Monday, June 24, 2019

وڏڙو شاگرد - حسيب ڪانھيو


وڏڙو شاگرد
ٻاراڻي ڪھاڻي
حسيب ڪانھيو
Image may contain: 3 people, textسائنس جي پڙهائي جو وقت ٿيو ته سائين ارشاد ڪلاس ۾ ايندي ئي سڀني ٻارن کي ٻاهر اسڪول جي باغيچي ڏي موڪليو ۽ چيو، “هلو بابا باغيچي ۾ هلي سڀئي گُل ڏسو، اڄ پاڻ گلن بابت پڙهنداسين.”
صبح جو وقت هو سو گل اڃا مس ئي ٽڙيا کڙيا هئا. باغيچي ۾ خوشبو جي هٻڪار ۽ رنگن جو جلترنگ هو. موتيو، گلاب، نرگس ۽ ٻيا ڪيترائي گُل هئا جيڪي هر ڪنهن ٻار کي پئي وڻيا. قسمين قسمين گُلن تي وري رنگ برنگي پوپٽ به پئي اڏريا، سو جيسين سائين ارشاد پهچي، تيستائين ٻارن ۾ هُل مچي ويو.


“ڏشو ڏشو، ڪيڏا نه شُوڻا شُوڻا گُل آهن ڙي.” واجد چيو.
“مون کي ته سائين جو پڇندو ته آئون ته ٻڌائيندس، مون کي موتيو ٿو وڻي.” ڌني خوشي ۾ ٻهڪندي چيو.
“مون کان پڇندو سائين ته آئون ته چوندس، سائين مون کي ته گلاب جو گُل وڻي ٿو.” راجا گلاب جي گل ڏي نڪ ويجهو ڪندي چيو، “ڏس، خوشبو به ڪيڏي پياري اٿس، آ ها ها ها!”
“اڙي هو ڏس ڪيڏو سهڻو پوپٽ آهي.” عامر چيو، “رنگ بِرنگي.”
“سائين مون کان پڇندو نه، ته گُلن کي سڀ کان جام ڪير ٿو ڀانئي؟ ته آئون چوندس، سائين پوپٽ!” ننڍڙي ساجد، عامر کي چيو.
“اڙي اڙي سليم گل نه پَٽ!” گُل ڏانهن وڌندڙ سليم جي هٿ کي روڪيندي مومل چيو، “گُل ڪومائجي ويندو چريا!”
ٻار گُلن جي خوشبو ۽ خوبصورتي ۾ گُم هئا جو ايتري ۾ سائين ارشاد به اچي پهتو.
سائين ارشاد جي پُڄندي ئي سڀئي شاگرد ماٺ ٿي ويا. سائين پهرين سڀني شاگردن کي ڪجهه قطارن ۾ قد جي حساب سان اڳيان پويان ڪري بيهاريو ۽ پوءِ چيائين، “ٻارو، اڄ پاڻ گُل جي ڪن خاص حِصن جي باري ۾ پڙهنداسين.”
سائين ارشاد جو اهو جملو ٻڌندي ئي ٻار گلن بابت عجب ۾ پئجي ويا. هنن جي ذهنن ۾ ٿورو اڳ جن خيالن جو شور متل هو سو ماٺو ٿيڻ لڳو. ٻارن گُلن بابت اهڙو ڪو تصور ئي نه ڪيو هو.
ائين چئي سائين ارشاد بنا ڪنهن دير جي سَٽ ڏئي باغيچي مان گُلاب جو ڳاڙهو گُل پٽي شاگردن جي سامهون پنهنجي هٿ ۾ ڪري جهليو. جنهن پل سائين ارشاد جو هٿ بيرحمي سان گل ڏانهن وڌيو پئي، تنهن پل مومل جي ساهه کي به ڏاڍي سَٽ آئي پر هي ڪو سليم جو هٿ ڪونه هو جو هُو هڪدم پنهنجي هٿ سان روڪي سگهي ها!
“ٻارو ته اڄ پاڻ گُل جي ڪجهه حِصن جي باري ۾ پڙهنداسين،” سائين ارشاد سڀني ٻارن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي چيو، “هاڻي سڀئي پوري ڌيان سان هيڏانهن ڏسجو.”
ٻارن جو اکيون پٿرائجي چڪيون هيون. سائين ارشاد مهڪندڙ گلاب جي ماڪ ڀنل پتين کي هڪ هڪ ڪري ٽوڙيندي ٻارن کي ڏيکاريندو هيٺ اڇلائيندو ٿي ويو ۽ ٻڌائيندو ٿي ويو ته، “هي گُل جون پتيون آهن پُٽ.”
جيئن جيئن گُلاب جون پتيون پَٽجي هيٺ ڪِرنديون ٿي ويون، تيئن تيئن مومل سميت سڀني ٻارن جا منهن لهندا ٿي ويا. ان کان پوءِ سائين ارشاد گُل جي ڏانڊي کان ويندي، اسٽگما، اسٽائل، ٻور داڻي ۽ ٻچيداڻي وغيره تائين هرشيءِ ڏيکاريندو ۽ هر حصي بابت ٻڌائيندو ٿي ويو پر ٻارن کي ڪجهه به ٻُڌڻ ۾ نه پئي آيو! ڇاڪاڻ ته هُو انهن سڀني ڳالهين کان ڪوهين ڏور انهي افسوس ۾ غرق ٿيندا ٿي ويا ته هي سائين گُل سان آخر ڪهڙو حشر ڪندو ٿو وڃي!
آخر ۾ سائين ارشاد ٻارن جي ذهانت کي جانچڻ جي لاءِ مومل کي سڏ ڪيو. سائين جي سڏڻ تي مومل آهستي آهستي هلندي سائين جي سامهون اچي بيٺي. سائين ارشاد چيس، “پُٽ مومل هاڻي تون هڪ گُل پٽي، اسان سڀني کي هن جي حصن جا نالا ٻڌاءِ.”
مومل ته پاڻ سليم کي گُل پَٽڻ کان روڪيو هو سو هاڻي پاڻ ڀلا ڪيئن ٿي پَٽي سگهي. هو ڪجهه ڪُڇي نه سگهي. سائين ارشاد همت ڏياريندي وري چيس، “شاباس پُٽ، جلدي ڪر، گل پٽي اچ.”
سليم سميت سڀني ڇوڪرن جون اکيون مومل ۾ هيون. مومل وري به ماٺ ئي رهي. سائين ارشاد اصل مسئلو سمجهي نه سگهيو سو وري به آخري ڪوشش ڪندي ننڍڙي مومل جي هٿ کي پڪڙي گُل جي ويجهو ڪرڻ لڳو.
ان تي مومل جا هٿ ڏڪڻ لڳا، هن جي اکين ۾ پيرون ڀرجي آيا. اهو ڏسي سائين ارشاد پريشان ٿي ويو. هُن پڇيو، “پٽ، ڇا ٿيو آهي؟ خير ته آهي بابا؟”
“سـ سـ سائين. . .. ” مومل کان اڳتي ڪجهه ڳالهايو نه ٿيو.
سائين ارشاد رهندو مُنجهي پيو. هن مومل جي ڪلهن تي هٿ رکندي کائنس گهڻو ئي پڇڻ جي ڪوشش ڪئي پر هُو ڪجهه ڳالهائي نه سگهي، نيٺ سليم هلڪي آواز ۾ ڳالهايو، “سـ سـ سـ سائين مومل گُل ڪونه پَٽي سگهندي.”
سليم جي اها ڳالهه ٻُڌي سائين ارشاد هڪدم مومل جي ٻنهي هٿن کي جانچي ڏٺائين. پر مومل جا هٿ ته صحيح سلامت هئا.
“شائين شائين مومل ته پان شليم کي جهليو هو ته، ڪِنا! گل نه پَٽ، گل ڪوماجي ويندو.” ننڍڙي واجد همت ڪري سائين ارشاد کي ٻڌايو.
واجد جي انهي جملي تي سائين ارشاد اچرج ۾ پئجي ويو. هن منهن مٿي ڪري سڀني ٻارن جا چهرا ڏٺا. اهي سڀئي به ڄڻ ته ڪومائجي ويل گُل هئا. سائين ارشاد انهن ٻارن جي چهرن کي ڏسي هاڻي سڀڪجهه سمجهي ويو. ساائين ارشاد ٻارن جي اداس چهرن تي اهي سموريون ڳالهيون به پڙهي ورتيون جيڪي باغيچي ۾ سندس پهچڻ کان اڳ ٻارن گُلن بابت هڪٻئي سان ڪيون هيون. سائين ارشاد کي پنهنجي گُل پَٽڻ تي به ڏاڍو افسوس ٿيو. هن ڪجهه دير ماٺ رهي ٻارن جي اڳيان هنن جي قد تائين جهڪندي چيو، “روز آئون اوهان کي سبق ڏيندو آهيان پر اڄ اوهان مون کي سبق ڏنو آهي ٻارو.”
ٻار اهو ٻڌي هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. هنن چپن ۾ چيو، “ڪهڙو سبق سائين؟”
“اهو ئي ته،” سائين ارشاد چيو، “ٻارن کي پڙهائڻ کان پهرين، ٻارن کي پَڙهڻ به گهرجي.”
اهو ٻُڌي ٻارن جي چهرن تي مُرڪون ڦهلجي ويون.
سائين ارشاد به مُرڪندي چيو، “اڄ اوهان سڀئي بنجي ويا منهنجا ننڍڙا استاد.”
“ته پوءِ اوهان شائين؟” ننڍڙي واجد شرارتي لهجي ۾ پڇيو.
سائين ارشاد مُرڪندڙ ٻارن جي اڳيان اڃا به ويجهو ٿي جهُڪي چيو، “آئون اوهان جو وڏڙو شاگرد شائين!”
اهو ٻڌي مومل سميت سڀئي ٻارڙن کان ٽهڪ نڪري ويا. هنن جا چهرا ائين کِڙي پيا ڄڻ گلاب، موتيا، نرگس، چنبيلي. . . . .
*****

No comments:

Post a Comment