Sunday, March 28, 2021

سيارو ۽ روهيون - مير اعظم علي ٽالپر

سيارو ۽ روهيون

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ ۾

مير اعظم علي ٽالپر



اڄڪلهه ۽ خاص ڪري هنن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ سردي جي زبردست لهر ڇانيل آهي، ان جو وڏو سبب قدرتي طرح سان اهو به آهي ته اڄ جڏهن اوهان هي پڙهي رهيا آهيون ته هندي (سنڌي ڪلئينڊر) مهيني مانگهه جي پنجين تاريخ آهي، سنڌ ۾ آڳاٽي ماضي ۾ مانگهه لاءِ لوڪ ڏاهپ جي حوالي سان پهاڪو مشهور آهي ته ”مانگهه، ڏني سَئين (سردين) تانگهه“ يعني مانگهه آيو ته سردي جا ڏينهن به ڊگها ٿي ويا، ڇو ته اڄڪلهه ڏينهن به وڏو ٿي چڪو آهي، حالانڪه شام جي وقت ۾ اڳ ئي سج دير سان (ڇهين کانپوءِ) لهي رهيو هو، پر هاڻ صبح جو اڀرڻ وقت به سج چند منٽ (حيدرآباد جي آخري ٽائيم صبح جو سج نڪرڻ جو ست لڳي چوڏهن منٽ) پهرين اڀري رهيو آهي، پر سائيبريا جون سرد ترين ۽ خشڪ هوائون سنڌ ۾ ديرو ڄمائي چڪيون آهن ۽ هي جنوريءَ جي آخري ڏينهن ۾ سخت سيءَ پئجي رهيو آهي. جنهن لاءِ ڪنهن زماني ۾ (ننڍي عمر ۾) مشهور گلوڪار رجب علي ٻارڙن جي ٻاري ۾ ٻارن سيد منظور نقوي جو نغمو ”آيو سيءُ، سيءُ“ ڳايو هو. بهرحال اتفاق سان سنڌ ۾ موسم ۽ زراعت سان هندي (سنڌي) مهينا فصلن، پوک ۽ ٻني ٻاري جي حوالي سان چولي دامن جو ساٿ وارو حساب رکن ٿا. سنڌ ۾ آبادي جي لحاظ سان زراعت ۾ هندي (سنڌي) مهينن جي نالن جو رواج گهڻو رهيو آهي، هن هلندڙ مهيني مانگهه کانپوءِ ڦڳڻ جو مهينو ايندو، جيڪو سنڌي سال جي مهينن جو ٻارهون ۽ آخري مهينو هوندو هو، ان ۾ ئي سنڌ جي بي تاج بادشاهه ميوي انبن جي باغن ۾ بيٺل انبن جي وڻن ۾ ٿيل ٻُور ٽڙڻ شروع ڪندو آهي ۽ ان جي خوشبو پري پري تائين محسوس ٿيندي آهي، خاص ڪري صبح جو ۽ شام جي وقت ۾ ٻور مان انبڙيون ٿيڻ کان پهرين اها ٻُور جي خوشبوءَ دل کي وڻندڙ هوندي آهي، البته ان ڦڳڻ يعني ايندڙ مهيني کانپوءِ ڳڙن جي به موسم سنڌ ۾ ٿيندي آهي، جنهن سان انبن جو ٻور ته خراب ٿيندو ئي آهي، پر ڪڻڪ جا لابارا به متاثر ٿيندا آهن ۽ کرن ۾ پيل ڪڻڪ کي ٿريشر به هڻڻ مشڪل ٿيندو آهي.


دنيا ۾ زراعت ڪٿي به هجي، پر اها بارش، ٻوڏ، خشڪ سالي وغيره کان ضرور متاثر ٿيندي رهندي آهي، جيستائين سنڌ ۽ ٻوڏ جو تعلق آهي ته جنهن سال ۱۹۵۴ع ۾ (اپريل ۱۸ آچر ڏينهن) راقم ڄائو هو ته ان ئي سال سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي وڏي ٻوڏ آئي هئي، چون ٿا ته حيدرآباد شهر لاءِ به ٻوڏ جي پاڻي جو خطرو هو، ڇو ته کنڊو ۽ سيکاٽ وارو بند ٽٽي پيو هو ۽ ٻوڏ جو پاڻي ٽنڊو ڄام شهر جي ڀر ۾ ڪراچي کان لاهور واري ڊبل ريل جي پٽڙي المعروف مقامي ٻولي ۾ وڏي ريل تائين پهچي ويو هو، پر شهرن کي بچائڻ لاءِ اڪرم واهه (چئنل) ۾ ڇوڙيو ويو هو، ائين حيدرآباد ۽ ٽنڊو ڄام شهر بچي ويا هئا، البته شهر ۽ پاڙي وارا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا هئا، راقم سميت سڀ مائٽ (والدين) ميرپور خاص ڳوٺ مير شر محمد ٽالپر لڏي ويا هئا. بهرحال اردو جي مشهور شاعر مرزا غالب جي شعر ”عمرين درازان مانگ ڪر لائي ٿي چار دن، دو دن آرزو ۾ کٽ گئي، دو دن انتظار ۾ کٽ گئي“ وانگر راقم جي عمر به نوڪري دوران اڌ (زراعت) مٽي، پاڻي ۾ گذري وئي ته اڌوري ٻوڏ جي نظر ٿي وئي، ڇو ته نوڪري ۾ ليبارٽري اندر سنڌ جي زمينن جي سوائل (مٽي) سمپل چيڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف ٻنين تان سوائل سمپل (مٽي) وٺڻ (ڪڍڻ) جو به ڪم ڪيو ۽ ان کانسواءِ وقت به وقت سنڌ ۾ آيل درياهه جي ٻوڏ ۽ برسات جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ عوام جي صحت بخش ۽ صاف پاڻي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪلورينيشن وارو پيارڻ لاءِ (ايڪوا گوريون) ڪئمپن ۾ به ڪم ڪيو هو، جيئن شڪارپور، جيڪب آباد، سکر، گهوٽڪي، ٽنڊوالهيار ضلعن ۾ مختلف وقتن ۾ ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپن ۾ صاف پاڻي جو انتظام ڪيو ۽ ان لاءِ پاڻي جا سمپل به چيڪ ڪيا، بهرحال ڪڏهن ڪڏهن رڳو اهڙو به عجيب اتفاق قدرتي طرح سان ٿي پوندو آهي ته اڪثر سنڌ ۾ ٻوڏ درياهه جي ٻوڏ سان گڏ برسات جي ٻوڏ به اچي ويندي آهي، جنهن کي آسان ۽ سولي ٻولي ۾ ”مينهن، پاڻي هڪ“ چيو ويندو آهي. هن مثال ۾ برسات يعنيءِ مينهن ۽ پاڻي ۽ درياهه جو پاڻي جنهن کي ملائي مينهن پاڻي سڏيو ويندو آهي. البته پاڙي جو هڪ درويش سخت بيماري ۾ سردي کي مخاطب ٿي چوندو هو ته ”اي سيارا اسان تي سردي جو ايترو ظلم ڪر جيترو وري اونهاري ۾ ڇتي گرمي جي جُهولي ۽ لُڪ کي برادشت ڪري سگهون. سيارو هجي يا اونهارو هاري ناري کي پنهنجي ٻنهي جي ڪرت ڪرڻي آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ”هي سج ۽ ٻج کيڙيندي ڪئين خان هليا ويا“

هن سڄي داستان تان زمين (ٻنين) ۽ زراعت جي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار ۽ علم ادب جي ناليواري ڄاڻو ۽ زرعي ڄاڻ رکندڙ پروفيسر مٺل جسڪاڻي هنن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي شاعري جي ٻولي جيان ”شاعر به زبان شاعر“ وانگر ادبي ٻولي ۾ ڪهاڻيون ۽ نظم (ڪهاڻيون) زراعت جي زبان ۾ لکيون آهن، جن ۾ زمينون، ٻنيون، پوک وغيره سڀ ڪهاڻي جي شڪل ۾ آهن، هن موضوع تي ”برسات ۽ ٻوڏ“ هي ڪتاب منڊي تي ٽڪ جهڙو لکيو ويو آهي. جنهن جي هر هڪ ڪهاڻي زرعي مسئلي جي اپٽار ته ڪري ٿي پر فصل دوران پيدا ٿيندڙ موسمي ۽ ماحولياتي مسئلن جو به تفصيلي ذڪر آهي، هاري ناري جن ڳالهين کي منهن ڏين ٿا، ان لاءِ ڪتاب جي ليکڪ مٺل جسڪاڻي پنهنجي آسان ۽ سولي لوڪ ڏاهپ جي ٻولي ۾ صرف زرعي ڳالهه ۽ مسئلو بيان ڪرڻ کان پاسو ڪندي ان پهلو کي هڪ ڪهاڻي ۽ نظم ڪهاڻي جي رنگ روپ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن سان پڙهندڙ کي بوريت کان بچائڻ خاطر ون ان ٽو جي نسخي تي عمل ڪندي هڪ طرف ڪهاڻي جي ڪهاڻي آهي ته ٻي طرف برسات ۽ ٻوڏ رحمت بدران زحمت ٿيڻ تي ڪيترا ۽ ڪهڙا مسئلا ٿين ٿا، مٺل جسڪاڻي پنهنجي تازي ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ ۾ انهن کي کولي بيان ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هن کان اڳ به مٺل جسڪاڻي زراعت تي خالص زرعي ڪتاب ”زرعي سونهن“ لکي چڪو آهي. البته نئون ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ (ڪهاڻيون ۽ نظم ڪهاڻيون) امرتا پبليڪشن پاران فقير محمد ڍول (ڍول فقير فائونڊيشن سنڌ) ڇپرايو آهي.

ڪتاب جو سراسري جائزو وٺجي ته هن ۾ مٺل جسڪاڻي مختصرن ننڍين ڪهاڻين (شارٽ اسٽوري) کي قلمبند ڪيو آهي، ننڍي ڪهاڻي جي هڪ خاص خاصيت اها به آهي ته اها هڪدم پڙهڻ سان ان جو مطلب ۽ مقصد سمجهه ۾ اچي ويندو آهي ۽ پڙهندڙ هر ڳالهه کي پروڙي وٺندو آهي، پر ڊگهي ۽ طويل ڪهاڻي (افساني انداز) پڙهڻ دوران مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ ان جو تسلسل به ٽٽي ويندو آهي، برسات ۽ ٻوڏ اهڙين ننڍين ڪهاڻين جو هڪ گلدستي جهڙو مجموعو آهي، جنهن ۾ اهم ڪهاڻي ڪتاب جي صفحي نمبر ۵۱ تي برسات ۽ ٻوڏ ڏنل آهي، جنهن جي نالي سان ڪتاب کي منسوب ڪيو ويو آهي.

ڪهاڻي جو سراسري جائزو وٺڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو ته سانوڻ جي برسات گهڻي وسڻ کانپوءِ هر هنڌ شهري توڙي ٻهراڙي جا مسئلا هڪ ٿي وڃن ٿا، پر ٻني ۽ ٻاري وارن لاءِ اڃا به وڌيڪ پريشاني پيدا ٿي وڃي ٿي، خاص ڪري سانوڻ يعني مون سون جي موسم ۾ سنڌ جي هر هڪ ضلعي ۾ زراعت جا فصل اڪثر تيار ئي هوندا آهن، لاڙ ۽ اتر ۾ ساريون، وونئڻ (ڦٽي) اوڀر ۾ ڪنري طرف مرچ وغيره هنن سڀني کي مسلسل برسات وسڻ سان نقصان ٿيڻ لازمي آهي، پر برسات جي ڪري ٻوڏ يا وري درياهه جي چاڙهه ڪري ٻوڏ جو اچڻ به نقصان وارو هوندو آهي. پر هن صورتحال ۾ سڀ کان ڳڻتي جوڳي صورتحال ان وقت پيدا ٿيندي آهي، جڏهن هڪ آبادگار مٿان وارو هيٺيانهين واري زمين طرف (سم نالي تي نه هوندي) پنهنجي آبادي ۽ فصل بچائڻ خاطر پنهنجي ٻني جو پاڻي هيٺ نيڪال ڪندو آهي، جنهن کي وقتي ٻولي ۾ ڇنڊڻ چيو ويندو آهي، هن ڪهاڻي برسات ۽ ٻوڏ ۾ ان جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي، هن طريقي سان پاڻي ڇنڊائڻ ۽ نيڪال ڪرڻ سان خراب ۽ لوڻياٺي زمين جو پاڻي هيٺين ۽ سٺي زمين کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جي سوائل (مٽي) ۾ ۸.00 P.H کان به مٿي لوڻ واري ٿي ويندي آهي. جيڪا عام طرح سان 7 يا ستن جي آس پاس هوندي آهي ۽ پڻ ان زمين جو پاڻي به کارو ٿي ويندو آهي، E.C (اي سي) به هزارن کان مٿي ٿي ويندي آهي.

سنڌ جو گرائونڊ واٽر هر هڪ علائقي جو مختلف آهي، سڀاڻي ۲۶ جنوري جي تاريخ آهي، قارئين مان خبر نه آهي ڪنهن کي ياد هوندو ته سڀاڻي ۲۶ جنوري تي سنڌ ۾ ۲۱ سال اڳ هڪ زلزلو آيو هو ۽ ان ڪري قاسم آباد ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿيا هئا، ان سان سنڌ جي زمين جي اٿل پٿل ٿيڻ سبب ڪن علائقن جو سٺو پاڻي به خراب ٿي ويو هو ته ڪن علائقن جو وري قدرتي خراب پاڻي بهتر بڻجي ويو هو، اهڙيون ڳالهيون ليب ۾ پاڻي چيڪ ڪرائڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو ڪندا هئا، ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ ۾ مٺل جسڪاڻي پاڻي جو ذڪر ۵۶ صفحي جي ڪهاڻي ۾ ڪيو آهي ۽ وري ڌپ ڪري ويل پاڻي جو حوالا صفحي ۸3 تي هڪ نظم ڪهاڻي ۾ دلچسپ  لکيو آهي. ان کانسواءِ برسات ۴۵ پيج تي صرف ٽن سٽن واري ڳالهه لکي آهي، اهڙي ريت چئن لائينن ۾ برسات ۽ هوا کي سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، ان کانسواءِ زراعت ۾ سائي ڀاڻ يوريا ۽ امداد تي به قلم جو سٺو ڪم ٿيل آهي، جڏهن ته برسات ۽ ٻوڏ هڪ سٺي تحرير ۾ هن ڪتاب جي اندر سياري جو صرف نالي ماتر ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بهار جي مد ۾ ڳڙا ۽ ڳڙن جي وسڻ سبب باغن ۾ بقايا ٻيرن، انبن جي ٻور ۽ انبڙين ۽ تعلقي ڪنڊياري ۾ ليمن جي باغات کي ٿيندڙ نقصان جو قطعي ذڪر نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪتاب ۾ سياري جي ساڙ ۽ پوندڙ پاري کي به پڪ سر نظرانداز ڪيو ويو آهي، محسوس ٿئي ٿو ته فاضل مصنف پنهنجو قلم فقط برسات ۽ ٻوڏ تائين رکيو آهي ۽ هن سياري جي رُوهين واري برسات کان چشم پوشي اختيار ڪئي آهي، جنهن لاءِ سنڌ ۾ عام چوڻي به مشهور آهي ته جيڪا مال (ڍور) جهنگ ۾ چاريندڙن جي حوالي سان آهي، بهرحال ڪتاب ۾ حالات ۽ واقعات پڙهڻ کانپوءِ سياري لاءِ مينهن جي ڪوتاهي چئجي يا ٻيو ڪجهه ان لاءِ ڇو نه فاضل مصنف کي ليکڪن جي عدالت پاران صحافين جي ”قلم لکڻي تحت“ قرار واقعي جوڳي سزا ڏني وڃي، پر ماضي ۾ فاضل مصنف جي شاندار ليکڪ واري ڪردار کي ڏسندي ڪورٽ سڳوري مصنف کي گهٽ ۾ گهٽ سزا تجويز ڪندي اها سزا ڏيڻ جو حڪم صادر ڪري ٿي ته هو پنهنجي بهترين ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ جيڪو سانوڻي جي موسم سان وابسته آهي ۽ ان ۾ زراعت جا ڳنڀر مسئلا ۽ انهن جو حل ڏنو ويو آهي، هاڻ سياري جون رُوهيون (برساتون) ڳڙا وغيره زراعت تي مصنف هڪ ٻيو نئون ڪتاب جلد از جلد لکي پنهنجي لکت واري سزا پوري ڪرائي. ياد رهي ته هن وقت سياري جي سخت ترين برساتن شامل (سيريا) ۾ ٻوڏ آڻي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ ڪجهه سال اڳ سياري دوران بلوچستان ۾ برساتن جي تباهي سبب ٻوڏ اچي وئي هئي، بهرحال برسات ۽ ٻوڏ يادگار رهندڙ زمانو هوندو آهي ۽ ٻوڏ ڪن لاءِ ڪمائي جو به ذريعو هوندي آهي، پر ان کان رب محفوظ رکي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


No comments:

Post a Comment