Sunday, March 28, 2021

رنگ بازار تي راءِ

ابراھيم کرل جي ڪھاڻين جي مجموعي “رنگ بازار” جو تعارف

ياسين جوڻيجو



عنوان اٿس “ڪفن”، ڪھاڻي پڙھڻ دوران خيال آيو ته اسانجي ھر ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ ساڳين پِرڪارن وارا ڪردار ملي پوندا، جن مٿان اوڙي پاڙي جا ماڻھو، جياپو جاليندي کين درپيش ايندڙ تڪليفن کي محسوس ڪرڻ بجاءِ ڪنھن سبب مٿن ٺٺولون ڪري مُرڪندا آھن. ماڻھوءَ جي زندگيءَ کي پري کان ڏسبو ته اھا معمول واري محسوس ٿيندي، ويجھڙائي مگر زندگيءَ جي ڀيانڪ حقيقتن سان مُنھان مُنھن ڪندي آھي. ڇھ يا اٺ ڪلاڪ ننڊ جا ڪٽي باقي وقت، ھر خاص توڙي عام جاڳندي گذاري ٿو، اھا جاڳ جيون جي جھاز جا سَڙھ سنڀالڻ واري جدوجھد پٺيان خرچ ٿي وڃي ٿي. جن جي جدوجھد سَڦل ٿي پوي تن کي مشغلن لاءِ وقت ملي پوندو آھي باقي خلق خدا جي حوصلي کي ڳنڍيون ۽ ٽوپا ڏئي گذارو ڪندي رھندي آھي.



جن جو مشغلو اگر ٿي پوي ڪتابن سان، تن ۾ به ڳچ قسمن جا رجحان يا لاڙا ٿين ٿا. ھڪڙا ڪتاب سگريٽن جيان پڙھن ھڪ وساميو ته ٻيو ٻريو. ٻيا ڪتابن کي کاڌي جيان پسند ڪن بک لڳي ته ھٿ ۾ آيو نه ته پيو ٽيبل تي ٿڌو ٿئي. ٽيان وري چونڊي چونڊي ڪتاب پڙھن پنھنجي طلب آڌار. اھي جيڪي ٽئين نمبر تي ايندڙ ماڻھو آھن تن ۾ گھڻا ليکڪ به ھوندا آھن ۽ ان طبقي جي ماڻھن جا وري بحث ئي منفرد ٿين. “ادب براءِ ادب” ان جي مقابلي ۾ “ادب براءِ زندگي” يا “سماجياتي ادب” جي عنوانن سان سندن بحث کٽڻ جوڳا ناھن. پاڻ جيئن ته ساڌارڻ جيوَ آھيون سو ڳالھ ڪبي پاڻ جھڙن جي ۽ اھا ھيءَ ته گوشت ۽ ھڏن جو مرڪب ماڻھو جياپي جا سَڙھ سنڀالڻ ۾ ڪيڏو به مصروف يا واندڪائيءَ مان بيزار ھجي، ٻين ماڻھن بابت داستان ٻڌڻ لاءِ ڪي پَل يا گھڙيون ڪڍي وٺندو آھي. اھا جبلت به ماڻھوءَ جيتري ئي قديم آھي ۽ ان جي ھَم عُمِر ڪِرت آھي وري داستان گھَڙڻ جي. جنھن کي ھاڻوڪن وقتن کان ڪجھ پھريان افسانو سڏيو ويندو ھو ۽ اڄڪلھ ڪھاڻي چئجي ٿو. “ڪفن” عنوان واري ڪھاڻيءَ جي ليکڪ جو نالو ابراھيم کرل آھي. جنھن لاءِ سنڌي ادب پڙھندڙ ڪافي ماڻھن جو خيال آھي ته ھو حقيقت نگار ليکڪ آھي ۽ سندس ڪھاڻين جا ڪردار اڪثر ڪري ڳوٺاڻا/عام ماڻھو ۽ سندن ٻولي ڳوٺن واري (جنھن کي ڪيترائي ماڻھو نج سنڌي ٻولي به چئي وجھن ٿا بھرحال اھو وري ڌار بحث ٿي پوندو ته اھا نج سنڌي آھي يا نه!) ھوندي آھي. ٻين کان ٿورو پري بيھي مان پنھنجي مَنَ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڀُڻڪي چڪو آھيان ته “ابراھيم کرل ماڻھن جي دردن تي پري کان بيھي کلڻ وارو نه مگر کين سيني لائي سندن دردن کي سمجھڻ وارو ليکڪ آھي”.

ڪراچيءَ ۾ ويٺل اڻڄاڻ کي چئبو ته سنڌ صوبي جي اتر ۾ ۽ سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد يا لاڙ پَٽَ جي اڻ سونھين کي سمجھائڻ لاءِ چئبو ته سکر ڊويزن ۾ جيڪا خيرپور آھي اھا لڳ ڀڳ ۷۰ سال اڳ ٽالپور ميرن جي صاحبيءَ ھيٺ ھئي جتي سندن سِڪا گھٽ پر دڙڪا وڌيڪ ھلندا ھئا. ان خيرپور ۾ ھزارين کجين سان گڏ وڏو ٿيل ابراھيم کرل کجين جا سوين وڻ پاڻ به پوکي چڪو، سي وڻ مٽيءَ، اُس ۽ پاڻيءَ نپايا پر ابراھيم کرل جي مَنَ اندر ۾ جيڪي ڪھاڻيون ڪَرَ کڻنديون رھيون تن کي ڪاغذن مٿان سَلڻ واري حِرفت کي ھن پنھنجي سِر پاڻ نپايو آھي جيڪا ھاڻ کجيءَ کان به قد ۾ سَرِسُ آھي. زندگيءَ جي سڙھن سنڀالڻ جي ڪَشٽ دوران ابراھيم کرل ٻه ڪم بنان ڪنھن ناغي جي ڪندو رھيو آھي ھڪ سگريٽ ساڙڻ ۽ ٻيو ڪھاڻيون/ناول لکڻ. ڀانيان ٿو ته ھڪ لک نه تڏھن به اڌلک سگريٽ ساڙڻ جو سلسلو ته معمول موجب ھو پر سندس ڪھاڻيون لکڻ واري ڪم ۾ اوچتو تيزي تڏھن آئي جڏھن COVID-19 نالي واري بيماري جنھن کي بعد ۾ ڪرونا سڏيائون خوف جي اگھاڙي ٻار کي ڪڇ تي کنيون آئي. ڪاليج مان موڪل، بازارن جي ويراني، شادين غمين کان احتياط جي ڪري جنھن واندڪائي ابراھيم کرل جو دروازو کڙڪايو ان جو به ھن ٻانھون کولي استقبال ڪيو ۽ سندن حافظي ۾ ستل ڪھاڻين جا ڪردار اُٿي پيا جن ساڻس جيڪي رھاڻيون ڪيون انھن ڪھاڻين جو روپ ورتو.

ٻڌايو اٿائين ته ڪھاڻيون ته ھن ڳچ لکيون مگر “رنگ بازار” نالي ڪھاڻين جي تازي مجموعي ۾ ھُن ۱۹ ڪھاڻيون ڏيڻ مناسب ڀانيو. جن ماڻھن جي خيرپور بابت جنرل ناليج سٺي ھوندي تن لاءِ قربان منگيءَ جي ادارن “پوپٽ پرنٽنگ پريس” ۽ وري ان مان جنم وٺندڙ “پوپٽ پبليڪيشن” جا نالا به نوان نه ھوندا. ۽ ھتي پوپٽ پبليڪيشن جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد ھيءُ لکڻ آھي ته ابراھيم کرل جي ڪھاڻين جو ۱۷۶ صفحن وارو نئون ڪتاب انھيءَ پبليڪيشن پاران شايع ڪيو ويو آھي.

مدد علي سنڌي قومپرست سياست، صحافت ۽ ادب جي ھيش ٽيگن سان تعارف جي محتاجيءَ کانسواءِ سڃاتو ويندڙ وڏو نانءُ آھي. رنگ بازار جو مھاڳ مدد علي سنڌي صاحب لکندي سنڌي ڪھاڻيءَ بابت اجتماعي راءِ به ڏني آھي ته ابراھيم کرل جي ڪھاڻين ۽ انھن جي ڪردارن جي ٻوليءَ جي به ساراھ ڪئي آھي. “عَطُرسين اورڳ ته ھُنئين سدائين سُرھو” جي عنوان سان مھاڳ لکندي مدد علي سنڌيءَ لکيو آھي ته “ابراھيم کرل جي ڪھاڻين ۾ ھڪ وڏي اھم ڳالھ آھي، ھن جي ڪھاڻين جو اسلوب ۽ ٻولي خاص طرح اصلوڪي سنڌي، جيڪا اڄڪلھ اسانجي سنڌي ڪھاڻين مان غائب ٿيندي پئي وڃي”. مدد علي سنڌي صاحب “رنگ بازار ۾ شامل ڪھاڻيءَ “ڪونج” کي خاص ان پسمنظر ۾ گھڻو ساراھيو آھي.

۽ ذاتي طور تي مونکي “جمعرات” نالي واري ڪھاڻي گھڻي پسند آئي، ان ڪري جو ان ۾ ڪردارن جي ھڪ ٻئي سان ڳالھ ٻولھ تي ڪو به ميڪ اپ ٿيل نه آھي. “ڪونج” ھڪ حسين نينگريءَ مٿان ھام ھڻڻ وارن مردن وچ ۾ زورآزمائيءَ وارو قصو سليندي درياءَ جي ڪچي واري دنيا گھمائي ٿي. جڏھن ته ڪھاڻي “جمعرات” ۾ مولوي پيءُ کان لڪي موبائل ھلائيندڙ ڌيءُ جي ڪھاڻي آھي. جن ماڻھن کي محض ٻين ماڻھن جي ذاتي زندگيءَ ۾ ليئو پائڻ واري لَستَ وڻندي آھي تن لاءِ ته ڪھاڻيءَ جو ايترو ئي تعارف ڪافي آھي مگر ڪھاڻيءَ جو اصل مرڪز آھي ھڪ ساماڻل نينگريءَ جا ترقي ڪري ويل شعور واري دور ۾ اندر جا اُڌما.

ڪنھن کي اگر ھاليووڊ يا بالي ووڊ فلمن سان چاھ رھيو ھوندو سو شخص پڪ سان ان ڳالھ کان واقف ھوندو ته شوبز جي انھن گوناگون دنيائن ۾ ڪجھ سال ئي پھريان سُپر ھيرو جي مقابلي ۾ سُپر ھيروئن وارن ڪردارن کي سينيما جي پردي تي آندو ويو. “Me Too” واري عورتازاد جي جوشيليءَ ۽ اڳرائيءَ وارن قدمن تي بيٺل مھم کانپوءِ عورتن جي حقن بابت نون فڪرن جنم ورتو آھي ٻين ليکڪن جي مونکي خبر نه آھي پر ابراھيم کرل جي رنگ بازار ۾ “سھسين سائر ٻوڙين” ۽ “اوچو ڳاٽ” ٻه اھڙيون ڪھاڻيون آھن جيڪي عورت جي ھمٿ ۽ پنھنجي ارادي تي اٽل رھڻ واري ارڏائيءَ کي بين ڪندي نظر اچن ٿيون. چڱيءَ پَرِ خبر اٿم ته ابراھيم کرل “مي ٽُو” مھم جي اثر ھيٺ اچي اھي ڪھاڻيون ناھن گھڙيون پر جيئن مٿي چئي چڪو آھيان ته ھو حقيقت نگار ليکڪ آھي، ھا مگر اھو منھنجو ڌُڪو آھي ته اھي ڪردار به ھن حقيقي صورت ۾ ڏٺا ھوندا.

جڏھن ته “سھسين سائڙ ٻوڙين” ڪھاڻيءَ جي ھڪ ٻي انفراديت اھا به آھي ته، سنڌي ادب جي ديوَ مالائي ڪھاڻيڪار نسيم کرل جي مشھور ڪھاڻي “منڌ ٻوڙيو مھراڻ” جي سيڪوئل طور لکي وئي آھي. ھاليووڊ ۽ باليووڊ جو ذڪر ھتي ٻيھر ڪرڻ کانسواءِ ڳالھ اڳتي نه ٿو وڌائي سگھان ۽ چوڻ ٿو چاھيان ته فلمن، ڊرامن ۽ ويب سيريز جا سيڪوئل آمدنيءَ خاطر پروڊيوسر فڪشني مصالحو، آئٽم سانگ ھڻي وڪڻندا رھن ٿا پر ابراھيم کرل جيئن ته حقيقت نگار ليکڪ آھي سو ھن “سھسين سائر ٻوڙين” ۾ نسيم کرل جتي پنھنجي ڪھاڻي ختم ڪئي اتان کان ساڳين ڪردارن جي زندگيءَ ۾ ٻيھر جھاتي پاتي آھي. ايئن مان چئي ڪو نه ٿو سگھان ته ابراھيم پنھنجي پيشرو ۽ مائٽ نسيم کرل جيتري سطح تي ڪھاڻيءَ سان نڀايو آھي پر “سھسين سائڙ ٻوڙين” جو چَسُ ۽ سٽاءُ به ڪنھن ريت گھٽ نه آھي.

رنگ بازار ۾ سموريون ڪھاڻيون پڙھڻ جوڳيون آھن پر جنھن ڪھاڻيءَ کي ابراھيم کرل “پيڪيج” جي نالي سان ڪتاب ۾ شامل ڪيو آھي. ان جي مُک ڪردار کي مون به اکئين ڏٺو. سندس ڳالھيون ٻڌيون ۽ ساڻس تاڙا به ملائڻا پيا. اھو حقيقي ڪردار غلام رسول شيخ عرف شيٺي ھاڻي ھن دنيا مان پيڪيج پورو ٿيڻ سبب لڏي ويو. پر مان چوڻ اھو ٿو چاھيان ته شيٺيءَ جي زندگيءَ جو درد ۽ ان جو داستان صرف ابراھيم کرل لکي سگھيو. شيٺيءَ جي دُکي داستان کي مان نه سمجھي سگھيس. خاص اھا ڪھاڻي پڙھڻ کانپوءِ مونکي محسوس ٿيو ته ھڪ ساڌارڻ ليکڪ جي حيثيت آڌار مون ۾ ۽ ابراھيم کرل ۾ ڪھڙو فرق آھي!.  ڪتاب ۾ ابراھيم صاحب جون ڪجھ علامتي ڪھاڻيون به شامل آھن. دال مَھٽِڻي جو درد، آخري ھٿ، ڳاڙھو طوفان ۽ جھنگ جي رياست اھڙيون ڪھاڻيون آھن جن ۾ ابراھيم کرل انسانن جو ڳالھيون تخليقي انداز سان ڪيون آھن.

رنگ بازار مجموعي جي ڪھاڻي “رنگ بازار” حرص ۽ حوس جي نوَٽِڻ ۾ الجھيل آھي. پر ابراھيم کرل ٻين جيان ھن ڪھاڻيءَ کي به جھڙي سادي انداز سان داستان جو روپ ڏنو آھي سو ساراھ جي تقاضا ڪري ٿو. رنگ بازار جو اکين سان جيڪو به چڪر ھڻندو تنھن کي ڪھاڻين جو چَسُ ته ايندو ئي ايندو پر مان ھتي اھو ٻڌائڻ به ضروري سمجھان ٿو ته عالمي سطح جو ھڪ ٻيو رجحان سنڌي ليکڪن اپنائڻ شروع ڪيو آھي سو ھيءُ ته ابي امان، ڌيئن پٽن ۽ دوستن يا استادن کانپوءِ ھاڻي ڪتابن جي ارپنا به منفرد پيغام سان ڪئي پئي وڃي. رنگ بازار جي ارپنا واري صفحي تي لکيل لفظ ھي آھن “ڪووڊ-۱۹ جي نالي جنھن ھي ڪھاڻيون لکرايون”. باقي دنيا کي ته ڪووڊ عرف ڪرونا لاشن جا ڍير، موت جو خوف، جياپي ۾ رنڊڪن جا انيڪ مسئلا آڇيا پر اسانکي ان وبا جي ڏينھن رنگ بازار جھڙو ڪتاب به ڏنو آھي. ڀانيان ٿو ته ڪير به ھي ڪتاب پڙھندو ته نه سندس سرمايو ضايع ٿيندو نه ئي سندس وقت.



رنگ بازار

خالد جوڳي

سائين ابرهيم کرل جي ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب اوهان کي ڪچي  ۾ درياءَ جي ڪناري تي اچي بيهاريندو اتي وري درياءَ جو آر به هوندو. انهيءَ ڪچي جي ٻيلي ۾ به لهي سگهو ٿا. هي اوهان کي ڪچي جي انهيءَ نج نبار ٻوليءَ جو سٽڪو به هوندو جي ٿريا آهيو ته ٻوليءَ جو چسڪو وٺو. پر جي ڪچي جا آهيو ته اها ٻولي اوهان جي آس پاس جا ڪردار ڳالهائيندا هوندا، رڳو ٿورو ڪنايو. اهو هن ڪتاب جو هڪڙو فليور آهي. وري رنگ بازار ۾ شهر جي بازار جا رنگ به آهن. چلڪڻان ڪپڙا هٽ تي پيل انهن ڪپڙن کانسواءِ هر هٽ جي وکر کي اوهان جي اک ڏسي وٺندي. هيءُ انهيءَ جو ٻيو فليور آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ وري جهنگ جي دنيا ۽ دال مهٽڻي، هن جون ٽيون فليور آهي.

مونکي هن ڪتاب تي تفصيلي لکڻو هو پر نه لکي سگهيس، ڇو جو آئون ڪهاڻي جي دنيا جو صرف پڙهندڙ آهيان. وري ڪو ڪري ڏچو ته تنهنجي فيلڊ ناهي.

مونکي ابراهيم جي ڪجھ ڪهاڻين جا ڪلائيميڪس ڏاڍا وڻيا. سائين ممتاز وري اينٽي ڪلائيميڪس جي ڳالھ ڪري ٿو پر سولي سنڌي ۾ مونکي ڪجھ ڪهاڻين جي پڄاڻي ڏاڍي وڻي، جو اهو پڄاڻي هڪڙو پازيٽو ميسيج ڇڏي پئي وڃي. جنهن مان لڳي ٿو ته سماج ۾ صفا ڀينگ ناهي. ڪجھ پازيٽو ڪيريڪٽر به آهن. سماج جا ويليوز مڪمل ختم ناهن ٿي ويا. خود رنگ بازار ڪهاڻيءَ جي جيڪا پڄاڻي آهي، اها ڏاڍي ڪمال جي آهي. ڪونج ڪهاڻي جي به پڄاڻي ڪمال جي آهي. بس آئون ڪجھ انڊر لائين ڪيل جملا هتي ڇڏيان ٿو:

پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي، باقي سگريٽ آڱر سان ڌار ڌار ڪري ڳڻي، وري رکي ڇڏيندو هو.

هن سگريٽ جو ڦلو چپٽي وڄائي ڪيريو، ڄڻ ٿيٽر جو پردو ڪري پيو.

ماڻس جي اکين مان ڳوڙها ڪريا ته هن زبان سان چٽي ورتا.

پهريون ڀيرو ايترا قريب ويٺا جو ٻنهي مان حلوي جي خوشبو پئي آئي.

ڪهاڙي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪي رهي هئي، ڄڻ درياءَ خان جيئان ٽهڪ ڏئي رهي هجي.

چيلھ ۾ ايترو خم ۽ دم هئس جو دڳ ويندڙ به حسرت ڪندو هو ته جيڪر هڪڙو ڀاڪر ئي ڀري ته ٻانهن جو عمر جو ٿڪ ئي لهي وڃي.

زمين پنهنجي منهنجي وکن جي ماپيل آهي. ليڪن ٻني جي ڳالھ ئي ڪونهي، جنهن کي درياءَ ڪئين دفعا سوڙهو ڪيو پر پائي نه سگهيو.

مائيءَ ۾ ديد ڄڻ شوال جو چنڊ ڏٺو هجائون.

خدا کي به عرض ڪنداسين ته غريبن کي به نياڻيون ڪاريون ڪوجهيون ڏي جيئن اميرن جي نظر نه پوي.

شل نه ڪنهن لسڙاٽ جي چمڙي اڇي ڏسن.

تون اسان جو وڏيرا ابو به امان به، تو کي پٺي ڪيئن ڏيون.

جنهن جي گهر ۾ چڱو ڇوڪرو هو انهيءَ جا ٿانءَ به سونا ٿيڻ لڳا.

ڇوڪرن کيسو خالي ڏٺو ته سڻڀي کيسي ڏانهن ڇڪجي ويا.

ڪينو درياءَ جي لٽ ۾ دفن ٿي ويندو هو.

مانيءَ جي بک، بدن جي بک تي حاوي ٿي ويندي  آهي.

۽ جڏهن بدن جي بک، جسم جي بک تي حاوي ٿي وڃي ته ماڻهو مذهب کي به ڀلائي ڇڏيندو آهي.

هتان هليا وڃو منهنجي  لانڍي جو مذهب ڪونهي.

دل جو ڪچو ته ڪڏهوڪو ٻڏي چڪو هو جنهن ۾ سڀ هيٺايون مٿايون هڪ ٿي ويون هيون.

اجهو اونڌه ٿي ته سڀ عيب ڍڪجي ويا.

ڍڪڻ وارو ڍڪي ته انگن کي ڊڀن سان ڍڪي.

ڪيترن ڪلهن زرينا جي جسم کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو.

 

(خالد جوڳيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment