Sunday, March 28, 2021

گداگر ابن گداگر - دريا خان شنباڻي

گداگر ابن گداگر

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



شام ڌاري لهندڙ سج جي شفق ۾ آسمان ڳاڙھو ٿيندو پيو وڃي ۽ گداگر جي دل ڪاراڻ مائل ٿيندي پئي وڃي، سندس چادر جي هڪ ڪُنڊ ۾ ڳنڍ ٻڌل آھي ۽ سندس هٿ ۾ هڪ ڪستو آھي، انهيء ڪستي ۾ تمام ٿوري ريزگاري ۽ ڪجھ ڏھن روپين وارا نوٽ آھن پر فقير کي ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڪستو “معاف ڪر فقير، معاف ڪر بابا!” وارن جملن سان ڀريل آھي.

“بابا ڳالھ ڪندو هيو ته اڳ ۾ جڏھن صبح جو پنڻ لاءِ نڪربو هيو ته شام تائين هي ڪستو پئسن سان ڀرجي ويندو هيو” فقير کي پنهنجي بابا جي ڳالھ ياد آئي.


“ڇا ٿي ويو آھي ماڻھن کي جو سندن کيسا ته پئسن سان ڀريل آھن پر سندن هٿ ٻڌل آھن، چون ٿا ته دنيا ترقي ڪئي آھي، ڌوڙ ترقي ٿي آھي جو هڪ پنندڙ فقير به پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ به ٺيڪ طرح سان ڀري کين کارائي نه سگهي” فقير پنهنجي منهن بڙبڙائيندو رهيو “هاڻي ته ماڻھو به ڏاڍا چيڙاڪ ٿي پيا آھن، اڃان سندن در تي پير مس ٿا ڌريون جو دڙڪو ڏيندي چون ٿا “معاف ڪر فقير” اوهان به کڻي ڇتو ڪيو آھي” پر پوءِ جلد ئي فقير جو چهرو مُرجهائجي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو “بيماريون به وڌي ويون آھن، ڪنهن کي دل جي بيماري، ڪنهن کي بلڊپريشر، ڪنهن کي شگر، ماڻهو ويچارا پنهنجو پاڻ کان تنگ ٿي پيا آھن، ۽ ويچارن جو جيئڻ مان ارواح ئي کڄي ويو آھي” فقير هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري آسمان ڏانهن نهاري چوي ٿو “اي منهنجا مولا، رحم ڪر مالڪ رحم ڪر” فقير جو ايترو چوڻ جو ٺوڪر کاڌائين ۽ پير جي آڱوٺي ۾ اهڙو ته ڌڪ لڳس جو سڀ ڪجھ وسري ويس ۽ اتي ئي ويهي رهيو ۽ ڪجھ پلن کان پوءِ اٿندي چيائين “هي ته ٺيڪ ٿي ويندو پر ماڻهن طرفان روزانو جيڪي دڙڪا دهمان ملن ٿا سي ڄڻ ڦٽ ٿي بيهن ٿا” فقير منڊڪائيندو منڊڪائيندو پنهنجي جهوپڙيء پهتو ته سندس اٺن سالن جو پٽڙو ڊوڙندو اچي هن کي چنبڙيو ۽ چيائين “بابا اچي وئين؟”

“ها اچي ويس”

“بابا اڄ گهڻا ڪمايئي؟”

“اڍائي سئو رپيا”

“بابا هن ۾ اڄ ڇا ڇا آھي؟” سندس پٽ گنڍ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته فقير ورندي ڏيندي چيو “هن ۾ ڪجھ ڦٽل ٽماٽا، داغيل پٽاٽا، بصر ۽ ها تولاءِ اڌ سڙيل ناسپتي ۽ تنهنجي ننڍڙي اديء لاءِ بوندي به آھي” ائين چئي هو پنهنجي پٽ سميت کٽ تي پهتو.

ڳنڍ ۽ ڪستو کٽ تي رکندي پنهنجي منهن ڀڻڪندي چيائين “ماڻھو به عجيب ٿي ويا آھن، فروٽ وارو ڪني نارنگي ڏئي، ڀاڄيء وارو ٽماٽو پٽاٽو ڏئي، دوڪاندار هٿ ۾ ٽافي پڪڙائي ڇڏي، ڪيبن وارو سوپاري هٿ ۾ ڏئي، اسان کي ڄڻ پئسي جي ضرورت ناهي”

“بابا بابا، امان چوي پئي ته اٽو به ڪونهي” سندس ننڍڙي پٽ چيو.

“اڌ سير کن آندو اٿم” فقير چيو ته پريان کان سندس گهرواريء چيو “اڄ به اڌ سير، سير کن ته وٺي اچين ها، اڌ سير مان پورت نه ٿي ٿئي”

“هائو هائو سڀاڻي کان هڪ سير وٺي ايندس” فقير چيو ۽ وڌيڪ چيائين “ننڍڙيء جي طبيعت ڪيئن آھي؟”

“اڄ به تيز بخار اٿس، هي ته ڏس ڄڻ جسم تي ٽانڊا رکيل هجن” سندس گهرواريء کٽ تي ستل ننڍڙيء جي پيشانيء تي هٿ رکندي چيو ۽ وڌيڪ چيائين “ڪجھ روڪ پئسا به آندئي؟”

“اڍائي سئو کن آندا اٿم” فقير چيو.

“انهن مان ڇا ٿيندو؟” سندس گهرواريء ڳڻتيء منجهان چيو.

“ڀلا مان ڇا ڪريان، ماڻهن جي هٿن مان ته پئسا ڪونه کسيندس” فقير چيو.

“ماڻھو به ويچارا غريب ٿي پيا آھن، اسان جو ته نه ليکو نه لهڻو، جيڪو ڏئي ان جو به خير، جيڪو نه ڏئي ان جو به خير”  سندس گهرواريء چيو.

“ننڍڙيء جي دوا جا ڊاڪٽر گهڻا ورتا” فقير پڇيو.

“پنج سئو روپيا” سندس گهرواريء چيو ته فقير تعجب ۾ ويڙھجي ويو “ايترا سارا پئسا؟!!!”

“چيائين پي ته ساڍا پنج سئو روپيا ٿين ٿا، پنجاھ روپيا رعايت ڪيائين” سندس گهرواريء چيو.

“صرف پنجاھ روپيا رعايت!!!” فقير چيو.

“چيم به ته ڊاڪٽر صاحب فقير آھيون، پني پيٽ پاليندا آھيون پر چيائين مان ڇا ڪريان، دوائون به مهانگيون آھن” سندس گهرواريء چيو.

“او منهنجا مولا رحم ڪر” فقير چيو ۽ پوءِ پٽ سان مخاطب ٿيندي چيائين “سڀاڻي کان تون به پنڻ شروع ڪر”

“تون چريو ته ڪونه ٿيو آھين، هي اڃان ننڍڙو آھي، خدا جي واسطي اهڙي ڳالھ نه ڪر!!!” سندس گهرواريء تلخ لهجي ۾ چيو ته فقير منٿ واري انداز ۾ چيو “سڀاڳي پوري نه ٿي پئي، تون ٻڌاء ته آخر ڇا ڪريون؟”

“ماڻھو ڏاڍا بي رحم ٿي پيا آهن، ٻارڙن سان وڙھن ٿا.” سندس گهرواريء چيو.

“تون پريشان نه ٿيءُ، وقت سڀ ڪجھ سيکاري ڇڏيندس، مون کي ته بابا تڏھن وٺي ويو هيو جڏھن منهنجي عمر پنج ڇھ سال مس هئي”

سندس گهرواريء ڄڻ آزي مڃي ڇڏي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين ته فقير پٽ سان مخاطب ٿيو “ٺيڪ آھي نه پُٽ؟”

“ها بابا ٺيڪ آھي” ائين چئي ننڍڙو ڊوڙندو وڃي پنهنجي ماءُ سان چنبڙيو ۽ چيائين “امان امان سڀاڻي مان به پنڻ ويندس، ۽ سڀ پئسا توکي ڏيندس”

سندس ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي سيني ۾ سمايو ۽ سندس اکين مان ٻه ڪوسا لڙڪ ڳڙي ڳلن تي چمڪي پيا.

No comments:

Post a Comment