Sunday, June 30, 2019

وئيءَ وستوءَ قدر


وئيءَ وستوءَ قدر
(مختصر مختصر ڪھاڻي)
وھاب سھتو
ھڪڙو ماستر، جڏھن نوڪريءَ ۾ ھيو، مانيءَ لاءِ بورچيخاني ۾ ايندو ھيو ته گھر واري ٻارن کي چوندي ھئي؛ ”ابا! پاسي ٿيو، اوھان جو ابو ناشتو ڪري، نوڪريءَ تي وڃي.“
اھو ماستر جڏھن رٽائر ٿيو، بورچيخاني ايندي، پھرئين ڏينھن ئي گھرواريءَ اُپڪائي چيس؛ ”مئا رٽائر ڇا ٿيو آھين، ديد ئي ھلي وئي اٿئي. ٻچا لتاڙيندو ٿو اچين ته خبر ئي نه ٿي پوئي.“

Thursday, June 27, 2019

محبوب ڏنو - امر لغاري


محبوب ڏنو
ڪهاڻي
امر لغاري
No photo description available.محبوب ڏنو ڇا ڄائو، ڄڻ ته لطف عليءَ جي گهر ۾ خوشيءَ جو طوفان اچي ويو. سڄو ڳوٺ اُٿلي پيو هو. پري پري کان ماڻهو اچڻ لڳا هــُـئا. ڳالهه هوائن ۾ ايئن هـُلي وئي هــُئي، ڄڻ ته ڪا اڻ-ٿيڻي ٿي پيئي هئي. مايون هيون، جي ماڪوڙن جيئن مڙي پيون هيون. وات وات ۾ ڳالهه هــُئي. تعريف جا بند ڀڄي پيا هـُـئا. بي بي سانئڻ جي ڪرامت، محبوب ڏني جو رُوپ ورتو هو.

Monday, June 24, 2019

پراڻي آکاڻي نئين نه ٿيڻ گھرجي - ماڪن شاھ رضوي


پراڻي آکاڻي نئين نه ٿيڻ گھرجي
ماڪن شاھ رضوي
چون ٿا ته ڪنهن شهر ۾ چار دوست رهندا هئا، حال مسڪيني هو، فاقا گهر ڪري ويا هئا. نيٺ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته هجرت ڪجي، ڪنهن ٻئي ڀيڻي هلجي، متان بخت وارو ڏي، ۽ پيٽ جو ڪو بلو ٿئي، سو نيٺ نڪري پيا. هلندي پڇائيندي خبر پين ته هڪ اهڙو ملڪ به آهي، جتي نه پڇا نه ڳاڇا، جيڪو آيو، سو اگهيو. هر طرح جو مال متاع، اناج جا کوڙ، ٻاراهي ويٺو کاءُ... اهو ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا. وري اها به خبر پين ته بلي هن لاوارث ملڪ جو درياءُ به پنهنجو، سمنڊ به پنهنجو، واري وڇاڻا، دنيا جهان جي هر شيءِ پنهنجي، بس رڳو ڌڻي ڪونهي جو سار سنڀال لهي، ڪو سنڀالو ڪري. نه انصاف آهي، نه داد فرياد آهي، سو همراهه ڏاڍا خوش ٿيا. سردي گرمي جو فڪر ڪو نه هئن. هڪ سُٿري جاءِ ڏسي رات گذارڻ لاءِ اچي پاٿاري جوڙيائون. هڪ کي چيائون ته وڃي درياءَ تان پاڻي ڀري آءُ، ٻئي کي حڪم ٿيو ته جهنگ مان ڪاٺيون ميڙي آءُ ته مچڙو مچايون، ٽئين کي چيائون ته سامهون شهر پيو ڏسجي، ان مان ڪو اٽو ٻاٽ پني آءُ ته پيٽ کي اڳڙي هڻون. باقي چوٿون پاٿاري سنڀاري ويهي، متان ڪو ڦاٽل کٿو به نه کڻي وڃي. سو سڀ ڪرت کي لڳي ويا. قدرت خدا جي ته جيڪو همراهه پاڻي ڀرڻ ويو، دل ۾ چيائين، وهجندي ورهيه ٿيا، هيڏو درياءُ پيو وهي، پهرين ٻه ٽٻيون هڻي مٽي ۽ گر لاهيان، پوءِ ٿو پاڻي ڀريان. سو ڍريو درياءَ ۾ ته ڪو واڳون اڳ تاڙيون ويٺو هئس. گراهه ئي هڪڙو ڪيائينس. وري جيڪو همراهه ڪاٺين لاءِ ويو هو، سو بکايل شينهن جي ور چڙهي ويو. رهيا باقي  هڏا، پر جيڪو عجب جهڙو همراهه شهر گدائي لاءِ ويو هو، ان کي وري اتي جا بتال قسم جا ماڻهو ڦري آيا، نه هن جي ٺوڙهه ڏٺائون، نه ڪياڙيءَ جا وار، نه ٿُلها ڪُلها، هڪدم فيصلو ڪيائون ته هيءُ ملڪ بادشاهه کان سواءِ ورهين کان پيو هلي، جيڪو چار ڏينهن ٿو اچي، سو جهول ٽڪن جو ڀريو، ٻئي ملڪ وڃو موجون ڪري، هاڻي تون خدا ڏياريو آهين، اڄ کان هتي جو بادشاهه آهين، هلي تخت تي ويهي موجون ڪر. مڙس بک ۾ اڳ ئي پاهه پئي ٿيو، سو نوان ويس وڳا پائي ٿيو تخت ڌڻي، پنجن ستن بچيل وارن کي ڏنئين ڦڻي، تيسين، ڪيئي کاڌ خوراڪون پلاءُ، پلا، سيرا، سيون مال مڙئي سرس اچي مڙيو. کائي کائي، ڇا کائي.

ملاوٽ - ھمير گاد


ملاوٽ
سنڌيڪار: ھمير گاد
هُن جڏھن کان کير ۾ پاڻي ملائي کپائڻ شروع ڪيو هو هن جي آمدني ڊبل ٿي وئي هئي، وقت گذرندو ويو هن هڪ جڳھ ورتي.
ڪڏھن به هن کي اهو خيال نه آيو ته ملاوٽ وارو کير ماڻھن جي صحت لاءِ ڪيترو نقصانڪار آھي ھُن کي صرف منافعي سان مطلب هو.
هڪ ڏينهن هن جو پُٽ بيمار ٿي پيو ۽ جعلي دوائن جي استعمال ڪرڻ سان هو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو.
هن چيو“ ماڻھو ڪيترا ظالم آھن دوائن ۾ به ملاوٽ ٿا ڪن.“

(روزانه هلال پاڪستان ۲۴ جون ۲۰۱۹ع)

وڏڙو شاگرد - حسيب ڪانھيو


وڏڙو شاگرد
ٻاراڻي ڪھاڻي
حسيب ڪانھيو
Image may contain: 3 people, textسائنس جي پڙهائي جو وقت ٿيو ته سائين ارشاد ڪلاس ۾ ايندي ئي سڀني ٻارن کي ٻاهر اسڪول جي باغيچي ڏي موڪليو ۽ چيو، “هلو بابا باغيچي ۾ هلي سڀئي گُل ڏسو، اڄ پاڻ گلن بابت پڙهنداسين.”
صبح جو وقت هو سو گل اڃا مس ئي ٽڙيا کڙيا هئا. باغيچي ۾ خوشبو جي هٻڪار ۽ رنگن جو جلترنگ هو. موتيو، گلاب، نرگس ۽ ٻيا ڪيترائي گُل هئا جيڪي هر ڪنهن ٻار کي پئي وڻيا. قسمين قسمين گُلن تي وري رنگ برنگي پوپٽ به پئي اڏريا، سو جيسين سائين ارشاد پهچي، تيستائين ٻارن ۾ هُل مچي ويو.

منھنجي ڊلسينيا جو چور - امر لغاري


منھنجي ڊلسينيا جو چور
پوسٽ ماڊرن ڪھاڻي
امر لغاري
Image may contain: outdoorاڄ صبح جو جيئن ئي منھنجي اک کلي ته مون پنھنجي پاڻ کي بيڊ ھيٺيان فرش تي ليٽيل ڏٺو. مون کي حيرت ٿي؛ مان ھيٺ فرش تي ڪيئن پھتس؟ جيسيتائين مون کي ياد پيو پوي ته شادي شدھ زندگيءَ ۾ مون سان پھريون چڪر ايئن ٿيو ھو. پر ڊلسينيا جو خيال ھو ته اھو منھنجو روز جو معمول ھو. بھرحال، ڪجھ به ھو، مون کي ھن ڀيري سخت خراب لڳو. بيڊ ھيٺيان نڪري، فورن پنھنجي جگر جان ڊلسينيا کي اٿاريم، جا ڦم لڳي بيڊ مٿان گھري ننڊ ستي پئي ھئي. جيئن ئي جسم مٿان منھنجو ھٿ لڳس ته ٽپ ڏيئي اٿي ويٺي. مون کي ٻڌڻ بنا ئي منھنجي ھٿ کي پنھنجن ٻنھي ھٿن ۾ قابو ڪندي، وڏا وڏا ساھ کڻندي، پنھنجي منھن ڀڻڪندي چيائين؛ “شڪر آ جو تون اچي وئين...”
“ڇو؟ تو کي وري ڇا ٿيو آ؟” مون کانئس حيرت مان پڇيو.

Sunday, June 23, 2019

هير رانجهو - ڪرشن چندر/ ھمير گاد


هير رانجهو
ننڍي کنڊ جي عظيم افسانه نگار جو شاهڪار ناٽڪ
ڪرشن چندر/ ھمير گاد
هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ جي ڀرسان ڪتاب پڙھي رهيو هيس-هلڪي بوند باري ٿي رهي هئي، تيز هوا سان گڏ موسم خوشگوار هئي-مان پنهنجي خيالن ۾ گم لڳو پيو هيم-يڪدم بجليءَ جو هڪ زوردار آواز ٿيو ۽ تيز هوا سان دروازو کُلي ويو- ڇا ٿو ڏسان ته...
هڪ نوجوان مرد ۽ هڪ نوجوان عورت ٻئي پاڻيءَ ۾ ڀِڳل ڪمري ۾ اچن ٿا- ڪمري ۾ اوندھ لڳي پئي آ، آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو چهرو نظر نه ٿو اچي.

Tuesday, June 18, 2019

واچوڙن ۾ لاٽ - حميد سنڌي


واچوڙن ۾ لاٽ
ڪهاڻي
حميد سنڌي
”ابا اٿي، ٻاهر ڪمدار پيو ٿو رڙي، تيار ٿي وٺ، مان نيرن کڻي ٿي اچان-!“
ماءُ جي اٿارڻ تي هو ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهيو. کيس ياد آيو ته اڄ کيس بٽئين تي وڃڻو آهي. هن گهڻن ڏينهن کان پئي نٽايو پر پوءِ خيال ڪيائين ته سڀ ڪجهه آخر کيس تي نه ڪرڻو آهي. رات جو ئي ڪمدار کي چئي ڇڏيو هئائين ته فجر جو سويل ئي هلبو، جيئن ڏينهن نه تپي وڃي. تنهن ڪري هو به فجر جو ئي در تي گهڙو جهلي بيهي رهيو.

Saturday, June 15, 2019

هڪ مختصر ڳالھ - ٽووي آرو - ھمير گاد


هڪ مختصر ڳالھ
ٽووي آرو (فن لينڊ)/ ھمير گاد
هڪ صبح انٽيرو آرام سان چئي ڇڏيو؛ “مان هاڻي تو سان محبت ناهيان ڪندو.“
مون محسوس ڪيو ته مان ته هن سان اڄ به محبت ڪريان ٿي ۽ اها بلڪل نارمل ڳالھ هئي.
مون انٽيرو جي باري ۾ گهڻو نه سوچيو هو....
منهنجو هن سان تعلق هڪ معمولي ڳالھ ھئي.
پوءِ انٽيرو ۽ مان ڪٿي به گڏ رهي سگهون پيا..
هڪ نئين جڳھ...

ويچارا مڙس - همير گاد


ويچارا مڙس
(مزاحيه ڪھاڻي)
همير گاد
“يار افتخار ڇا ڳالھ آ، اڄ ڀلا ڏاڍو خوش ٿو نظر اچين.“
“بس يار نه پڇ ته اڄ مان ايترو خوش ڇو آهيان.؟“ افتخار چيو
“ وري به خبر ته پوي.“ مون هن کان پڇيو
“اڄ صبح سان ئي مون واري زال خير سان وئي پيڪن ڏي عيد ڪرڻ.“
“مان به چوان ايترو خوش ڇو آن! پڪ سان اڄ ڀاڄائيءَ جي مار نه کاڌي اٿئي تڏھن.“

بنا عنوان - امر لغاري


بنا عنوان
پوسٽ ماڊرن ڪھاڻي
امر لغاري
Image may contain: one or more peopleسالن پڄاڻان، ڪالھ ھو مونکي، ھڪ ھوٽل تي مليو.
ھو ما بعد جديديت يا جديديت پڄاڻان واري ٽرينڊ جو ڪھاڻيڪار ھو.
پڇيومانس؛ “اڄڪلھ ڪٿي آھيو؟”
وراڻيائين؛ “اتي. اجھو توھان جي سامھون.”
“منھنجو مطلب آھي ڪٿي پيا رھو؟”
“زمان حال ۾!”

Monday, June 10, 2019

ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي


ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي
هڪڙي پوڙهي عورت، رات جو بس ۾ لاڙڪاڻي کان سفر ڪري رهي هئي. سندس پاسي واري سيٽ تي، هڪڙو نوجوان ڇوڪرو به ويٺل هيو۔۔
پوڙهي عورت کيس چيو؛ ”پُٽ! جڏهن دادو اچي ته مون کي ٻڌائجان.“
سفر دوران پوڙهي عورت جي اک لڳي وئي. رستي ۾ بس کي جھٽڪو آيو ته اچانڪ جاڳي پئي ۽ نوجوان کان پڇيائين؛ ”پُٽ! دادو اچي ويو ڇا؟؟

Friday, June 7, 2019

هڪ بشنيءَ کي آيل توائي - قاسم ڪيهر


هڪ بشنيءَ کي آيل توائي
قاسم ڪيهر
اچو ته اڄ مان توهان کي هڪ عجيب وڌيڪ ۽ غريب گهٽ، گول مول قصو ٿو ٻڌايان.
ٿيو هيئن جو هڪ هٿ ۾ صفائي ڏيکاري، ماڻهن جا کيسا صاف ڪندڙ عُرفِ عام ۾ هڪ بشنيءَ هڪ دوڪان کوليو ۽ دوڪان جي ٻاهران، هڪ وڏو سائن بورڊ لڳائي ڇڏيو. جنهن تي لکيل هيو؛ ”هتي تازي مڇي وڪرو ڪئي ويندي آهي.“
هڪ گراهڪ، دوڪاندار جو ڌيان ڇڪائيندي کيس چيو؛ ”هِن بازار ۾ ڇا صرف تنهنجي ئي مڇي کپندي آهي؟ انڪري تنهنجي ٻاهرين بورڊ تي”هتي“ لفظ لکڻ جي ڪا تُڪ نظر نٿي اچي.“

Monday, June 3, 2019

ڇڏ! ھاڻي ڇڏ! - فرانز ڪافڪا- ھمير گاد


ڇڏ! ھاڻي ڇڏ!
جرمن ڪھاڻي
فرانز ڪافڪا/ ھمير گاد
صبح سوير جو وقت هو، گھٽيون صاف ۽ سُنسان هيون.
مان اسٽيشن ڏانهن وڃي رهيو هيس. جڏھن مون گھنٽا گھر جي گهڙيال سان، پنهنجي واچ جو وقت ڀيٽايو ته مون ڏٺو ته منهنجي اندازي کان به وڌيڪ وقت ٿي چڪو هو.
مون کي اڃا وڌيڪ تيز هلڻو پيو. دير جي احساس پيدا ٿيڻ واري خوف کان، مان رستي ۾ ئي بي يقينيءَ جو شڪار ٿي ويس.
مان ته اڃا هن شھر کان چڱيءَ طرح واقف به نه هيم.

Saturday, June 1, 2019

رڪاوٽن جي وچ ۾ ساميعا اتوت - همير گاد


رڪاوٽن جي وچ ۾
فلسطيني ڪھاڻي
ساميعا اتوت/ همير گاد
وقت رُڪجي ويو هو، مون پنهنجي شرٽ جي کيسي مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو.
مان مسڪرائي، مسلسل هُن جي چهري جي طرف ڏسي رهيو هُيم.
مهرباني ڪري، سگريٽ کي وسائي ڇڏيو! هِتي موجود آڪسيجن اسان جي لاءِ ڪافي نه آھي.“ هُن چيو.