Sunday, March 28, 2021

ملاقات! - مٺل جسڪاڻي

ملاقات!

مختصر تاثراتي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



ڏينھن ۽ تاريخ ڪنھن کي ياد ھوندي! سانوڻي مينھن وسي چڪا ھئا. مينھن کان پوءِ فصلن ۽ پاليل جانورن لاءِ پوکيل گاھن ۾ پاڻي بيھجي ويو ھو. ڳوٺ جي گهٽين ۽ مال جي وٿاڻ ۾ گپ چڪ نه، گارو ٿي پيو ھو. اھڙن ئي ڏينھن جي لاءِ ته ٻاجهر جي ڪانن جا گڏا ٻڌي، دن ٺاھي رکبا آھن، بُھه به لنبي ڇڏبو آھي، ته جيئن شادي مرادي، پرڻي مرڻي، عيد براد، ننڍي وڏي ڏينھن ۽ برساتن ۾، مال جي قوت ٿوري وقت ۾ ۽ سولائي سان ڪري سگهجي.


ٽپھري کان پوءِ ۽ مغرب کان اڳي، ٻاجهر جو گڏو توکي کڻڻو ھو. مون کي ڪو ڪم ڪو نه ھو. پاڻ ٻاجهر جي دن ۾ مليا ھئاسين.

جڏھن به سانوڻ جون برساتون پون ٿيون يا جڏھن به ٻاجهر جي دن ڏسندو آھيان. مون کي پنھنجي اھا ملاقات ياد ايندي آھي.

 

(ماھوار پرڀات ميگزين، ٻيون شمارو، آڪٽوبر ۲۰۲۰ع، ص:  ۲۴ تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment