Tuesday, March 23, 2021

ڪهاڻيون جيڪي نوحو به آهن ته لاڏو به - پروفيسر مختيار سمون

ڪهاڻيون جيڪي نوحو به آهن ته لاڏو به

پروفيسر مختيار سمون



”اميد جو ڪرڻو“ وارو اصطلاح ته هاڻي سندس ڪهاڻين جي تازي ڪتاب جو عنوان بڻيو آهي، پر گهڻي وقت کان وٺي سموري سنڌ جي جونيئر توڙي سينيئر ليکڪن، شاعرن ۽ ٻين تخليقڪارن سان سندس محبت ۽ نيازمنديءَ واري روش، کين همٿائڻ وارو انداز ۽ انهن جي تخليقي ڪم کي اهم ثابت ڪرڻ وارا سندس دليل هميشه هُنن جي دل ۾ ”اميد جو ڪرڻو“ ئي پئدا ڪندا رهيا آهن ۽ هُو ان ڪرڻي جي روشنيءَ ۾ ئي پنهنجي تخليقي سفر کي جاري رکي اڳتي وڌندا رهيا آهن ۽ ايئن سنڌي ادب جو جهول هر روز نت نون تخليقين جي رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو رهيو آهي. هِن جو اهڙو ورتاءَ هر دل ۾ هِن لاءِ جاءِ پئدا ڪندو رهي ٿو، مان پڻ سندس اهڙي اعليٰ ظرف تي کيس سلام پيش ڪريان ٿو.


محمد علي پٺاڻ انتهائي حساس دل ۽ اجري روح جو مالڪ ۽ ڪل وقتي ليکڪ آهي. هو پنهنجي ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي لکندو رهيو آهي ۽ اڄ جڏهن هو پنهنجي ڄمار جي سٺهين ڏاڪي تي پهتو آهي تڏهن به لکندو رهي ٿو. خوبصورت خيال، باريڪ مشاهدا، وسيع مطالعو ۽ لطيف لفظ هميشه سندس تخليقن جي Strength رهيا آهن. هو پنهنجي ڪنهن به تجربي، واقعي، وارتا، يا اندر جي احساس کي وقت جي رحم ڪرم تي ڇڏي ان کي ضايع ٿيڻ نه ٿو ڏئي پر انهن کي پنهنجين ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن ۽ شاعري ۾ سانڍي محفوظ ڪري انهن کي تاريخ جو حصو بڻائيندو رهي ٿو. هو اهڙو خوشنصيب لکاري آهي جنهن وٽ تخليقون سندس قلم جي جنبش جون منتظر رهنديون آهن. هن وٽ موضوعن جا گدام ڀريل آهن. جيڪي هر روز سندس لکڻين جو بنياد بڻجندا رهندا آهن. اهي موضوع هوسماج مان ميڙي چونڊي  کڻي ايندو آهي. تنهنڪري ئي ته سندس لکيڻيون همعصر سماج جو حقيقي عڪس پيش ڪنديون آهن.


سندس زيرِ نظر ڪهاڻين جو ڪتاب ”اميد جو ڪرڻو“ پڻ مٿي ڄاڻايل حقيقت جو پَرتوو آهي. هن ڪتاب جو ڪهاڻيون احساساتي به آهن ته معروضي حالتن جون عڪاس پڻ. هي ڪهاڻيون حالتن جو نوحو به آهن ته زندگيءَ جو لاڏو پڻ. اهي رڳو حالتن جي المناڪ رخن سان ئي روشناس ڪري دل ۾ جهير نه ٿيون وجهن پر ”نئين زندگي“ جي نويد ڏئي پڙهندڙ جي دل باغ بهار به ڪري ڇڏين ٿيون. ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻي ”نئين زندگي“ انهيءَ دعويٰ جو اعليٰ مثال آهي. ”اميد جو ڪرڻو“ ڪهاڻي پڻ اهڙي ئي دلپذير آهي جنهن ۾ هن ڪهاڻي جي مک ڪردار خاموشي نالي هڪ عورت لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا جي قهري ڪارواين جي ڪري پنهنجي آس پاس رونما ٿيندڙ دکدائڪ واقعن، ڪجهه ڪٺور ماڻهن جي بي رحم روين ۽ غريبن جي حالتِ زار کي ڏسي مايوسين جي ڪُن ۾ ڪري پوي ٿي ته اتي ٻن ماڻهن جي گفتگو مان هڪ جو پرُاميد جملو هن جي ڪنن تائين پهچي ٿو جيڪو هن کي وري زندگيءَ جي رستن تي روان دوان ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪهاڻي پنهنجي عظيم مقصد کي ماڻيندي هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي بڻجي وڃي ٿي.

ڪتاب جي هڪ ٻي ڪهاڻي جنهن جو عنوان آهي ”پسند نه ڪري“ سا به تخليق ۽ ٿيم Theme جي چونڊ جو اعليٰ مثال آهي. بلڪل نئين ۽ اڻڇهيل خيال سان ڪهاڻي بلڪل منفرد ۽ ڏاڍي دلچسپ بڻيل آهي. هي ڪهاڻي ليکڪ جي تصوراتي سگهه سان ڪريئيٽ Create ٿيل به لڳي ٿي ته  موجوده دور ۾ ڪووڊ جي نتيجي ۾ المناڪ واقعن سان گڏ جنم وٺندڙ ڪجهه دلچسپ واقعن مان هڪ جو سچو اظهار به ٿي سگهي ٿي.  ڪهاڻي جو مرڪزي خيال هيئن آهي ته ” هڪ نوجوانُ پنهنجي پڦاٽَ ڊاڪٽر ياسين جي ڀيڻ انيلا سان شادي جي آس لڳائي ويٺل آهي  پرجڏهن کيس خبر پئي ٿي ته انيلا کيس پسند نه ٿي ڪري ته  هو مايوس ٿي وڃي ٿو. هڪ ڏينهن هو جڏهن اچانڪ زڪام ۽ ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا ٿئي ٿو تڏهن اوچتو اسپتال بجاٰءِ هن جا قدم اتي ويجهو ئي پنهنجي پڦاٽ ڊاڪٽر ياسين جي گهر ڏانهن مڙي وڃن ٿا. هو ڪال بيل جي بٽڻ کي دٻائي ٿو ته ڪال بيل جي آواز تي در انيلا کولي ٿي. هو چائنٺ ٽپي اندر ٿي انيلا جي اڳيان لڳاتار پنج نڇون ڏئي ٿو ۽ واپس ٿيڻ کان اول کيس چئي ٿو ته، ”تو مون کي پسند نه ڪري شاديءَ کان انڪار ڪيو هو نه، هاڻي ڪرونا سبب موت مون سان گڏ توکي به ڪو نه ڇڏيندو.“ هي ڪهاڻي بلڪل نئين انداز ۽ نئين دور جي آهي ۽ اهو ڪووڊ وارو تازو دور ئي آهي.

نامور ليکڪه مهتاب اڪبر راشدي موجب؛ ”هي ڪهاڻيون پڙهندي هر ڪو پاڻ کي ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن ڪردار ۾ ڏسي سگهندو.“ منهنجي خيال ۾ سچ به اهو ئي آهي ڇاڪاڻ ته محمد عليءَ جا سڀئي موضوع سماج مان ئي کنيل آهن اهو سماج قومي به آهي ته بين القوامي پڻ. ڇاڪاڻ ته ادب ۽ آرٽ سرحدن جا پابند نه هوندا آهن ۽ وري ساڳي طرح ڏک، خوشي،  پيار، محبت، ۽ نفرت وارا جذبا پڻ يونيورسل هوندا آهن. سرحد پار ويٺل ڪنهن معصوم ٻار جي پياري مرڪ دل کي باغ بهار ڪري ڇڏيندي آهي اهڙي طرح سمنڊ پار سرزد ٿيندڙ ڪو به انياءُ پڻ ماڻهو کي ڏکارو ڪري ڇڏيندو آهي. پنهنجي سماج، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي.  نامور شاعره ۽ ليکڪه رافعه بخاري پڻ انگريزي ۾ لکيل پنهنجي ڪمينٽس ۾ هنن ڪهاڻين جي رائيٽر لاءِ لکي ٿي ته؛

His commitment to his land and its poor folk is like a bond. His pen never roams somewhere else except poor folks.”

هوءَ لکي ٿي ته؛ ”هِن جو پنهنجي ڌرتي ۽ غريب لوڪن سان ازلي ناتو جڙيل آهي تڏهن ئي ته هن جو قلم انهن غريبن جي ڏکن سورن کان ٻاهر ڪٿي به نه ٿو ڀٽڪي.“

منهنجي خيال موجب محمد علي ڏيهه ۽ پرڏيهه جي سماجي، سياسي ۽ سائنسي اٿل پٿل تي گهري نطر رکندڙ ليکڪ آهي جيڪو رڳو ماضي جا ئي سور نه ٿو پٽي پر حال ۾ جيئندي همعصر دور جي ڏکن، خوشين، تنزلي توڙي ترقيءَ واري تاريخ رقم ڪندو رهي ٿو جيڪا عام ۽ ٺوس تاريخ واري صنف کان مختلف فڪشن، شاعري ۽ ٻئي قسم جي نثر جي صورت ۾ سندس آرٽ ۽ فن سان سلهاڙجي اسان تائين پڄندي رهي ٿي. ماڻهن سان هن جو ملاقاتون، شهرن، ڳوٺن ۽ جهرن جهنگن ۾ هن جا چڪر، اخبارن ۽ ميڊيا جي ٻين ذريعن تي هن جو نطرون هاءِ پاورڊ لينس واري آٽوميٽڪ ڪئمرا مثل ڪم ڪنديون رهن ٿيون جيڪي غير محسوس طريقي سان منظرن جا فوٽو ڪڍندي هن جي ذهن جي وسيع هارڊ ڊسڪ ۾ اسٽور ڪندي ويندي آهي ۽ بعد ۾ هو گهر ۾ نويڪلو ويهي انهن تصويرن جي ڊسڪرپشسن لکندو وڃي ٿو، انهن ۾ احساس ڀريندو انهن کي جيئرو ڪري ڪهاڻي جي روپ ۾ پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو.

مان سمجهان ٿو ته منهنجي اها راءِ  نامور اديب  امداد حسيني جي ان سوال جو به شايد جواب ڏيندي هجي جنهن ۾ هو پڇي ٿو ته ”محمد علي پٺاڻ ايڏي دکدائڪ ڪٿا کي ايڏو سهجتا سان ڪيئن بيان ڪري سگهيو آهي؟ اچرجُ ان تي آهي!“ امدا حسيني پنهنجي مختصر راءِ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته محمد علي پٺاڻ جِي ويجهڙ ۾ فيس بوڪ تي ڪهاڻي (گهڻي ڳڻ ڳوت ڪري) پڙهي سنڌي وڏيرڪي سماج جو منهن مهانڊو ڏسي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. دل درد سان ڀرجي وئي.“

بھرحال منهنجو عزيز دوست محمد علي پٺاڻ جنهن سان دوستي، محبت ۽ احترام واري تعلق تي مون کي هميشه فخر هوندو آهي، سو اهڙو خوشنصيب شخص آهي. جنهن گهڻو ۽ سٺو لکيو آهي، گهڻ ڇپيو آهي، گهڻو ساراهيو ويو آهي، سندس ڪتابن جا اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن، گهڻن ڪتابن جو مهورتون ٿيون آهن، سندس ڪي ئي ٽي وي توڙي اسٽيج ڊراما شوق سان ڏٺا ويا آهن ۽ سندس ڳچ شاعري سٺن فنڪارن پڻ ڳائي آهي. منهنجي دعا آهي ته هن جو اهو سفر سلامتي سان اڳتي به جاري رهي ته جيئن سنڌي ادب جي جهول تي هن يگاني اديب ۽ شاعر جون ڪوتا مينهن جيان وسنديون رهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۲۳ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment