Sunday, June 23, 2019

هير رانجهو - ڪرشن چندر/ ھمير گاد


هير رانجهو
ننڍي کنڊ جي عظيم افسانه نگار جو شاهڪار ناٽڪ
ڪرشن چندر/ ھمير گاد
هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ جي ڀرسان ڪتاب پڙھي رهيو هيس-هلڪي بوند باري ٿي رهي هئي، تيز هوا سان گڏ موسم خوشگوار هئي-مان پنهنجي خيالن ۾ گم لڳو پيو هيم-يڪدم بجليءَ جو هڪ زوردار آواز ٿيو ۽ تيز هوا سان دروازو کُلي ويو- ڇا ٿو ڏسان ته...
هڪ نوجوان مرد ۽ هڪ نوجوان عورت ٻئي پاڻيءَ ۾ ڀِڳل ڪمري ۾ اچن ٿا- ڪمري ۾ اوندھ لڳي پئي آ، آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو چهرو نظر نه ٿو اچي.


رانجهو: “هير! شڪر آ هن ڪمري جو دروازو کليل هو نه ته هن مينهن ۾ وڌيڪ آلا ٿي وڃون ها.“
هير: “هي ڪنهن جو ڪمرو آھي رانجها.؟“
رانجهو:“ڪنهن جو به هجي هير! پنهنجو ڇا وڃي، ٿورو وقت ترسي مينهن بند ٿئي ته هليا وينداسين.“
هير: “ڪٿي“.؟
رانجهو:“ اُتي فوٽ پاٿ تي.“
هير: “رانجها! مان ان جي ڪري توکي چوندي هيس پنهنجو ڳوٺ ڇڏي شھر نه هل.“
رانجهو:“ منهنجي ڳوٺ ۾ سڀ منهنجا دشمن آھن،ڪوئي مون کي ڪونه ٿو ڀانئي سواءِ تنهنجي.
اُتي جيڪڏھن اسين رهون ها ته اسان جي محبت ڪڏھن به زنده نه رهي ها.“
هير:“ ليڪن اُتي ٻن وقتن جي ماني ته ملي پئي لَسيءَ سان ڀريل گلاس، مکڻ، ساڳ ۽ کليل فضا.
تون جڏھن جوڳي ٿي منهنجي قريب ايندو هئي ته منهنجي دل جي هر خاني ۾ رنگين پوپٽ اُڏندا هئا.“
رانجهو:“ ۽ اڄ پيٽ ۾ ڪوئا ٿا ڊوڙن.(کلندي) سچ مچ هير لَسي پيتي هڪ عرصو ٿي ويو آھي، ساڳ کائيندي سال ٿي ويا آھن ۽ مکڻ يعني مسڪو ته هتي صرف خوشامد ۾ لڳايو ويندو آ.
هير:“ هتي اوندھ گهڻي آ رانجها!“
رانجهو:“ ڏسان ٿو بتي بجلي ڪٿي هوندي.
(سوئچ آن ڪندي) روشني ٿي وئي.“
هير:“ هيءَ بجلي به عجيب شيءِ آھي رانجها! بٽڻ هلاءِ ته روشني ٿي ٿي وڃي.اسان جي زماني ۾ بجلي نه هئي.“
رانجهو:“ ليڪن اسان جي زماني ۾ بٽڻ دٻائڻ جي ضرورت به نه پوندي هئي.
اسان هڪ لمحي ۾ تنهنجي روشن چهري سان دل ۾ روشني ڪندا هئاسين.
پوءِ ان روشنيءَ تي ڪوئي ٽيڪس به نه ڏيڻو پوندو هو.“
هير:“ رانجها! مون کي بک لڳي آھي.“
رانجهو:“ ٽن ڏينهن کان مون به ڪجھ ناهي کاڌو.
گذريل ٽن ڏينهن کان ائين مينهن وسڻ جي ڪري ڪنهن ڪم تي به نه ٿو وڃي سگهان. مينهن جي ڪري بلڊنگ ٺاهڻ جو ڪم بند آھي، پهريان سِرون کڻڻ جي مزوري ته ملندي هئي هاڻي اها به بند آھي.“
هير:“ غريب ماڻھو مينهن ۾ ڇا ڪندا هوندا.؟“
رانجهو:“ اسان وانگر مينهن ۾ ڀڳل هوندا.“
هير:“ ڏاڍي مصيبت آ رانجها!“
رانجهو: مصيبت ته آھي پر همت ڪبي ته وڏي کان وڏي مصيبت به ٽري ويندي.
اڙي ها... مون کان ته پڇڻ ئي وسري ويو تون ان فلم ڪمپني ۾ وئي هئين.؟
هير: “ڪهڙي فلم ڪمپني.؟“
رانجهو: “اها ئي جتي رانجهي جي فلم ٺھي رهي آ، يعني پنهنجي محبت جي ڪهاڻي.؟“
هير: “ها وئي هيم.“
رانجهو: “ڊائريڪٽر سان ملينءَ.“
هير: “ ها ملي هيم.“
رانجهو: “ پوءِ....؟“
هير: “ هو ته بلڪل عجيب ماڻھو لڳو، اُتي ته سڀ جا سڀ عجيب ماڻھو ويٺا هئا.
مان جيئن ئي اندر داخل ٿيس مون کي سڀ غور سان ڏسي رهيا هئا .“
ڊائريڪٽر مون کان پڇيو:
(يڪدم هير ڦري اچي وچ واري پردي جي طرف وڃڻ لڳي ٿي.پردي جي ويجهو پهچي ئي پردو کُلي وڃي ٿو.سامهون فلم ڪمپنيءَ جو دفتر نظر اچي رهيو آھي.ڇھ ست ماڻھو ڀڳل ڪپن ۾ چانھ پي رهيا آھن، وچ واري ميز تي هڪ فلم ڊائريڪٽر جيڪو پراڻي دور جوپاجامو ۽ ڦڪي رنگ جي شرٽ پائي ويٺو آھي.
ڏسڻ ۾ ھو فلم ڊائريڪٽر گهٽ ۽ دارا سنگھ پهلوان جو اسسٽنٽ وڌيڪ پيو لڳي.)
فلم ڊائريڪٽر: صاحب کي هڪ سنگل چانهن ڏي( ٻئي ماڻھوءَ کي)
ها شرما! اڄ فنانسر وٽ وڃڻو آهي، ان نالائق اڄ ڏيڍ لک روپيا ڏيڻ جو وعدو جو ڪيو آ.
هن چانهن واري کي پئسا ته ڏي.
(اهو ماڻھو چانهن واري کي پئسا ڏي ٿو.)
چانهن وارو: (ڏسي) “ مگر هي سڪو ته جعلي آھي.
ڊائريڪٽر: “ ڪا ڳالھ ناهي، سڀاڻي وٺجان..ها شرما! فلم جي نيگيٽو جو ڇا ٿيو.؟“
شرما: “سڀاڻي بندوبست ٿي ويندو.
(ڊائريڪٽر ميز جي سامهون بيٺل هير کي ڏسي ان سان مخاطب ٿئي ٿو.)
ڊائريڪٽر: “ڪهڙو ڪم آ توکي.؟“
هير: “ ڦٽاڪو فلم ڪمپنيءَ جو دفتر هي آھي.؟ “
ڊائريڪٽر: “ها، ها هي آھي پوءِ.؟“
هير: “ٻڌو آھي ته اوهان هير رانجهو فلم ٺاهي رهيا آھيو.؟“
ڊائريڪٽر: “ ها ها ٺاهي رهيا آھيون، پوءِ.؟“
هير: “ مان ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ آئي آھيان.“
ڊائريڪٽر: “ توکي ڪم ڪهڙو ايندو آھي.؟ ڪڏھن ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪيو اٿئي.؟“
هير:“ نه.“
ڊائريڪٽر: “توکي نچڻ ايندو آھي.؟“
هير:“ نه، ليڪن نچڻ جي ڪهڙي ضرورت آھي.؟ هير ته نه نچندي هئي.“
ڊائريڪٽر:“ توکي ڪهڙي خبر ته نه نچندي هئي. اسان جي فلم ۾ ته هوءَ نچي ٿي.
ڪٿڪ، رمبا سمبها، سڀني تي نچي ٿي.“
هير:“ ان زماني ۾ ته رمبا سمبها نه هيو.“
ڊائريڪٽر: “ توکي ڪهڙي خبر؟ اسان جو رائيٽر ڇا گڏھ آ پوءِ؟
ان ڏھ ڪتاب ڏسي ڪري ڪهاڻي لکي آ.
اڇا ان ڳالھ کي ڇڏ، اسان توسان بحث ڪونه ڪنداسين. توکي هن فلم ۾ ڪم ڪرڻو آھي، اسان توکي هن فلم ۾ ھير جي ماءُ جو رول ڏينداسين.ٻڌاءِ منظور آ.؟“
هير:“ ھير جي ماءُ؟ مگر مان.....مان هير جي ماءُ جو رول ڪيئن ٿي ڪري سگهان.؟“
ڊائريڪٽر: “ ڇو.؟“
هير: “ ڇاڪاڻ جو مان پاڻ ھير آھيان.“
ڊائريڪٽر: “ هير- ها ها ها او قاسم ڀاءَ، منوج، محمود خان هي ڏسو هير پاڻ اسان جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ آئي آھي. اڙي هن جي صحت ته ڏسو، شڪل ڏسو، رنگ روپ ڏسو هي هير آ! ھير......“
(ٽھڪ)
هير: “ ها ڊائريڪٽر صاحب! سچ ۾ مان هير آھيان هير.
واث شاھ جي هير، پنج دريائن جي سرزمين جي هير، محبت ۽ حسن جي لازوال گيتن جي حسين تعبير.“
ڊائريڪٽر ۽ ان جا ٻيا دوست وڏا ٽھڪ ڏئي کلن ٿا.هير جي اکين ۾ ڳورها اچي وڃن ٿا ۽ ھوءَ ڳوڙھن واري اکين سان خاموشيءَ سان رانجهي جي طرف ڏسي ٿي.
رانجهو: (غمزده ٿي) “ اهي ماڻھو تنهنجي حسن کي نه ٿا ڏسي سگهن، هير جي حسن کي صرف ڪوئي رانجهو ئي ڏسي سگهي ٿو.“
( هير روئي ٿي، رانجهو ان جي قريب وڃي ٿو.)
رانجهو: “ اهي ماڻھو محبت ڪرڻ وارا ناهن...بس تون پنهنجا ڳوڙھا اُگهي ڇڏ.“
هير: “ سچ ٿي چوان رانجها ! مون کي تمام گهڻي بک لڳي آھي، هاڻي صبر نه ٿو ٿئي..هتي ته رڳو ڪاغذ ئي ڪاغذ آھن.لڳي ٿو ڪوئي بکيو وڪيل آھي.“
(ڪنهن شيءِ کي ڳولڻ جو آواز)
رانجهو: “ ملي ويو! آخر ڪجھ کائڻ لاءِ ملي ويو.“
هير: “ڇا آھي.؟“
رانجهو: “ڊبل روٽي.“
هير: “ مون کي ڏي“
رانجهو: “ هير! ٿورو ترس!“
هير: “ جلدي ڏي مون کي“ ( ڊبل روٽيءَ جي طرف هٿ وڌائي ٿي)
رانجهو: “ ترس هير، ٿورو سوچڻ ڏي.تون ته ڄاڻي ٿي ته اسان هتي صرف برسات کان پناھ جي لاءِ آيا آھيون.“
هير: “ ها! ليڪن هيءَ ڊبل روٽي؟ “
(ڊبل روٽيءَ جي طرف بي قراريءَ ۾ اڳتي وڌي ٿي. رانجهو پوئتي هٽي وڃي ٿو.)
هير: “ ليڪن هيءَ ڊبل روٽي جلدي ڏي، مان گذريل ٽن ڏينهن کان بک تي آھيان.“
رانجهو: “ ليڪن اها چوري هوندي هير! اگر اسان هيءَ ڊبل روٽي کائينداسين ته اها چوري هوندي.“
هير:“ ليڪن مون کي تيز بک لڳي آھي رانجها.! “
رانجهو: “ توکي منهنجي محبت جو قسم هير، هيءَ ڊبل روٽي نه کاءُ.“
هير: “ مان هاڻي ڪابه قسم نه کائيندم رانجها! مان ته صرف ڊبل روٽي کائيندم، جلدي اها مون کي ڏي.“
(هير اڳتي وڌي ڊبل روٽي ڦري ٿي)
رانجهو:“ نه نه هير! ڏس هو سامهون اسان ٻنهي جي تصوير لڳل آھي، ڪوئي سٺو ماڻھو ٿو لڳي.اڄ هن بک، بيروزگاري ۽ خود غرضيءَ واري زماني ۾ به ان اسان جي تصوير لڳائي آھي ڏس هي ماڻھو ڪيڏي اسان جي عزت ٿو ڪري اسان سان محبت ٿو ڪري.
هن جي گهر ۾ چوري ڪريون.؟
ڏي مون کي ڊبل روٽي واپس ڪر.مان ان کي انهيءَ جڳھ تي رکان جتان اها کنئي هئي.
( هير ڪڏھن ڊبل روٽيءَ کي ته ڪڏھن ڀت تي ٽنگيل تصوير کي ڏسي ٿي، ڊبل روٽي رانجهي کي واپس ٿي ڪري، رانجهو ميز جو خانو کولي ان کي اتي رکي ٿو.هير روئي ٿي.)
رانجهو: “ نه روءُ هير، منهنجي هير! هيءَ برسات گهٽ ٿيندي پوءِ مون کي ڪٿي نه ڪٿي ڪم ملي ويندو، پوءِ اسان ٻئي پيٽ ڀري کائينداسين.“
(برسات ۽ طوفان سان گڏ در ۽ درين جي کڙڪڻ جو آواز ٻاهران اچي ٿو.)
هير: “ هيءَ برسات ڪڏھن گهٽ نه ٿيندي، هي طوفان ڪڏھن ختم نه ٿيندو اسان هميشه بکيا رهنداسين.“
رانجهو:“ نه! هيءَ برسات هڪ ڏينهن گهٽ ٿيندي، هڪ ڏينهن هي طوفان به ختم ٿيندو ۽ هي بادل واپس هليا ويندا ۽ سج جي روشني سڄي زمين جا سڀ ڳوڙھا جذب ڪندي ۽ ان ڏينهن ڪوئي به بکيو نه رهندو.
ڪوئي ڊبل روٽي نه چورائيندو، ان ڏينهن سموريون محبتون مڪمل ٿي وينديون.“
(ٻئي ڄڻا دروازي جي طرف وڃڻ لڳن ٿا، روشنيءَ جو هڪ شعاع ڇڄھري مان نڪري ڀت تي لڳل هير رانجهي جي تصوير تي پوي ٿو.)
(پردو ڪري ٿو)
(ماهوار هزار داستان جون 2019ع)

No comments:

Post a Comment