Thursday, June 27, 2019

محبوب ڏنو - امر لغاري


محبوب ڏنو
ڪهاڻي
امر لغاري
No photo description available.محبوب ڏنو ڇا ڄائو، ڄڻ ته لطف عليءَ جي گهر ۾ خوشيءَ جو طوفان اچي ويو. سڄو ڳوٺ اُٿلي پيو هو. پري پري کان ماڻهو اچڻ لڳا هــُـئا. ڳالهه هوائن ۾ ايئن هـُلي وئي هــُئي، ڄڻ ته ڪا اڻ-ٿيڻي ٿي پيئي هئي. مايون هيون، جي ماڪوڙن جيئن مڙي پيون هيون. وات وات ۾ ڳالهه هــُئي. تعريف جا بند ڀڄي پيا هـُـئا. بي بي سانئڻ جي ڪرامت، محبوب ڏني جو رُوپ ورتو هو.


ڳوٺ جو اِهو پهريون ٻار هو، جنهن جون مبارڪون رڳو ماءُ کي پئي مليون. ڪو به اِهڙو ماڻهو نه هو، جو لطف عليءَ کي اِهو چئي ها؛ ”ابا، مبارڪون هـــُجنئي، الله گابو ڏنو اٿئي!“ اُلٽو سڀني چيس ٿي؛ ”بي بي سانئڻ ته ڪمال ڪري ڏيکاريو آ. الله الله، اَصــُل نشانين سوڌو ڏنو اٿس!“
اِن سڄي ميلي مــُچي مان لطف عليءَ کي ڀڄي جند ڇڏائڻي پيئي. زندگيءَ ۾ شايد هــُن پهريون ڀيرو اهڙو فيصلو ڪيو.
جڏهن ڳوٺ ۾ توڙي آس پاس، محبوب ڏني جي نالي تي آيل طــُوفان ۾ ٺاپــُر آئي، ته هو ٻيهر گهر موٽي آيو. هو بيحد مسڪين ۽ نرم مزاج ماڻهو هو. ڪڏهن به زالن ۽ زيارتن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڏيندو ھو. سهڻي سائين جي زيارت هجي، يا بي بي سانئڻ جو سڏ، هــُن ڪڏهن به جوءِ جي پيرن ۾ سنگهر نه وڌي هـُئي.
گهر موٽي اچڻ کانپوءِ، هــُن جي دل فقط هڪ حجت ڪئي ته هو هڪ ڀيرو محبوب ڏني کي غور سان ڏسي وٺي. هــُن جي زال جي پيٽ مان نڪتل ٻار، هــُن کي خبر نه هــُئي ته ڪو هــُن لاءِ بم-گولو بنجي ايندو!
”هي سڀڪجهه ڇا هو؟“ هــُن محبوب ڏني جي ماءُ کان پڇيو.
”ماڻهو هــُئا، ٻيو ڇا هو؟“ جوڻس ٿورو ٿورو رعب ويهاريندي چيس.
”ڇا ٿي چيائون؟“
”چيائون ٿي ته؛ ھوبھو تو تي ويو آ!“
لطف علي ڇرڪ ڀريو. اکيون ڦوٽاريندي پڇيائين؛ ”مون تي؟“
”نه نه! مون تي!“ جوڻس وراڻيو.
”چڱو ٿيو جو تو تي ويو آ!“ لطف علي سک جو ساهه کڻندي چيو؛ ”ٻيو ته ڪجهه ڪو نه پڇيائون نه؟“
”نه نه. ٻيو ڪجهه ڪو نه پڇيائون.“
لطف علي ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويو. هــُن جون اکيون محبوب ڏني جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ لڳيون.
”هــُنن ڪجهه به ڪو نه پڇيو؟ منهنجو به ڪو نه پڇيائون؟“ لطف عليءَ جي اندر ۾ هڪ ڇيت رهجي وئي هــُئي، جا سوچن جي وهڪرن ۾ ولوڙجي ولوڙجي کيس چــُڀڻ لڳي هــُئي.
”تون ائين ڇو ٿو پڇين، لطف علي؟“ زليخا هــُن جي ويجهو آئي ۽ هــُن جي اکين ۾ گهـُور وجهي ڏسڻ لڳي.
”بس، ايئن ئي. گهڻيون زائفائون ڏسي شايد وهم ٿي پيو هوم.“ لطف علي مٿو کنهيندي چوڻ لڳو؛ ”زليخا! ڇا سڀني وٽ ٻار ڄمڻ تي ايترا ڏينهن ماڻهو ايندا آهن، جيترا ڏينهن پاڻ وٽ آيا آهن! پورا ڏهه ڏينهن؟“
”نه لطف علي! نه. پاڻ وٽ ڀلا ڏهن سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو رب جي رحمت ڦيرو ڪيو آهي، ان ڪري.“
”الله ڪري، ايئن هجي!“ لطف عليءَ جي واتان پاڻمرادو نڪتو.
هو ٿڌو ساهه ڀري، هيٺ تڏيءَ تي ويهي رهيو. پنهنجي ئي گهر ۾ الائي ڇو اجنبين جيئن پئي لڳو.
زليخا پڇيس؛ ”ماني کائيندين؟“
”الائي!“ لطف علي ڄڻ ته غفائن مان اونائيندي وراڻيو.
”الائي؟“ زليخا سندس ڪلهي تي هٿ رکندي، کيس ڌونڌاڙيندي پڇيو؛ ”ڇا ٿو چئين! لطف علي؟ تو کي هاڻ ماني به وسري وئي آهي؟ ڇا ٿيو آهي تو کي؟“
”خبر ناهي، زليخا!“ لطف علي، هڪ ٻيو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيائين؛ ”ڀانيان ٿو ماڻهو بيبي سانئڻ جي ڏنل نشانيءَ مان خوش ناهن.“
”الله خير ڪري! تون اھڙيون وايون ڇو پيو ڪڍين؟“ زليخا، لطف عليءَ جي وائڙين ڳالهين تي پريشان ٿي اُٿي؛ ”ماڻهو بي بي سانئڻ جون ڏنل نشانيون ئي ته ڏسڻ آيا هـُئا، جيڪي هـُن تعويذ ڏيڻ وقت ٻڌايون هــُيون.“
لطف علي جو تجسس وڌي ويو.
”پوءِ ڏٺئون، اُهي نشانيون؟“
”هائو. سڀئي.“
”سڀئي نشانيون، بي بي سانئڻ واريون اٿس؟“
”هائو، سڀئي. هوبهو بي بيءَ تي ويو آهي.“ لطف عليءَ تي ڄڻ ته گرم ٽامو ڪري پيو. ”بي بي سانئڻ بي اولادن کي پاڻ سان گڏ سمهاريندي آهي.“ پوءِ سندس ڪــَن ۾ ســُس ڦــُس ڪندي چيائين؛ ”ڳالهه ڪرڻ جهڙي ته ڪونهي، لطف علي، پر تو کي يقين نه ٿو اچي نه ان ڪري ٿي ٻڌايانءِ. هوءَ بي اولاد ضائفائن کي، پنهنجي بدن مبارڪ جي لاڳ ڏيندي آهي. بس اُن مان کين اولاد ٿيو وڃي!“
”بدن جي لاڳ؟ ڇا آهي اِها لاڳ؟“ هو ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو.
”بس ڪر هاڻ، لطف علي! گهڻو ٿيو. تنهنجي مٿي ۾ بــُهه ڀريل آهي. خدا جو شڪر ڪر جو هــُن بي بي سانئڻ جهڙو وسيلو پيدا ڪيو. نه ته تنهنجي آسري ته در در جا ڌڪا کائي منهنجا ته وار ئي چاندي ٿي ويا هــُئا.“
لطف علي زليخا جي اڇن وارن ڏانهن ڏٺو، جيڪي ڪارا هوندي به اصطلاحن اڇا لڳي رهيا هــُئا. هــُن پنهنجي کوپڙيءَ کي پنهنجن ٻنهي هٿن وسيلي جهلي لوڏي ڏٺو. کيس اندر پريشانين ۽ سوچن کانسواءِ ڪجهه به ڪو نه لڌو. هــُن جيتوڻيڪ زليخا جي چوڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪيو، پر لاڳ هـُن لاءِ داغ بڻجي ويئي.
هڪ ڏينهن هو تمام گهڻو توائي ٿي آيو. کانئس ڪنهن پــُڇي ورتو هو ته؛ ”ٻڌو اٿئون تنهنجي زال، ٻار ڄڻيو آهي؟“
لطف علي ڪوشش ڪئي هــُئي ته کيس جواب نه ڏئي ۽ ماٺ رهي، پر هڪ ٻئي بــِشني مٿس وار ڪيو:
”تون به چريو آهين، ويچاري درويـش کان پيو پڇين؟ هــِن ته اِهو کــِٿو کوهي کوهي، ڪڏهوڪا هٿ ڪڍَي ورتا هــُئا. پوءِ ته اِها ٻني به وڃي ٻين کيڙي.“
لطف علي، مٿي اُٿڻ بجاءِ، زمين ۾ لهي ويو هو. هــُو نه ڪڇيو ته نه ڪــُڇيو. اهڙا ڪيئي ٻيا وار به ٿيس. سندس دل ڇيهون ڇيهون ٿي پيئي هــُئي. هو هر ڏينهن اهڙي ئي تذليل سان گهر موٽندو هو. پر زليخا جو محبوب ڏني لاءِ اَٿاهه پيار ڏسي، جهيڻو ٿي ويندو هو.
”منهنجي اندر مان به اِهڙو چشمو ڇو نه ٿو ڦــُٽي؟“ هو ويهي ويهي پاڻ کان پڇندو هو؛ ”شايد ان ڪري جو منهنجو اِن ۾ ڪو به حصو ڪونهي!“ ۽ اِها ئي وٽس هڪ تسلي هوندي هئي.
ڪافي ڏينهن گذري ويا، لطف عليءَ جي حالت نه بدلي. ماڻهن کيس اڌ چريو ڪري ڇڏيو هو.
نيٺ هڪ بيحد بدنصيب ۽ ڏکوئيندڙ ڏينهن جي شروعات ٿي. سج اڃا اُڀريو نه هو، جو لطف عليءَ جي گهر مان زليخا جي رئڻ جو آواز بــُلند ٿيو. ڳوٺ وارن ڪڏهن به اِهڙيون رڙيون نه ٻــُڌيون هيون. هــُن بيواهه عورتن جا پار ته ٻــُڌا هــُئا، پر اهڙو دردناڪ، پــُر سوز ماتمي آواز هــُنن ڪڏهن به نه ٻــُڌو هو. مرد، مايون، ٻار ۽ ٻڍا، سڀ ڊُڪي ڊوڙي اچي سندس اڱڻ وٽ جمع ٿيا. لطف علي، جو موت جهڙي گھري ۽ گونگي ننڊ ســُتل هو، تنهن کي اٿارڻ جي ڪوشش پئي ڪيائون. پر هُو هو جو پَٽڻ کوهڻ تي به اُٿڻ کان انڪاري هو. اِهڙي ننڊ، زليخا ٻڌايو پئي ته، لطف علي ڪڏهن به نه ستو هو، ۽ هو سدائين صــُبح جو سوير اُٿندو هو. پر اڄ هــُو ســُڪون جي ننڊ ســُتل هو. اَصل ڳالهه اِها نه هــُئي ته ڪو لطف علي خدا نه خواسطه گذاري ويو هو، پر ننڍڙو معصومڙو محبوب ڏنو جو ماڻهن جي خيال مطابق زليخا جي پاسراٽين هيٺيان اچي رات مــُرجهائي ويو هو، تنهن بابت کيس آگاهه ڪرڻو هو. پر زليخا وڏا وڏا پار ڪڍي اِن ڳالهه کان انڪار ڪري رهي هــُئي. هــُن جو چوڻ هو ته جيئن ته هـُن جي ٻارڙي جي ڳـــچيءَ مٿان نيرا ڪارا نشان موجود آهن، ان ڪري هــُن کي گهــُٽو ڏيئي ماريو ويو آهي!
بهرحال، محبوب ڏني جي پــُراسرار موت بابت ماڻهن جا خيال اُن وقت ئي ورهائجي ويا هــُئا. پوءِ ڪافي دير بعد لطف علي جڏهن ننڊ مان ســُجاڳ ٿيو، ته گهر جي اڱڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن جو ميڙ ڏسي سمجهي ويو ته ڪجهه ضرور ٿيو آهي. پِٽ پاراتي ۽ روڄ راڙي مان خبر پيس ته ڪنهن نئين آفت جي آمد ٿي آهي. هو راتوڪي ننڊ وارين گورين جي ”هينگ اوور“ جي اثر هيٺ، جڏهن ماڻهن جو ميڙ چيري، محبوب ڏني تائين پهتو ته هــُن پهريان مــُوڊ ٺاهي روئڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اکين مان نير جاري ٿي نه سگھيس ته مٿي تي رومال ڏيئي مجموعي مان ٻاهر نڪري ويو.
معصوم محبوب ڏني کي ڳوٺ جي ويجهو اَباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. پوءِ سڀني ڏٺو ته لطف علي ويٺي هــُن جو عــُذر ورتو.
”بس يار الله ڏاڍو آ!“
ڏک ۾ ڀريل ڀاڪر ۽ ڪلها تبديل ڪرڻ جو منظر. لطف عليءَ جي چپن تي زوريءَ جي ٽيڙ پکيڙ، ڄڻ روئيندو هجي!
”ها، ڀائو! اڄڪلهه جون مايون ٻار پالڻ جي قابل ڪونهن.“ هڪ ٻيو آواز ۽ لطف عليءَ جون جهڪيل نظرون، هنن ڏانهن لڙي ويل. کيس خبر نه ٿي پيئي ته اِن جملي جي جواب ۾ هو ڇا چوي؟ مٿو لوڏي هو ويهي رهيو.
”مائي هــُئي ته پڪي عمر جي، پوءِ ڪيئن لتاڙيئين پنهنجي ٻار کي؟“ هڪ پوڙهي تجربيڪار همراهه ڳالهه کي وچ ۾ اڇلايو. لطف عليءَ کي هانءَ ۾ ٿورڙو چهڪ آيو، پر پاڻ سنڀالي ويو.
”بس، ڏاڏا، ازل کي ڪير ٽاري!“ لطف علي سوال سامهون امڪاني جواب کي تحليل ڪندي وراڻيو.
”هائو، يار، رب ڏاڍو آ.“ ڪنهن عذرخواهه ٻيھر ورجايو، ۽ جيڪي ٿيو تنهن تي هر حال ۾ راضي رهڻ جي تلقين پڻ ڪئي.
لطف علي ٽي ڏينهن تڏي تي ويٺو رھيو. انهن ٽن ڏينهن ۾ هڪڙو به ڏينهن اِهڙو ڪو نه آيو، جڏھن هُن پاڻ محسوس ڪيو هجي، ته هو پنهنجي پــُٽ جو عــُذر وصول ڪري رهيو هو!

No comments:

Post a Comment