Saturday, March 27, 2021

غلام رباني آگري جي ڪهاڻين ۾ ضميري فعل جو مختصر جائزو

ضميري فعل جو مختصر جائزو

غلام رباني آگري جي ڪهاڻين ۾

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سجاڳ ۽ قوم کي شعور بخشيندڙ غلام رباني آگرو گهڻ پاسائين شخصيت رهيو آهي. ون يونٽ وارو دؤر سنڌ جي شعوري ۽ مزاحمتي ادب جي اوج جو دؤر رهيو آهي، ان دؤر ۾ غلام رباني آگري جو وڏو ڪردار رهيو آهي. ان وقت هر باشعور ماڻهو پنهنجو حصي جو ڪم ڪرڻ ۽ سنڌي قوم کي بيدار ڪرڻ ۾ لڳو رهيو. شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، مولانا غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، مدد علي سنڌي، شوڪت حسين شورو ۽ ٻين ڪافي نالن ۾ غلام رباني آگري جو نالو به پهرين صف ۾ ڳڻيو ويندو آهي.


بنيادي طور رباني صاحب جي سڃاڻپ افسانوي ادب سان سلهاڙيل رهي آهي. سندس ادبي، سماجي توڻي سياسي تاريخ واري ڊاڪيومينٽ ’جهڙا گل گلاب جا‘ پڙهي ڏسندؤ ته ان ۾ به اوهان کي هڪ افسانوي انداز ملندو. سندس چند سفرناما يا ڪالم به اسان جي سامهون رهيا آهن، پر ان جو اُسلوب ۽ انداز بيان به افسانوي محسوس ٿيندو.

مان ان فيلڊ جي ويجهو ناهيان رهيو، ليڪن مون جيڪي نثري ڪتاب پڙهيا آهن، تن ۾ افسانوي انداز راشدي برادران کان پوءِ رباني صاحب جو ڪافي جاذبيت ۽ جاندار لڳو. حقيقت ۾ افسانو يا ڪهاڻي اهڙي بنيادي صنف آهي، جنهن سان هر ماڻهوءَ جي بچپن کان ويجهڙائپ رهي آهي.

افساني يا ڪهاڻيءَ جي ’شروعات ۽ اختتام ڪرڻ‘ هڪ نرالو فن ٿئي ٿو، جيڪو ڪافي مشق بعد حاصل ٿيندو آهي. ظاهر آهي ته ان تي تنقيدي نظر رکڻ به افساني نگار يا ڪهاڻي نويس جو ئي ڪم آهي.

اهو اسان جي قوم جو الميو آهي ته ڪوبه مخصوص ڪم، اهڙن دل گهرين ماڻهن کان ڪرايو ويندو آهي، جيڪي ان فيلڊ جا به نه هجن. مان بنيادي طور ’لسانيات‘ جو ماڻهو آهيان، ليڪن جتي لسانيات جا تحقيقي معاملا هوندا آهن، اتي مون کي موقعو ئي نه ڏنو ويندو آهي، اتي وري نانءَ چڙهيا اديب ۽ تخليقي ادب جا ماڻهو لسانيات جا ماهر بڻجي ڪرسيءَ والار ڪري ويهي رهندا آهن.

مون کي گل موري حڪم ڪيو ته ”اوهان کي ’غلام رباني آگري‘ جي ڪهاڻين تي مختصر پيپر لکڻو آهي.“ سچ ته مان معذرت ڪئيمانس ته ’يار، مان ان فيلڊ جو ماڻهو ئي ناهيان، مان جيڪا ڳالهه ڪندس، سا ته خالي پٽاڙ هوندي.‘ وري به مون تي زور رکيائين ته ”ٻوليءَ جي حوالي سان ئي سندس ڪهاڻين تي ڪجهه لکو ۽ هن ڪانفرنس ۾ شامل ٿيو.“

مان ’غلام رباني آگري‘ جي هڪ ڪهاڻيءَ: ’شيدو ڌاڙيل‘ ۾ ڪم آندل مڪالمن مان اهڙن لفظن جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪي ’ضميري فعل‘ (Pronominal Verbs) جي دائري ۾ اچن ٿا.

دنيا جون چند ٻوليون هونديون جن ۾ ’ضميري فعل‘ جو استعمال ٿيندو هوندو، جن ۾ عربي، سنڌي ۽ هندي ٻوليون اچي وڃن ٿيون. انگريزي ٻوليءَ ۾ اهڙو تصور ڪونهي. بدقسمتيءَ سان سنڌي ٻوليءَ جي ان معاملي تي باضابطا ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي. مون ڪجهه ڪچو پڪو ڪم ڪيو آهي، جنهن تي اڃا ڏهه دفعا نظر وجهڻ جي ضرورت آهي.

’ضميري فعل‘ سان ڪهاڻيءَ ۾ لفظن جو تمام گهٽ کان گهٽ استعمال ڪري سگهجي ٿو. جديد دؤر جي نسبت ڪهاڻي يا افساني جو اختصاري روپ ’فليش فڪشن‘ آهي. فليش فڪشن ۾ محدود بلڪ مخصوص ڳڻپ وارن لفظن تي مبني ڪهاڻين جا نالا متعين ٿيل آهن. فرض ڪريو ته پنجاهه لفظن جي ڪهاڻي- ڊرئيبل، سؤ لفظن جي ڪهاڻي- ڊرائبل، فڪشن ففٽي فائيو، سڪس ورڊ اسٽوري وغيره. اهڙين محدود لفظن ۾ لکڻ لاءِ ظاهر آهي ته ’ضميري فعل‘ جي وڏي اهميت آهي. عام طور ’م‘ ۽ ’س‘ ضميري پڇاڙيون ’فعل‘ سان ملايون وينديون آهن، جئين: ضميري فعل مان مراد اهڙا فعل جن ۾ ضمير جو امتزاج هجي، جئين:

ڪتاب ڏي. (تون ڏي)

ڪتاب ڏين ٿو. ( تون ڏين ٿو)

ڪتاب ڏينم ٿو. (تون مون کي ڏئين ٿو)

ڪتاب ڏينس/ ڏئيس. (هن کي ڏي)

ڪتاب ڏيان ٿو. (مان ڏيان ٿو)

ڪتاب ڏيانءِ ٿو. (مان توکي ڪتاب ڏيان ٿو.)

ڪتاب ڏئينِ ٿو. (هو، هنن کي ڏئي ٿو.)

ڪتاب ڏيونِ ٿا. (توهان، هنن کي ڏيو ٿا)

ڪتاب ڏئيوَ ٿو. (هو، توهان کي ڏئي ٿو)

ڪتاب ڏيَئي ٿو. (هو، توکي ڏئي ٿو.) وغيره.

ڄاڻايل جملن ۾ ’ڏي‘ امر يعني ’ڏيڻ‘ مصدر مان مختلف زمانن ۽ ضميرن نسبت، فعل بالواسطه ’ڏيارڻ‘ ۽ ٻٽو بالواسطه ’ڏيارائڻ‘ سان هزارين فعلي جوڙ جڙي سگهن ٿا، جنهن جي جوڙجڪ ۽ ترڪيب تي باضابطه ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي.

اهڙن پيراميٽرن جوڙڻ ۽ انهن پيراميٽرن هيٺ ڪنهن به اديب جي تخليقي ڪم جي ٻوليءَ جو معيار جاچڻ جا تنقيدي اصول آهن.غلام رباني آگرو صاحب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار آهي. ڪهاڻي هڪ خاص فن آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن به سماجي معاملي جي مودبانه عڪاسي ڪري، عام کي شعور بخشجي ٿو. ڪهاڻيءَ جي اهڙي چال يا فن تي درست رخ سان ڪونه ڳالهائي سگهندم. ان ڪارڻ آگري صاحب جي هڪ ڪهاڻيءَ مان چند مڪالما کڻي، ان جو معيار ڏسي سگهجي ٿو.

شيدو ڌاڙيل:

پهريون ٽڪرو:

سج ٻه ڪانا کن مٿي چڙهي آيو هو. اڱڻ ۾، ڇنل کٽ تي، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو، هو ستو پيو هو. کٽ جي چوڌاري اسڪولي ٻارن جو ڊنب مڙيو بيٺو هوس. ”شيدو، شيدو، سائين ٿو سڏيئي!“  ”اڙي ائين ڪونه اٿندو: هلو ته سائينءَ کي سڏي اچون،“ ٻئي واڪو ڪيو. پر شيدو اهوئي ستو پيو هو. تنهن تي، ٽئين ڇوڪر وڌي سندس منهن تان رلهيءَ جو پلئه لاٿو. ڇوڪر جو پلئه لاهڻ ۽ شيدوءَ جو واڪو ڪري اٿڻ، ”وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس“ ۽ سٽ ڏيئي رلهيءَ جو پلئه ڇڏائي، هو وري ويڙهجي سيڙهجي سمجهي پيو. ڇوڪرا چپ چاپ هليا ويا.

ڄاڻايل ٽڪري ۾

• ’ٿو سڏيئي‘ ۾ ’ئي‘ پڇاڙي ’ضمير حاضر واحد‘ جي ڪم آندل آهي، يعني ’توکي ٿو سڏي.‘ ان مڪالمي جي جملي ۾ اختصاري طور ’توکي‘ جي مراد، فعل ’سڏيئي‘ ۾ اچي وڃي ٿي.

• ’اٿندو‘ يعني ’ضمير غائب واحد‘ جي پڇاڙي مليل آهي. ’يعني هي ڪونه اٿندو‘

• ’سڏي اچون‘ واري مرڪب فعل جي آخري حصي ۾ ’ضمير متڪلم جمع‘ شامل آهي، يعني ’اسان سڏي اچون‘.

• ’ٻڌايو‘ ۾ ’ضمير حاضر جمع‘ شامل آهي. يعني ’توهان وڃي ٻڌايو‘. 

• ’مان ڪونه ايندس‘ ۾ ’ايندس‘ ضميري فعل آهي، جنهن ۾ ’س‘ ضمير غائب واحد جو آهي ۽ ساڳئي وقت زمان مستقبل پڻ ڄاڻائيندڙ آهي، ليڪن هن جملي ۾ ’متڪلم‘ لاءِ ڪم آيل آهي. هن جملي جون ٻه صورتون ٿي سگهن ٿيون، هڪ: ’مان ڪونه ايندس‘، ٻي: ’ڪونه ايندم‘. جڏهن ’ايندم‘ ڪم آڻبو ته ان صورت ۾ ’مان‘ ڪم نه آڻبو، ڇاڪاڻ ته ’ايندم‘ ۾ ’م‘ متڪلم واحد شامل آهي. اها ليکڪ جي ٻوليءَ جي استعمال جي مهارت آهي.

ٻيو ٽڪرو:

سائين گپ ۾ ترڪي پيو آهيان. گهڙي کن ڇڏيو ته گڏ تان وهنجي اچان.“

”وهنجي ٿو پٽ!“ ماستر، شيدوءَ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ تي ٻير جو لڪڻ هڻندي خار وچان چيو.

بشير، ماستر ڏي نهاريندي، ٻانهون ٻڌي، چوڻ لڳو، ”سائين صبح جو ٻئي ڄڻا ميري جي هٽ تان چانورن جي لائي وٺي، مڪان واري کوهه ڏانهن پئي ويا. مون چيومان ته ’هلو اسڪول‘ تنهن تي مون کي مڪ وهائي ڪڍيائون!“

”پيسا ڪاڏهون آندائون، جو لائي ورتائون!“ ماستر عجب ۾ پئجي چيو.

بشير ڊڄي ڊڄي چوڻ لڳو، ”سائين... سائين! مون کي نه مارجو... مان ڏسيانوَ؟“ ” ڳالهه ڪر!“

”سائين، ڪالهه نوري جي گهران رائي چورائي هئي سين. هٽ تي وڪيسون ٻارنهن آنا مليا. پر سائين مون کي هڪ ڏوڪڙ به نه ڏنائون. ٻارنهن ئي آنا شيدو ۽ ڪريم کڻي ويا!“

ڄاڻايل ٽڪري ۾

• ’آهيان ۽ اچان‘ ۾ ’آن‘ پڇاڙي ’ضمير متڪلم واحد‘ جي آهي.

• ’پئي ويا‘ ۾ ’آ‘ پڇاڙي ’ضمير غائب جمع‘ جي ڪم آندل آهي، يعني ’هو پئي ويا.‘

• ’چيومانِ‘ ’آن‘ پڇاڙي ’ضمير متڪلم واحد‘ ۽ ’نِ‘ ’ضمير غائب جمع‘ جي آهي. يعني ’مان هنن کي چيو‘

• ’وهائي ڪڍيائون‘ ۾ ’ئون‘ ’ضمير غائب جمع‘ جي پڇاڙي آهي. يعني ’هنن وهائي ڪڍي‘.

• ’آندائون يا ورتائون‘ ۾ ’ضمير غائب جمع‘ جي پڇاڙي، يعني ’هنن آندا‘، ’هنن ورتي‘.

• ’ڏسيانوَ‘ ۾ ’آن‘، ’ضمير متڪلم واحد‘ ۽ ’وَ‘ ’ضمير حاضر جمع‘ جي پڇاڙي آهي.

• ’ڳالهه ڪرِ‘، ’ڪر‘ امر جي صورت ۾ مخاطب ’ضمير حاضر واحد‘ لاءِ ئي ڪم ايندو آهي.

• ’چورائي هئي سِين‘ ۾ ’سين‘ ’ضمير متڪلم جمع‘ سمايل آهي.

• ’ڏنائون‘ ۾ ’ضمير غائب جمع‘ جي پڇاڙي آهي.

ٽيون ٽڪرو:

زيبيءَ جي گهر زيبيءَ سان گڏ هڪ ئي کٽ تي سمهيو پيو هو.

”ڏاڍا ڏينهن لاتئي!“

”تو ته ڪانگ ٿي اڏايا!“ شيدوءَ، زبيبيءَ سان چرچو ڪندي چيو.

”نه ته وري ڇا! سڀ توجهڙا آهن ڇا! توکي ته سيني ۾ دل آهي ئي ڪانه. پٿر اٿيئي پٿر.“

”۽ توکي.......“ شيدوءَ اڃان پنهنجي ڳالهه پوري ئي نه ڪئي ته در کڙڪيو. شيدو اٿي وڃي در لاٿو. در تي وڏيري جو ڪمدار بيٺو هو.

”شيدو راجا، وڏيري ڪوٺايو اٿيئي.“

”صبح ايندس.“ شيدو در ٻيڪڙي، اچي زيبيءَ سان گڏ کٽ تي ليٽيو.

”ڪير هو؟“

”وڏيري جو ڪمدار.“

”ڇو آيو هو؟“

”وڏيري ڪوٺايو آهي- ڪم هوندس ڪو- صبح جو ويندس.“ ايئن چئي شيدو زيبيءَ سان گڏ وري رهاڻ ۾ لڳي ويو. اڃا ويرم نه گذري ته وري در کڙڪيو. شيدو خار کائي اٿيو. در کوليائين در تي وڏيرو بيٺو هو.

”سائين، توهان تڪليف ڪئي!“

ڄاڻايل ٽڪري ۾

• ’لاتئي‘ ۾ ’ئي‘ ضمير حاضر واحد‘ جي پڇاڙي مليل آهي.

• ’صبح ايندس‘ واري ترڪيب ۾ لفظ ’ايندس‘ جي جوڙ ۾ اصولي طور ’س‘ ضمير غائب واحد جي نشاني آهي. ليڪن رباني صاحب جي نثر ۾ ’س‘ متڪلم لاءِ ڪم آندل آهي. ان جملي ۾ ’مان يا آئون‘ جو استعمال ٿيڻ کپندو هو. ان جڳهه تي ’صبح ايندم‘ مناسب هيو، ٻي صورت ۾ ’مان صبح ايندس‘ جو جملو مناسب رهي ها. حالانڪ رباني صاحب وٽ به ’م‘ متڪلم جو استعمال جام ملي ٿو،  پر ڪٿي ڪٿي اهڙي لچڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان جو اهم سبب ته انهن معيارن تي باضابطه ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي، جنهن تي ٻوليءَ جي نسبت ڪم ٿيڻ گهرجي.

مون شيخ اياز جو نثر ۽ نظم ان دائري ۾ پرکيو آهي، ان وٽ ’م ۽ س‘ جي استعمال جي اهڙي لچڪ ڏسڻ ۾نه آئي. چوڻ جو مقصد ته سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان اهڙي قسم جي معيارن تي ڪم ٿيڻ گهرجي.

 

(ڊاڪٽر الطاف جوکيو جي فيسبڪ وال تي ۲۷ مارچ ۲۰۲۱ع تي رکيل)

(سنڌي ادبي سنگت نوشهرو فيروز پاران ’ڪهاڻي ڪانفرنس‘ ۾ مون پنهنجو مختصر پيپر پيش ڪيو، جيڪو اصغر علي جماليءَ جي اصرار تي دوستن سان شيئر ڪجي ٿو... ڊاڪٽر الطاف جوکيو)


No comments:

Post a Comment