Friday, June 7, 2019

هڪ بشنيءَ کي آيل توائي - قاسم ڪيهر


هڪ بشنيءَ کي آيل توائي
قاسم ڪيهر
اچو ته اڄ مان توهان کي هڪ عجيب وڌيڪ ۽ غريب گهٽ، گول مول قصو ٿو ٻڌايان.
ٿيو هيئن جو هڪ هٿ ۾ صفائي ڏيکاري، ماڻهن جا کيسا صاف ڪندڙ عُرفِ عام ۾ هڪ بشنيءَ هڪ دوڪان کوليو ۽ دوڪان جي ٻاهران، هڪ وڏو سائن بورڊ لڳائي ڇڏيو. جنهن تي لکيل هيو؛ ”هتي تازي مڇي وڪرو ڪئي ويندي آهي.“
هڪ گراهڪ، دوڪاندار جو ڌيان ڇڪائيندي کيس چيو؛ ”هِن بازار ۾ ڇا صرف تنهنجي ئي مڇي کپندي آهي؟ انڪري تنهنجي ٻاهرين بورڊ تي”هتي“ لفظ لکڻ جي ڪا تُڪ نظر نٿي اچي.“


دوڪاندار ويچاري گراهڪ جي ڳالهه ۾ وزن محسوس ڪندي، سائن بورڊ تان ”هتي“ لفظ ڊاهي ڇڏيو.
هاڻي سائن بورد تي لکيل رهجي ويو؛ ”تازي مڇي وڪرو ڪئي ويندي آهي.“
ائين ڪندي ڪنهن ڏينهن تي ڪو ٻيو اهڙو گراهڪ دوڪان تي آيو ۽ دوڪاندار کي چيائين؛ ”ڇا توهان رکيل ۽ پاروٿي مڇي وڪرو ڪندا آهيو؟“
دوڪاندار جواب ڏنس؛ ”بلڪل نه“.
جنهن تي گراهڪ چيس؛ ”پوءِ تو واري بورڊ تي ”تازي“ لکڻ جو ڇا مقصد آهي؟ ظاهر آهي مڇي تازي هوندي ته ماڻهو خريد ڪندا. تنهن ڪري “تازي” لکڻ ته بلڪل فضول آهي.“
دوڪاندار ان گراهڪ جي ڳالهه کي معقول سمجهندي، سائن بورڊ تان ”تازي“ لفظ به ڊهرائي ڇڏيو. هاڻي سائن بورڊ تي صرف لکيل رهجي ويو؛ ”مڇي وڪرو ڪئي ويندي آهي“.
دوڪان ڪجهه ڏينهن ايئن ئي هليو پئي ته هڪ ڏينهن هڪ ٻيو گراهڪ آيو، جنهن بورڊ پڙهندي ئي دوڪاندار کي چيو؛ ”هيڏي....! او ادا....! ڳالهه ته ٻُڌ... هِي تنهنجو دوڪان ڪا کڏ يا تلاءُ ته ناهي يا وري ڪو واهه يا درياهه ته ناهي... جو ماڻهو مُفت ۾ مڇي ماري هليا ويندا؟ بابا هِي تنهنجو دوڪان آهي ۽ دوڪان تي هر ڪا شيءِ وڪامندي آهي. مُفت ته ڪا شيءِ ڪو نه ڏني ويندي آهي. سو اِهو ”وڪري جو لفظ، تو پنهنجي بورڊ تي اجايو لکيو آهي..“
دوڪاندار ويچارو، دٻڙاٽ ٽائيپ مشوري تي، گهٻرائجي ويو ۽ ”وڪري جو لفظ به پنهنجي سائن بورڊ تان ڊهرائي ڇڏيائين. ھاڻي بورڊ تي باقي رهجي ويو ”مڇي هوندي آهي.“
ايئن ئي ”مڇي هوندي آهي“ جي بورڊ سان دوڪان هلندو رهيو.
هڪ ڏينهن هڪ دانشور ٽائيپ گراهڪ دوڪان تي چڙهي آيو ۽ دوڪاندار کي چيائين؛ ”ڀائو! مڇي لفظ مؤنث آهي ۽ اها سڀ ڪنهن کي خبر آهي. ان ڪري ”هوندي آهي“ لکڻ سان، هر ايندڙ گراهڪ جي ذهن ۾ تنهنجي گهٽ پڙهيل يا اصل ڄَٽ هجڻ جو تاثر ٿو اُڀري... سو سٺو اهو اٿئي ته اهو ”هوندي آهي“ ڊهرائي ڇڏ ته بهتر...“
دوڪاندار ائين ئي ڪيو. هاڻي بورڊ تي صرف لکيل رهجي ويو؛ ”مڇي.
ڪنهن صفا نڀاڳي مَوڙيءَ واري ڏينهن تي، وري ڪو اهڙو گراهڪ آيو، جنھن اچڻ سان نرڙ تان پگهر اگهندي، دوڪاندار کي چيو؛ ”ادا ڏي ته خبر؟ هي ڪوهن تان، تنهنجي دوڪان ڏي ايندي مڇيءَ جي بُوءِ مان خبر پئجي ٿي وڃي ته اتي مڇي پئي آهي. پوءِ تو اجايو بورڊ تي ”مڇي لکي رکيو آهي... ڇا ڀلا ان جو اڃا ڪو خاص سبب آهي ڇا؟...
دوڪاندار به مَوڙيءَ جي توائيءَ ۾ ويٺو هو. سو باهه ۾ اچي، بورڊ لاهي، ان کي بلڪل صاف ڪري، مٿان لکي ڇڏيائين؛ ”سينسر بورڊ...
ان ڏينهن هُو تڪڙ ۾ دوڪان بند ڪري هليو ويو ۽ سوچيائين ته وري سڀاڻي جو معاملو سڀاڻي ڏسنداسين.
جيئن ئي ٻيو ڏينهن ٿيو ۽ هن دوڪان کوليو ته هن جي بورڊ تي هُن جو فون نمبر لکيل هيو. ٻئي ڏينهن تي هن جي فون تي ڌڙاڌڙ فونون اچڻ لڳيون؛ ”سينسر بورڊ وارن فلم پروڊيوسرن جي سهولت لاءِ مڇي مارڪيٽ ۾ پنهنجي آفيس کولي آهي ڇا؟
دوڪاندار صفا باهه ٿي ويو ۽ بورڊ لاهي، ان تي صرف مڇيءَ صاف ڪرڻ ۽ وڍڻ ٽُڪڻ وارن اوزارن جون شڪليون ٺاهي ڇڏيائين. دل ۾ چيائين ته؛ هاڻي هو گراهڪن جي ٽوڪ کان بچي پوندو ۽ سڪون سان ويهي مڇي کپائيندو.
جيئن ئي ٻيو ڏينهن ٿيو ته دوڪان ۾ مريضن اچڻ شروع ڪيو. ان خيال سان ته شايد ڪنهن سرڪاري اسپتال جي سرجن بازار ۾ ڪا پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ کولي آهي ۽ مريضن جا تڪڙا آپريشن ڪندو. اهڙي حالت ۾ دوڪاندار مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو ته آخر هو بورڊ تي لکي ته ڇا لکي؟ سوچيندي سوچيندي هن کي خيال آيو ۽ پنهنجي سائن بورڊ تي لکي ڇڏيائين؛ ”پاڪستان زنده باد.“
اهڙيءَ طرح ڪجهه عرصو هن جو سُڪون سان گذريو. پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن ڏٺو ته بورڊ تي ”پاڪستان زنده باد” جي هيٺان ڪنهن لکي ڇڏيو هيو؛ ”جيڪڏهن مونکي موقعو ڏنو وڃي ته مان پاڪستان جو هر مسئلو حل ڪري سگهان ٿو.“ (هڪ سياسي ليڊر بقلم خود)
ان کان ٻئي ڏينهن تي ان جملي جي هيٺيان لکيل هيو؛ ”پهريان ڪشمير جو مسئلو ته حل ڪري ڏيکاريو.“ (هڪ سياسي ليڊر فلاڻي فلاڻي پارٽي).
جنهن کانپوءِ ٽئين ڏينهن تي بورڊ تي ڪنهن لکي ڇڏيو؛ ”سياسي بازيگرن کان هوشيار.“
اهڙيءَ طرح هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. روز روز سائن بورڊ تي قسمين قسمين عبارتون لکيل نظر اچڻ لڳيون. قصو ڪوتاهه. اهڙيءَ طرح مڇيءَ واري جو دوڪان هلندي هلندي بلڪل مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. الائي ڪٿان ڪٿان ماڻهو سيڙجي اچي هن جي دوڪان جي سامهون بيهي، بورڊ تي لکيل نوان نوان جملا پڙهي، محظوظ ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ماڻهن جا هجوم، جمع ٿيڻ جون خبرون ٻڌي، پري اوري جا هلڪا ڦلڪا ريزڪي سياستدان به بورڊ جي سامهون بيهي جوشيليون تقريرون ڪرڻ لڳا.
آخر ٿيو ائين جو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ماڻهن جو اچڻ بند ٿي ويو.
خبر پئي ته هر تقرير ٻڌڻ کانپوءِ، جڏهن ماڻهو گهر پئي موٽيا ته هنن جي قميصن جا کيسا، ڏاڍي صفائي سان خالي ٿيل هيا.

No comments:

Post a Comment