Monday, June 24, 2019

پراڻي آکاڻي نئين نه ٿيڻ گھرجي - ماڪن شاھ رضوي


پراڻي آکاڻي نئين نه ٿيڻ گھرجي
ماڪن شاھ رضوي
چون ٿا ته ڪنهن شهر ۾ چار دوست رهندا هئا، حال مسڪيني هو، فاقا گهر ڪري ويا هئا. نيٺ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته هجرت ڪجي، ڪنهن ٻئي ڀيڻي هلجي، متان بخت وارو ڏي، ۽ پيٽ جو ڪو بلو ٿئي، سو نيٺ نڪري پيا. هلندي پڇائيندي خبر پين ته هڪ اهڙو ملڪ به آهي، جتي نه پڇا نه ڳاڇا، جيڪو آيو، سو اگهيو. هر طرح جو مال متاع، اناج جا کوڙ، ٻاراهي ويٺو کاءُ... اهو ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا. وري اها به خبر پين ته بلي هن لاوارث ملڪ جو درياءُ به پنهنجو، سمنڊ به پنهنجو، واري وڇاڻا، دنيا جهان جي هر شيءِ پنهنجي، بس رڳو ڌڻي ڪونهي جو سار سنڀال لهي، ڪو سنڀالو ڪري. نه انصاف آهي، نه داد فرياد آهي، سو همراهه ڏاڍا خوش ٿيا. سردي گرمي جو فڪر ڪو نه هئن. هڪ سُٿري جاءِ ڏسي رات گذارڻ لاءِ اچي پاٿاري جوڙيائون. هڪ کي چيائون ته وڃي درياءَ تان پاڻي ڀري آءُ، ٻئي کي حڪم ٿيو ته جهنگ مان ڪاٺيون ميڙي آءُ ته مچڙو مچايون، ٽئين کي چيائون ته سامهون شهر پيو ڏسجي، ان مان ڪو اٽو ٻاٽ پني آءُ ته پيٽ کي اڳڙي هڻون. باقي چوٿون پاٿاري سنڀاري ويهي، متان ڪو ڦاٽل کٿو به نه کڻي وڃي. سو سڀ ڪرت کي لڳي ويا. قدرت خدا جي ته جيڪو همراهه پاڻي ڀرڻ ويو، دل ۾ چيائين، وهجندي ورهيه ٿيا، هيڏو درياءُ پيو وهي، پهرين ٻه ٽٻيون هڻي مٽي ۽ گر لاهيان، پوءِ ٿو پاڻي ڀريان. سو ڍريو درياءَ ۾ ته ڪو واڳون اڳ تاڙيون ويٺو هئس. گراهه ئي هڪڙو ڪيائينس. وري جيڪو همراهه ڪاٺين لاءِ ويو هو، سو بکايل شينهن جي ور چڙهي ويو. رهيا باقي  هڏا، پر جيڪو عجب جهڙو همراهه شهر گدائي لاءِ ويو هو، ان کي وري اتي جا بتال قسم جا ماڻهو ڦري آيا، نه هن جي ٺوڙهه ڏٺائون، نه ڪياڙيءَ جا وار، نه ٿُلها ڪُلها، هڪدم فيصلو ڪيائون ته هيءُ ملڪ بادشاهه کان سواءِ ورهين کان پيو هلي، جيڪو چار ڏينهن ٿو اچي، سو جهول ٽڪن جو ڀريو، ٻئي ملڪ وڃو موجون ڪري، هاڻي تون خدا ڏياريو آهين، اڄ کان هتي جو بادشاهه آهين، هلي تخت تي ويهي موجون ڪر. مڙس بک ۾ اڳ ئي پاهه پئي ٿيو، سو نوان ويس وڳا پائي ٿيو تخت ڌڻي، پنجن ستن بچيل وارن کي ڏنئين ڦڻي، تيسين، ڪيئي کاڌ خوراڪون پلاءُ، پلا، سيرا، سيون مال مڙئي سرس اچي مڙيو. کائي کائي، ڇا کائي.


هوڏانهن جيڪو يار پاٿاري جي سنڀال لاءِ ڇڏيو هئائون، ان ويچاريو ته همراهن جي خبر وٺان ڏاڍي دير ٿي آهي، سو پهرين ويو درياءَ تي، همراهه جا ڪپڙا ۽ گهڙو ڏسي پڪ ٿيس، مڙس ويو مڇي جي پيٽ ۾- وري جهنگ ۾ هڏا ۽ رت ڏسي سمجهي ويو ته همراهه شينهن جي خوراڪ ٿي ويو. هاڻي پڇاڙي جو شهر ڏي ويل يار جي خبر وٺڻ نڪتو، ان ويل نئين بادشاهه کي نوڪر اچي ٻڌايو ته قبلا هڪ بيحال ڍري چال هيڻا حال کڻي هڪ همراهه آيو آهي، ملڻ ٿو چاهي؟ بادشاهي ته ڪهڙي بيپرواهي، حڪم ڪيائين ته اهڙا غريب غربا ان لائق ناهن، ڏسين نٿو پيو ته بادشاهيءَ جا مزا ماڻيان پيو، ان نانگي کي هڻو جيل ۾- بس حڪم جي دير هئي، مڙس بڪتر بند گاڏي ۾ کڄي وڃي بندي خاني ڀيڙو ٿيو. سڙيل مانيون ۽ پاڻي جهڙي دال اڳ ئي اوسيئڙي ۾ هيون. بس ڪري ته ڇا ڪري؟ گهڻئي بهانا ڪيائين بيمار آهيان، ڪنهن اسپتال ڀيڙو ڪريوم. سپاهين وراڻيس؛ چريا چپ ڪري اها ڇڊي دال ۽ پاروٿين مانين جو مزو وٺ، باقي هتي جون اسپتالون، ماکي ۽ زيتون جو تيل ڪتب آڻين ٿيون، ان ڪري اسپتالن جا مالڪ ٻاهرين ملڪن مان دوا دارون ڪرائيندا آهن. تون ٻئي هٿ پيٽ تي رکي جيل جي ٿڌي فرش تي سمهي پئو.
رات گذري ڏينهن ٿيو، قيدي سوچيو؛ منهنجو يار بادشاهه ٿيو آهي، ۽ بادشاهن کي ويسر جو مرض سرس هوندو آهي، ان ڪري کيس ڪا اهڙي نشاني موڪليان جو ياد اچيس، پوءِ من ڪا پوئواري ڪري. اهو سوچي هن کٿل رومال تي اڱارن جي مس ۽ ڪانگ جي کنڀ سان هڪڙو پيغام لکيو ۽ جيل جي سپاهي کي پنهنجو قديم زماني جو مفلر ان شرط سان تحفو ڪري پيش ڪيو ته ڌوئڻ سان اڇو اجرو ٿي پوندو. سپاهيءَ کي ”ڪرپشن“ جو جيتوڻيڪ ڊپ ضرور هو، پر ورهين کان پوءِ رشوت ڏسي وات پاڻي ٿي پيس. سو مفلر ور ۾ هڻي رومال کڻي روانو ٿيو. رومال اڃا بادشاهه تائين پهتو ئي پهتو، ان کان اڳ بادشاهه سلامت سوٽ بوٽ پائي اڏام کٽولڙي تي چڙهي هڪڙي ٻي ملڪ ۾ شادي جي دعوت تي روانو ٿي ويو، جتي ڪيئي مال ميزن تي پيا هجن، حلوا، سيرا، پلاءَ، بريانيون، پڪل رانون، تريل تتر، حليم، سمبوسا، سوادي سايون ڳاڙهيون بوتلون... بادشاهه جو وات گودو ٿي ويو. اڃا تريل مڇي ڏي ڊوڙ ڪيائين مس ته ڪي ظالم اڳ تڪيو بيٺا هجن، بس دير ئي ڪا نه ڪيائون، واري ڪالر مان جهلي کڻي دسيائونس، بادشاهه جي رڙ پئي پوي ”آئون نڌڻڪي ملڪ جو بادشاهه آهيان.“ اصل گهل گهلان هجي، ڪاڄ ۾ يار دوست به هئا، ڪي چڻا پيا کائن، ڪي مٺي مال تي ڪريا پيا هجن، ڇڏائڻ لاءِ ڪو ڪو نه وريو. هٿ وجهڻ ڇڏائڻ بدران ڏند کوٽيندي صلاحون ڪيائون ته، ڌرڻا هڻبا، دانهون ڪوڪون ڪبيون پر بادشاهه کي اڪيلو ڪو نه ڇڏبو. اڃا صلاحون هليون پئي ته بادشاهه کي گاڏي ۾ کڻي ٿيا روانا.
بندي خاني واري همراهه جو لکيل رومال امانت باسلامت واپس اچي قيدي کي مليو، قيدي قسمت تي ڳوڙها ڳاڙي وري لکيو:
هجي شاهه يا گدا، تڪبر ٿو مارائي،
وڏو وس ان جو، جو ٺاهي ڦٽائي،
ڪريو روز زاري، سِر کي سجدو نمائي،
اڙي بادشاهه، ڊڄو ان کان جو مال آهي.
هيڏانهن ڌرڻا لڳا، ڪيترا همراهه انهي ۾ ٽهڪ ڏيئي کلندي ڏٺاسين. پراڻي آکاڻي نئين نه ٿيڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment