڙ شاگرد سياست جي نظرياتي پختگيءَ جو ڏس به ڏئي ٿي. هيءَ ڪهاڻي فرد جي معاشي ضرورتن ۽ جنسي گهرجن جي وچ ۾ هيئن سَنڌو ڪري ٿي ته:

“عشق کي هُو پيٽَ جي ڍَئو جي اوڳرائين کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه سمجهندا هيا. جنسيت کي هُو انساني فطرت جو هڪ اهم پهلو سمجهندا هيا.”

اهي جملا ۽ سڄي ڪهاڻي ڄڻ ته شيخ اياز جي هن بيت سان گڏ بيٺي آهي ته:

سدا آهي ساهَه کي،ڳڀي جي ڳولا،

ڍَوَ بنان ڍولا!ناهي ساڃَهَه سُونهن جِي.

سندس اٺن ڪهاڻين ۾ اڪيلي ڪهاڻي “سازش” آهي، جيڪا سنڌ جي شهرن ۾ ٿيندڙ ٽريڊ يونين ازم واري سياست جي پس منظر ۾ آهي.هيءَ ڪهاڻي مزور تحريڪ ۾ ٿيندڙ ويساهه گھاتين، موقعي پرستين تي لکيل آهي. توڻي جو ساجن، جيڪو مزور تحريڪ جو اڳواڻ آهي، تَنهن جو مِل جي مالڪ جي ڌيءَ سان ٿيل عشق ڄڻ ته ڪو فلمي منظر لڳي ٿو، پر پوءِ به هن ڪهاڻي ۾ بورجوا زندگيءَ ۽ سرمائيدارن جي مڪر ۽ ان جي موٽ ۾ مزور تحريڪ جي لاهن چاڙهن کي سهڻي انداز ۾ Fictionize ڪيو ويو آهي. هڪ فرد جي عشق کي اجتماعي مقصدن مٿان به فاتح ٿيندي ڏسون ٿا، پر ڪهاڻي جي نائڪ ساجن جي غداري ۽ موقعي پرستي جي موقعي تي ۽ عين وقت تي هُنَ جا ٻه بي نام ساٿي ساجن کان ڌار ٿي، مِل مالڪ جي آفيس مان نڪري تحريڪ جي اڳواڻي ڪن ٿا. ائين اسان کي انور پيرزادي جو سُکَ درسي (Optimistic) رويو نظر اچي ٿو، جيڪو مستقبل جي تحريڪ ۽ هلچل کي تسلسل ۾ ڏسي ٿو، ان کي نڌڻڪو ٿيندي به ڏيکاري ٿو، پرهڪ ساجن جي پوئتي هٽڻ تي ٻه اَڻ ڄاتل يا بي نامُ ڪردار اڳيان ايندي ڏيکاري ٿو. اهي توهان اسان مان ڪير به ٿي سگهن ٿا.

انور پيرزادي جي شاهڪار ڪهاڻي، ڪو مون سان اختلاف به رکي سگهي ٿو، “پِريَنِ پُڄاڻان” آهي. بَسران ۽ اوباهئي جي ڪهاڻي، هاري ۽ هارياڻيءَ جي پريم ڪهاڻي. سنڌ جي روحَ جي پريم ڪهاڻي. هِنَ ڪهاڻيءِ جو هڪڙو شاندار پاسو هي آهي ته هِنَ ۾ اسان جي ڪلچر جي هڪ معدوم ٿي ويل حصي کي محفوظ ڪيو ويو آهي. اڄوڪي سنڌ کي اها خبر ئي ناهي ته ۵۰ سال اڳ جي سنڌ ۾ کاٽي کڻڻ جو ڪلچر ڪيئن هو؟ واهَنِ جي کاٽي پنهنجي جاءِ تي پر کُوهَنِ ۽ کُهيُنِ جي کاٽي کڻڻ جو جهانُ ئي الڳ هو. ڪهاڻيءَ جو نائڪ اوباهيو وڏو ڪوڏيارُ به آهي ته رونبي ۾ به پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. هاڻي نه وَنگارَ آهي، نه ٻنِيءَ جي ٻَنيَ تي دُهل جو ڏونڪو ۽ نه هُوڪرا ۽ للڪارون. هاري سماجَ مان وَنگارَ نڪري وئي. اڳي ته رونبي جي وَنگارَ به ٿيندي هئي ته لاب جي به، هَرَ ڪاهڻ جي وَنگارَ به ٿيندي هئي ته کاٽي کڻڻ جي به. وَنگارَ جي جوش،جذبي،ولولي ۽ جولانَ کي محسوس ڪرڻو اَٿَوَ ته ڪهاڻي کي هڪ ڀيرو ضرور پڙهي ڏسو.

اڄ ڪلهه ته مارڪيٽ اڪانامي ۽ جديد مشين اهو سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو آهي. هِنَ ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو کُوهُه هو، تَنهن جي جاءِ تي ٽيوب ويلُ ۽ گهرن ۾ واٽرسپلاءِ جو نَلُ يا هَٿَ نلڪو اچي چڪو آهي. اڄ وَنگارَ وهندڙَ کي دوستي، سَهڪار ۽ گڏجي سڏجي ڪم اُڪلائڻ جهڙا گُڻَ نه ٿا هِرکائن، ڇو ته پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ ملندڙ “ڏهاڙي” وڌيڪ ضروري ڄاڻائي وڃي ٿي.

هِنَ ڪهاڻي ۾ وڏيري جو ساڳيو بڇڙو ڪردار آهي، جيڪو بَسران کي اغوا ڪرائي ٿو ۽ اوباهيو گهر ڇڏي ڌاڙيل ٿي وڃي ٿو. هيءَ عوامي ٻوليءَ وسيلي عوامي ڪلچر جي اوک ڊوک ڪندڙ هڪ ڀلوڙَ ڪهاڻي آهي.

بَسران ۽ اوباهئي جي ڪردارن تي مون کي ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جون هي سِٽون ياد اچن ٿيون:

جيئي هاري ۽ مزدور واري

جيئي هارياڻي پُرنور،

پورهئي اندر صبح شامَ،

جيئي سنڌ،جيئي سنڌ،

جامِ محبت پيئي سنڌ!!

سندس مختصر ۽ مُوثر ڪهاڻي آهي، “ڪاڇي جي ڪهاڻي”. هيءَ ڪهاڻي درد جو داستانُ آهي.نظم به آهي ته ڪهاڻي به. هيءَ هڪ فلم آهي،جنهن جي بيڪ گرائونڊ ۾ سڄو ڪاڇو آهي... اُڃارو، لَسَ، بيابانُ، پَٽُ ئي پَٽُ ۽ ان ۾ بي واها، نڌڻڪا ماڻهو آهن، ٻارن ٻچن سميت نڌڻڪا. تاساري ۽ رائي واري پَٽَ ۾ پيءُ ٻن اڃايل معصوم ٻارڙن کي ماءُ سان گڏ ڇڏي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪري وڃي ٿو ۽ پويان ٻئي ٻارڙا ۽ سندن ماءُ اڃ وگهي راهَه رباني وٺي وڃن ٿا. انور پيرزادي جي هيءَ ڪهاڻي ۲۰۰۳ع جي لکيل آهي. ايڪويهين صديءَ ۾ جتي دنيا جا ماڻهو سمنڊ جي زهر جهڙي ڪَڙي پاڻي کي مٺو ڪري پي رهيا آهن، اُتي اسان جي سنڌ جو اُڃارو ڪاڇيلو اُڀَ جي آسري تي آهي. سنڌ جي طويل درد جي ڪهاڻي جو هڪ باب آهي ڪاڇو ۽ ان جي جهلڪ آهي هِنَ ڪهاڻي ۾. اڄ ڪلهه ڇپجندڙ مختصر ڪهاڻين جي مشڪري کي به پڙهو ۽ هيءَ مختصر ڪهاڻي به پڙهو ۽ وڃائجي وڃو ڪاڇي جي پَٽَ ۾، اُڃَ جي بيڪران بحر ۾.

“انور پيرزادي جون ڪهاڻيون” نالي ڪتاب کي جي “پرين پُڄاڻان” جو سرو ڏجي ها ته بلڪل مناسب ڳالهه هجي ها. هِنَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جڏهن به اچي، تڏهن اُنَ ۾ رهجي وَيل چُڪن تي ڌيان ڏجي. هُونءَ به ڪتاب ۾ چُڪون نه هجڻ جي برابر آهن. هنن ڪهاڻين ۾ ۵۰ سال اڳ واري سنڌ بيان ڪئي وئي آهي، پر اُها سنڌ اڄ به ساڳي منظرنامي سان گڏ موجود آهي. ڪهاڻين کي عوامي ٻوليءَ ۾ عوام جي لاءِ لکيو ويو آهي ۽ ڪهاڻين جا ڪردار اسان جي آس پاس جا ۽ ڏٺل وائٺل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سماج جي محڪوم ۽ مظلوم ماڻهن جو درد آهي، عوام ۽ وطن سان محبت آهي، اميد آهي ۽ امنگ آهي.

هنن ڪهاڻين کي پڙهيو ته گھڻو اڳ هيم، پر ٻه اکر لکڻ لاءِ اقرار پيرزادي جو ٿورائتو آهيان، جنهن “ٻلهڙيجي ڪانفرنس” ۾ هنن ڪهاڻين تي ڳالهائڻ جو چيو ۽ انور پيرزادو اڪيڊمي جَسُ لهڻي، جيڪا سنڌ جي هِنَ ڌِڱ مڙس جو پورهيو اسان تائين پهچائي رهي آهي.

 

(هيءَ لکڻي ۲۸ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي “ٻلهڙيجي ڪانفرنس” ۾ پڙهيل ٽن ڪهاڻيڪارن، انور پيرزادي، ميرمحمد پيرزادي ۽ ستار پيرزادي جي ڪهاڻين تي لکيل مقالي جو پهريون ڀاڱو آهي.)

No comments:

Post a Comment