Sunday, March 28, 2021

ٻڌائڻ واري جي نيت - مٺل جسڪاڻي

ٻڌائڻ واري جي نيت...

مختصر ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



ڳالهہ ٿا ڪن تہ هڪ همراه ويو مٺائي جي دڪان تي. دڪاندار کي چيائين؛ ”اوهان وٽ جيڪي بہ مٺائي جا قسم آهن، اهي سڀ، هڪ هڪ ڪلو توري“.

دڪاندار خوش خوش ٿيندو، مٺائي جو هر هڪ قسم، هڪ هڪ ڪلو توريندو ويو، ٿڪجڻ باوجود کيس ٿڪ نہ ٿيو.


جڏهن دڪاندار سڀ قسم توري دنگ ڪيا، تہ همراه چيو؛ ”اهي سڀ پاڻ ۾ ملاءِ“.

دڪاندار حيران ٿي پڇيو؛ ”اهو وري ڇو؟“

ان تي همراه وراڻيو؛ ”تون مٺائي وڪڻڻ وارو، آئون وٺڻ وارو، وٺندس تہ پنهنجي ئي مرضيءَ سان نہ“

دڪاندار ”ها“ ڪري، توريل مٺائيءَ جو هڪ هڪ ڪلو پاڻ ۾ ملائي، واندو ٿيو تہ همراهہ چيو؛ ”هاڻ ان مان هڪ پاءُ تور“.

جڏهن دڪاندار اهو هڪ پاءُ توري ورتو تہ همراهہ چيو؛ ”ان هڪ پاءُ جي قيمت گهڻي ٿي؟

دڪاندار قيمت ٻڌائڻ بدران بي هوش ٿي ويو. همراهہ اهو هڪ پاءُ مٺائي جو کڻي روانو ٿي ويو...

اهو همراه وتايو فقير نہ هو. آئون بہ نہ هئس. مون اها ڳالهہ ننڍپڻ ۾ ٻُڌي هئي. سچي يا ڪوڙي، اها ٻڌائڻ واري جي نيت...

 

(روزاني آجيان شڪارپور ۾، اڱارو ۰۹ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment