Sunday, March 28, 2021

ٻاٽ ۾ لاٽ جهڙيون ڪهاڻيون - دريا خان شنباڻي

ٻاٽ ۾ لاٽ جهڙيون ڪهاڻيون

دريا خان شنباڻي



ابراهيم کرل ادب جي ستاري جو اهڙو نانءُ جيڪو جڏھن کڄي ٿو ته ذھن ۾ ناول، ڪهاڻيون ۽ ڊراما اچيو وڃن. سندس لکڻ ۾ جيڪو الڳ ۽ جداگانه اسلوب آھي ان ئي اسلوب تحت هو ڪيترن ڪهاڻيڪارن کان مختلف آھي. سندس لکڻين ۾ جيڪا خوشبو آھي سا مٽيءَ جي مهڪ جهڙي آھي. ٻوليءَ جي گوناگونيت، لفظن ۽ لهجن ۾ جيڪا ڪُشادگي آهي، ان نسبت سان هو هڪ ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏ ٻوليءَ جو پڻ ڄاڻو آھي. ڪهاڻين ۾ شاندار ٻوليءَ جي استعمال سبب هن جي لکت کي الڳ مقام حاصل آھي. ڪهاڻين جو مجموعو رنگ بازار پڻ اهڙي ئي شاندار ۽ شاهڪار ٻوليءَ تي آڌاريل آھي؟ جنهن جون ڪهاڻيون پڙھندي نه صرف ڪهاڻين مان مزو ٿو وٺجي پر جملن جي جوڙجڪ، تشبيهن ۽ تمثيلن واري فن کان آشنا ٿي سگهجي ٿو. سندس قلم ڪنهن درياھ جيان آھي، جيڪو ڪڏھن گهٽ ته ڪڏھن وڌ وهندو رهيو آھي پر رُڪيو اصل ناهي. هو ڪهاڻين جي ڪيٽيءَ جو اهڙو زميندار ڪهاڻيڪار آھي، جنهن ڪهاڻين ۾ خوبصورت ٻولي جا اهڙا ناياب ٻج ڇٽي اهڙي پوک پچائي آھي، جنهن پوک مان ايندڙ نسل پڻ فيضياب ٿيندا.ڪهاڻيون ته کوڙ لکيون وڃن ٿيون پر هتي ڪهاڻين جي نالي تي پنهنجي ٻوليءَ کي امرتا بخشڻ پڻ ابراهيم کرل جهڙن قلمڪارن جي قلم جو ئي ڪمال ٿي سگهي ٿو. هو ٻوليءَ جون مهارتون ۽ خوبصورتيون ڪٿان سکيو آھي؟ ان لاء سندس ئي چوڻ آھي ته: منهنجي ڪهاڻين جو خام مال انهن قصه گو جهونن وٽان مون وٽ اچي ٿو، جن سان آءٌ ڪنهن لانڍي، ڇني، اوطاق يا ٻاڪڙا هوٽل تي ويهي ڪچهري ڪريان ٿو. جن وٽان پيار به ملي ٿو ۽ سرمايو به. مان ڪيڏو به مايوس هجان، مصروف هجان پر جڏھن انهن ماڻھن سان ملان ٿو ته خوش ٿيان ٿو ۽ امير ٿي موٽان ٿو. لفظن جو ڀانڊارو ڀرجي وڃي ٿو، جنهن مان ٿورو ٿورو خرچ ڪندو رهان ٿو.


ابراهيم کرل جون ڪهاڻيون انهن ڪردارن سان ملاقات ڪرائن ٿيون جيڪي زنده آھن، جن جي وجوديت آھي، جيڪي موجود آھن، جيڪي لوڪ ڏاهپ جا ڳُڻائتا آھن جن ۾ عقل ۽ دانش جي مهانتا آھي. رنگ بازار جون ڪهاڻيون صرف ڪهاڻيون نه پر انهن ماڻھن جا درد لڪل آھن، جيڪي اسان جي معاشري ۾ پنهان به آھن ۽ عيان به آھن. انهن ڪهاڻين ۾ اها رڙ به آھي ته ساھ به آھن جيڪي گهُٽجي جي رهيا آھن. اهي دانهون ۽ ڪوڪون به آھن جيڪي ديوارن جي اندر سڏڪن ٿيون. اهي ظلمت جا داستان به آھن جن ۾ صدين جون مُسافتون آھن. اها اونداهي به آھي جيڪا روشنيءَ جي سنهي لڪير لاءِ تڙپي رهي آھي. اها روشني به آھي جيڪا ڪنهن گهر جي آڳنڌ تي ڦھلي بيٺي آھي. اهي پنڌ ۽ پيچرا به آھن جن ۾ پير پٿون ٿا ٿين. اهي جوانيون به آھن جيڪي جلي رهيون آھن. اهي آس نراس جون منزلون به آھن جيڪي اڃا ڪنهن به ماڻيون ناهن. اهي آشيانا به آھن جن کي جلايو ويو آھي. اهو روئڻ به آھي جنهن ۾ ڳوڙھا سڪي ويا آھن. اهو کلڻ به آھي جنهن ۾ اميد جي ڪا لاٽ به آھي. ابراهيم انهن ڪردارن کان ڳالهرايو آھي ۽ انهن کي روئاريو به آھي. سندس ڪهاڻين ۾ جبل جهاڳڻ جا چارا به آھن ۽ درياھ جي دهشت به آھي. رڃ جي رڙ آھي ته سڃ جي دانهن به آھي.انهن سڀني ڪردارن سان ملندئو ته اوهان جون اکيون به آليون ٿي پونديون ۽ اندر مان سور جا سيسراٽ به نڪرندا. رنگ بازار ۾ هڪ اهڙي ڪهاڻي به آھي جنهن جو نالو آھي پيڪيج.... جيڪو ڪردار اسان سڀني جو ڏٺل وائٺل هو. ان ڪردار جو نالو آھي غلام رسول عرف شيٽي، جيڪو ههڙن پروگرامن ۾ اچي مهمانن جي خدمت ڪندو هو ۽ مائيڪ تي ڪمپيئر کان پنهنجو نالو کڻائڻ جي فرمائش ڪندو هو ۽ جڏھن ابراهيم ان شيٽي سان ڪهاڻي ذريعي ملاقات ڪرائي ته شيٽي جي دردن سان به ملاقات ٿي ۽ پڙھندڙ روئي ويهي ٿو ۽ سوچي ٿو ته: “دنيا ۾ ڪتنا غم هي” پر سڀ کان وڏو افسوس اهو ٿيو جو ڪهاڻي لکڻ کان فورن پوءِ شيٽي هن دنيا مان هليو ويو، نه ته هن وقت شيٽي اڄ به ڪم ۾ رڌل ملي ها. ابراهيم جو ڪمال اهو آھي ته هن نه صرف ڪردارن کان ڳالهرايو آھي پر انهن کان به ڳالهرايو آھي جيڪي ڳالهائيندا ناهن.

هڪ ڪهاڻي جو نالو آھي “دال مهٽڻيءَ جو درد” ان دال مهٽڻي جو درد ابراهيم هيئن بيان ڪيو آھي: عيد ڇا آئي آھي منهنجي لاءِ درد کڻي آئي آھي. ديڳڙيون مصروف ٿي ويون آھن، پليٽن جي عيد ٿي وئي آھي، رڳو کڄن ٿيون، ڀرجن ٿيون، هڪ ٻوڙ مان وانديون ٿيون ٿين ته ٻي ۾ مصروف ٿي ٿيون وڃن. پراوا گهر گهمي ٿيون اچن، هڪ مان آھيان جو مسلسل ٽن ڏينهن کان کاري ۾ پيو آھيان. نه ڦريو آھيان نه نچيو آھيان. نظر انداز ڪيو ويو آھيان. چوندا آھن ته نظر انداز ڪرڻ موت برابر آھي. شايد مان گذاري ويو آھيان. پر سال به مون کي نظر انداز ڪيو ويو هو. مون کي ڌڪيو ويو هو، ڪيرايو ويو هو، منهنجو اڌ ڳن باھ ۾ سڙي پيو هو، پر مون ته پوءِ به مالڪياڻيءَ سان ڳن ڏنا ها. شايد آءٌ پنهنجي بناوٽ ۾ مار کائي ويو آھيان. مان ڦرڻو گهرڻو هوندي به حسد جي نگاھ سان ڏٺو وڃان ٿو، پر ان لوٽي کان ته چڱو آھيان، جيڪو مالڪياڻي جي ڪڇ ۾ هوندي به ڪُرڪندو آھي. مون کي مالڪياڻيءَ جون نرم آڱريون ياد اچي رهيون آھن. منهنجو مٿو کهرو ٿي پيو آھي، جنهن کي گيھه، لوڻ، مرچن ۽ مصالحي جي ضرورت آھي. پليز مون کي چپ جي بيماري کان بچايو، مون کي اداسيءَ کان بچايو، مان ديڳڙي جي وچ ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندڙ دال ۾ زندھ رهڻ ٿو چاهيان. اهو آھي ڪمال فن ابراهيم کرل جو....

ڪهاڻي رنگ بازار خود درد جو اهو داستان آهي جنهن کي پڙھندي اوهان اندران اندران کامي پوندئو... هن ڪهاڻي جي سٽ سٽ دردن سان شناسائي ٿي ڪرائي. ان ڪهاڻي جون ڪجھه سٽون هينئن آھن ته: “ڪپڙي جو چرڙاٽ، مصران منجي تي ويٺي ٻڌو ته هنيانء تي هٿ رکي اکيون هيٺ ڪري ويٺي ئي رهي. سندس زبان مان نڪتو، ڍڪين ڍڪڻھار، ڏئي پاند پناھ جو. شايد ڀٽائيء ان مهل ۽ موقعي لاءِ ئي اهو بيت چيو هو.مصران جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو, زرينه اٽي واري پاٽ کڻي ڪڇ تي رکي، ته ڪجھه اوڍر ٿيس، پر پوء به سندس جواني آئيني جي اولڙي جهڙو جهلڪو ڏئي، ڪجھه پسائي وئي. زرينه پيءُ جو پوتڙو کڻي جسم کي ويڙھيو ۽ باقي ٿانو چُلھه تان کڻي اندر ڪيا. مصران مٿي کي هٿ ڏئي اهڙي غريبي تي پار ڪڍڻ جو خيال دل ۾ آندو ئي مس ته سندس کاٻي اک ڦڙڪڻ لڳي.

ڀاڳ نڀاڳ جا سڀئي ساٺ سنوڻ اڄ ئي پورا ٿيڻا آھن ڇا؟

هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.

ذهن تي زور ڏيڻ سبب پگهر جون لاٽون، سندس لڙڪن سان ائين ملي ويون جيئن ٻوڏ جي پاڻي سان مينهن.هن جي دل جو ڪچو ته ڪڏهوڪو ئي ٻڏي چڪو هو جنهن ۾ هيٺاهيون مٿاهيون هڪ ٿي ويون هيون. هن گوڏي تي هٿ رکي سٽ ڏئي اٿڻ چاهيو پر اٿي نه سگهي، کيس چڪر ۽ ڍڪر اچڻ لڳا. امان زرينه مون کي ته اندر وٺي هل، مٿو ٿو ڦري ۽ اکين اڳيان اوندھ ٿي نظر اچي.ائين ابراهيم کرل ئي لکي سگهي ٿو. ابراهيم کرل جي شخصيت ته وري عجيب قسم جي آھي، جيئن چوندا آھن ته ڪلام ڪرڻ درحقيقت متڪلم جي پوري شخصيت جي عڪاسي آھي. ابراهيم کرل مون کي پرسڪون ماڻھو لڳندو آھي. سندس وڏين اکين ۾ وڏيون ڪهاڻيون رهن ٿيون ۽ ائين هو سدا وڏيون ڪهاڻيون لکندو رهي ۽ ٻاٽ ۾ لاٽ ڦهلائيندو رهي.

No comments:

Post a Comment