Tuesday, March 23, 2021

بهترين موقعو - همير گاد

بهترين موقعو

مختصر ڪهاڻي

همير گاد



ڪلھ جيئن ئي ڪرياني جي دڪان تان گهر جو سيڌو سامان وٺي آيس پئي ته رستي ۾ پويان ڪنهن سڏ ڪيو آواز زنانو هو. ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺم ته رڳو مرد ئي مرد هئا، ڪا ڇوڪري نظر ڪا نه آئي. سوچيم منهنجو وهم هوندو.

وري ٻيهر ساڳيو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

“ڇو ڀلا يار! سڏ ٿو ڪريان ته ٻڌي ئي نه ٿو.”


مون چيو؛ “باجي ادا، معاف ڪجو مون اوهان کي ڪونه سڃاتو.”

“ڪمال ٿو ڪرين پنهنجي دوست ببلوءَ کي به نه ٿو سڃاڻين.”

مون کان ڇرڪ نڪري ويو؛ “اڙي يار ببلو تون، هي تنهنجو آواز ڇو زنانو ٿي ويو آھي، لاڪ ڊائون جي ڪري گهر ۾ سهرا ٿو ڳائين ڇا.؟ ۽ هي وڏا وار، ڏاڙھي وڌيل... صفا رنگ روپ مٽجي ويا اٿئي.”

“بس يار گهر ۾ ويهي ويهي آواز ئي بدلجي ويو آھي سيلون به بند آھن جلدي لاڪ ڊائون ختم ٿئي باقي ته گهر ۾ فلاپ فلمون ڏسي ڏسي بور ٿي ويا آھيون.”

“گهر ۾ ويهي رڳو فلمون ڏسندو آھين يا ڪو ڪم به ڪندو آھين.”

“ڪم به ڪندو آھيان، ڪلھ ئي گهر جو نلڪو ٽي ڀيرا خراب ٿي پيو اهو ٺاهيو، ان کان علاوه زال کي ڏاج ۾ مليل سلائي مشين ڪڍي ماسڪ ٺاهڻ شروع ڪيا آھن حالانڪي پاڻ کي مشين هلائڻ ڪو نه ايندي هئي اها به مون واري زال سيکاري ڇڏي، ايترو ئي نه اڃان ٻڌ ڇت جا سڀ پکا به صاف ڪري ڇڏيا آھن.”

“محنت ڪر تون محنت ٻار...ڏاڍو ڀلو ڪم سان لڳو آھين، باقي ته ٽي وي يا فيس بڪ کول ته رڳو ڪرونا جي باري ۾ هر ڪو پنهنجا پنهنجا مشوره ٿو ڏي. ڪو ٿو چوي ٺوڙهه ڪرايو ڪرونا وائرس ان تي اثر نه ڪندو، وري  ڪو ٿو چوي وارن کي سينيٽائيزر سان مالش ڪري اس تي ويهي رهو... اڌ چريو ته انهن ڪيو آھي.”

“ھا يار واقعي سهي ٿو چوين، تڏهن ته مون فيس بڪ استعمال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي.“

“چڱو ڪيئي، وڏو نيڪيءَ جو ڪم ڪيو اٿئي، الله ان جو اجر تنهنجي مرحوم سالن کي ڏيندو آمين.”

“پر اھي سڀ ته حال حيات آھن.”

“هڪ ڏينهن سڀني کي ته هلڻو آھي.”

“پر هن وقت ته زنده آھن...يار بس ڇڏ اهڙي مذاق کي، تون ٻڌاءِ تنهنجو گهر ۾ وقت ڪيئن ٿو گذري.؟

“صفا اي ون، مون ته واشنگ مشين ۾ ڪپڙا ڌوئڻ سکي ورتو آهي، هاڻي ته ڦاٽل شرٽن کي ٽاڪا به هڻي ٿو وڃان، بصرن جي ٻوريءَ مان ننڍا بصر الڳ ڪري رکندو آھيان ۽ وڏا بصر الڳ ڪري رکندو آھيان، روز ڪمري جي سيٽنگ چئينج ڪندو آھيان، گهڙيال مان سيل ڪڍي وقت کي بيهاري ڇڏيندو آھيان، زال کي ماني پچائڻ ۾ هٿ ونڊائيندو آھيان، ٻارن جا وار ٺاهڻ جو اڌ ڪامياب تجربو ڪري چڪو آھيان.”

“يار واھ!”

“صرف ايترو ئي نه، ڪافي ڪتاب به پڙھي پورا ڪري ڇڏيا. آئون ته چوان ٿو ٻاهر جي روٽين جيڪڏهن بدلجي وئي آھي ته اندر جي روٽين کي به بدلائي ڇڏيو. فيمليءَ سان  تمام ويجهو رهڻ جو هي بهترين موقعو آھي ان مان فائدو وٺو.”

 

(لاڪ ڊائون دوران لکيل - ماهوار هزار داستان مارچ ۲۰۲۱ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment