Saturday, June 15, 2019

هڪ مختصر ڳالھ - ٽووي آرو - ھمير گاد


هڪ مختصر ڳالھ
ٽووي آرو (فن لينڊ)/ ھمير گاد
هڪ صبح انٽيرو آرام سان چئي ڇڏيو؛ “مان هاڻي تو سان محبت ناهيان ڪندو.“
مون محسوس ڪيو ته مان ته هن سان اڄ به محبت ڪريان ٿي ۽ اها بلڪل نارمل ڳالھ هئي.
مون انٽيرو جي باري ۾ گهڻو نه سوچيو هو....
منهنجو هن سان تعلق هڪ معمولي ڳالھ ھئي.
پوءِ انٽيرو ۽ مان ڪٿي به گڏ رهي سگهون پيا..
هڪ نئين جڳھ...


اسان جون دلچسپيون هڪ هيون...
انٽيرو بيڊ تي پير ڊگها ڪري ويٺو هو...۽ منهنجي طرف ڏسي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته هو جلدي پنهنجون شيون کڻي هليو ويندو ته جيئن مان پنهنجي طريقي سان، خود پنهنجي لاءِ سوچيان...هو منهنجي لاءِ ڪنهن جو متبادل بڻجي پاڻ کان بيزار ٿي چڪو هو.
ان جي ڪري محبت جو تعلق هاڻي ختم ٿي چڪو هو.
انٽيرو اهي تمام ڳالهيون نهايت سهڻي طريقي سان ڪيون، جنهن کي هو پاڻ پهريان خوب سوچي سمجهي ڇڏيون هيون.
هو انهن ڳالهين کي تڏھن به سوچيندو هو جڏھن هو ۽ مان بيڊ تي گڏ ويھندا هئاسين ليڪن هڪ ٻئي کان پري پري...يا وري ان وقت به جڏھن اسان کائڻ واري ميز تي گڏ کائيندا هئاسين ليڪن خاموشيءَ سان.
انٽيرو جو خيال هو ته ان سموري وقت ۾ مان هن سان گڏ حاضر ئي نه هُيم. نه پارڪ ۾، نه کائڻ واري ميز تي ۽ نه ئي ڪنهن به جڳھ تي.
هو بلڪل سچو هو---- مون غور سان ان جو چهرو ڏٺو ته هو مون کي سچو ئي لڳو.
پوءِ يڪدم هڪ جهٽڪي سان مون کي احساس ٿيو ته مان انٽيرو جي لاءِ محبت جي سچي جذبات ۾ گم ٿي وئي هيم.
منهنجي دل چيو هن کي مُڪون هڻان، هن کي ڳراٽڙي پايان، هن کي پيار ڪريان.
هن کان بغير منهنجي زندگي بي معنى ٿيڻي هئي، مون کي هن کان بنا مري ئي وڃڻو هو، اگر هو دروازي کان نڪري ويو هجي ها.
هر شيءِ رُڪجي وڃي ها، زندگيءَ ۾ اوندھ ٿي وڃي ها.. ۽ پوءِ واقعي ڪنهن شيءِ منهنجي دل تي ڪارو پردو وجهي ڇڏيو....
۽ منهنجي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي هئي. ليڪن پوءِ مون انٽيرو کي ڏسندي اقرار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
“اوڪي! ٺيڪ ٿي ويم!“
مون چيو ۽ هن جي حوصلا افزائي لاءِ سندس ڪلھي تي هٿ رکي چيم؛ “اسان کي پنهنجي پنهنجي زندگي گھارڻ گهرجي.“
انٽيرو جلدي ۾ اُٿي بيٺو ۽ جلدي جلدي پنهنجيون شيون کڻڻ لڳو.
کڻڻ جي لاءِ ڪجھ گهڻو نه هو، پوءِ به مون هن جي مدد ڪئي.
انٽيرو، پنهنجي ڀاءُ کي فون ڪئي ته جلدي پهچي وڃي.
مون هن جي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ، ڪافيءَ جو هڪ ڪپ ٻيو تيار ڪيو.
انٽيرو وڃي چڪو هو... ۽ ان جي پويان دروازو بند ٿي چڪو هو.

(روزاني پنهنجي اخبار بتاريخ ۱۰ جون ۲۰۱۹ع)

No comments:

Post a Comment