Friday, May 12, 2023

ڪاري سٿڻ - سعادت حسن منٽو- انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪاري سٿڻ

(ريختہ ڪھاڻي)

سعادت حسن منٽو

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



دھليءَ ۾ اچڻ کان اڳي، ھوءَ انبالہ ڇانوڻيءَ ۾ ھئي، جتي ڪيترا ئي گورا سندس گراھڪ ھيا. انھن گورن سان ميل جول جي ڪري ئي ھوءَ انگريزيءَ جا ڏھ پندرھن جملا سکي وئي ھئي. انھن کي عام ڳالھائڻ ۾ استعمال ڪا نه ڪندي ھئي. ليڪن جڏھن ھتي آئي ۽ سندس ڪاروبار نه ھليو ته ھڪ ڏينھن پنھنجي پاڙيسرڻ طمنچا جان کي چيائين؛ ”دس لَيف.. ويري بيڊ. يعني ھيءَ زندگي ڏاڍي خراب آھي، جڏھن ته کائڻ لاءِ به ڪجھ نه ٿو ملي.“

انبالہ ڇانوڻيءَ ۾ سندس ڌنڌو ڏاڍو متل ھيو. ڇانوڻيءَ جا گورا شراب پي، وٽس ايندا ھيا ۽ ٽن چئن ڪلاڪن ۾ اٺن ڏھن گورن کي اڪلائي، ويھ ٽيھ رپيا ڪمائي وٺندي ھئي. اھي گورا، سندس ھم وطنين جي ڀيٽ ۾ ڀلا ھيا. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھو اھڙي ٻولي ڳالھائيندا ھيا جنھن جو مطلب سلطانہ کي سمجھ ۾ نه ايندو ھيو. مگر سندن زبان کان اڻڄاڻائي، سندس حق ۾ ڏاڍي سٺي ثابت ٿيندي ھئي. جيڪڏھن ھو کانئس ڪجھ رعايت گھرندا ھيا ته ھيءَ چوندي ھين؛ ”صاحب! منھنجي سمجھ ۾ تنھنجي ڳالھ نه ٿي اچي.“ وري جيڪڏھن ھو ساڻس ضرورت کان وڌيڪ ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪندا ھيا ته ھيءَ پنھنجي ٻوليءَ ۾ گاريون ڏيڻ شروع ڪندي ھين. ھو حيرت مان سندس ٻوٿ ئي تڪيندا ھيا، ته مٿئون ھيءَ چوندي ھين؛ ”صاحب! تون پھرئين نمبر جو الوءَ جو پٺو آھين، حرامي آھين! سمجھئي!“ اھو چوڻ وقت ھوءَ لھجي ۾ سختي پيدا نه ڪندي ھئي، بلڪ ڏاڍي پاٻوھ مان ساڻن ڳالھائيندي ھئي. گورا کلي ڏيندا ھيا ۽ کلڻ وقت ھو سلطانہ کي بلڪل الوءَ جا پٺا ئي ڏيکاري ڏيندا ھيا.