Wednesday, February 23, 2022

بندياڻي - عذرا وقا - ننگر چنا

بندياڻي

پنجابي ڪھاڻي

ليکڪه: عذرا وقار

ترجمو؛ ننگر چنا



سردار بيگم کي سڀئي دارِي چوندا هيا. هُوءَ پنھنجي ماءُ سان گڏ چوڌري حق نواز جي حويليءَ ۾ ڪم ڪرڻ ايندي هئي. چوڌريءَ کي چار ٻار هيا. وڏو چوڏهن ورهين کَنَ جو هو. اُنَ کان پوءِ وري ٻه ڌيئون ۽ وري هڪ پُٽ هيس. حق نواز جو اِهو ٻيو پَرڻو هو. پھرئين مائيءَ مان ڪو ٻار ٻچو نه ٿيس. دارِي، ماءُ سان گڏ ڪم به ڪرائيندي هئي ته گڏوگڏ هنن جي ننڍڙي پُٽَ کي کيڏائيندي به هئي. هُو ڪڏهن کيس گهوڙو بڻائيندو هو ته ڪڏهن وري ٻَئِي ٺَپي راند کيڏندا هيا. چوڌريءَ جي جوءِ پنھنجن ٻارن جا ڪپڙا، جُوتا به کين ڏئي ڇڏيندي هئي.

Sunday, February 20, 2022

شڪُ - ممتاز لوهار

شڪُ

مختصر ڪهاڻي

ممتاز لوهار



”پر مان ائين ڇو ٿو سوچان.....!؟ مون کي ائين نه سوچڻ گهرجي..... مون کي پنهنجي زال تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي..... ٿي سگهي ٿو اهو اتفاق هجي..... مون کي اجايو وهم ٿي پيو آهي..... پر هُوءَ مون کي اوپري ڇو ٿي لڳي؟..... صرف هڪ ننڍڙي عجيب واقعي جي ڪري....! اها ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانهي....! ڪيترا ئي ماڻهو ننڊ ۾ ڳالهائيندا آهن..... پر هُن ننڊ ۾ ڊاڪٽر حيدر جو نالو ڇو کنيو؟..... هُوءَ ڪٿي؟..... نه نه..... ائين نه ٿو ٿي سگهي..... ڊاڪٽر حيدر ته سٺو ماڻهو آهي..... هُو ته شادي شدهه به آهي..... ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ آئي روزي ڪير موٽائيندو....؟ هي مان ڇا ٿو سوچيان....!! .....چُ..... هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي....!؟“

نينو ڪهاڻي - رزاق سهتو

نينو ڪهاڻي

(فلئش فڪشن)

رزاق سهتو



هو ڏاڍو پريشان هئا. سندن منهن تان مرڪ موڪلايل هئي. اکيون اوجاڳن ڪري دُکيون پئي. ذهنن ۾ بس هڪ ئي جملو پئي هريو ته؛ “ڪيئن به ڪري زمين حاصل ڪرڻي آهي. ماڻهن کي ڇا ڪنداسين. اهي ٻيا ڄمي پوندا يا آباد ٿي ويندا.”

آفيسر - دريا خان شنباڻي

آفيسر

مختصر ڪهاڻي ۵۸

دريا خان شنباڻي



هن جڏھن سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو ته سموري ڳوٺ ۾ خوشي ٿي، ڳوٺاڻن ان خوشيءَ ۾ نچيو ڪڏيو... خاص طور تي سئوٽن، پڦاٽن، ماساتن ۾ ته اهڙي خوشي ٿي جو چوندا وتن؛ “پڙھيو ته بس مبين پڙھيو، ٻين ڇورن ته صرف وانڪائيءَ ۾ وقت وڃايو!”

پڪ ڏيو - دريا خان شنباڻي

پڪ ڏيو

(ننڍڙي ڪهاڻي ۵۹)

دريا خان شنباڻي



فون جي گهنٽي وڳي ته هن فون کنئي؛ “هيلو!”

“هيلو! سائين! مان شاعر نزاڪت ٿو ڳالهايان!”

“جي بابا! حڪم ڪيو!”

پورڻتا - غفار سومرو

پورڻتا

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



ڳچ دير تائين پنهنجون پرايون ۽ جيون ڀر سنگ سنگ گذارڻ جون خوشين ڀريون خبرون چارون ڪندي سندس خوبصورت هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي چيومانس؛ ”مان تو تي هڪ ڪهاڻي لکندس!“

اوچتو زوردار جهٽڪو ڏيئي، هٿ هٿن مان ڇڏائي، ڀر مان اٿندي، وٿيرڪو رکيل ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺي ۽ خارن وچان تيز تکيون نظرون کڻي ڏسندي چوڻ لڳي؛ ”توهان اديبن کي رڳو محبوبائن جي ڪارين ڪجلين اکڙين، ڀورن ڪارن وارن ۽ سندن جسم جي جاڳرافين تي ئي لکڻ سٺو ڇو لڳندو آھي.!؟“

Sunday, February 6, 2022

منزل جي ڳولھا - ڪمال جنبلات

منزل جي ڳولھا

(مختصر ڪھاڻي)

ڪمال جنبلات



سھڻي جڏھن پاڻ لاھور گھمڻ ھليا ھياسون ۽ رات لاھور جي پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ۾ گذاري ھئيسون. مونکي لائيٽ بلو ڪلر جو ٽو پيس پاتل ھو، جنھن تي ڳاڙھي رنگ جي ٽاءِ لڳل ھئي. تون بليو ڪلر جي جينز پينٽ جي مٿان بليڪ ڪلر جي ھاءِ نيڪ شرٽ پاتي ھئي، مٿان وري بليو ڪلر جي جينز جيڪيٽ پائي، منھنجي ٽاءِ سان ميچنگ ڪرڻ لاء تو ڳاڙھي رنگ جو اسڪارف ڳچيءَ کي ويڙهي، سندس ٻئي پلوَ اڳيان لڙڪائي ڇڏيا ھيا. ۽ تو ڳاڙھي رنگ جي لپسٽڪ لڳائي ھئي. وارن جون ٻه چڳون اڳتي ڇڏي، باقي وار پوئتي ڇڏيا ھيا. پينٽ شرٽ ٽائيٽ ھجڻ ڪري، تنھنجو ڇاتيون اڳتي ۽ پولھ وري پوئتي نڪري پئي ھئي. مٿان وري پينسل ھيل جوتو پائڻ ڪري، ھيل جي ٽڪ ٽڪ ٽڪ تي سڀئي ماڻھو توڏانھن متوجھ ٿي رھيا ھيا. منھنجي سڄي ھٿ ۾ ٽرالي بيگ ھيو، جنھن کي مان گھلي رھيو ھيس ۽ ٻيو ھٿ منھنجي پينٽ جي کيسي ۾ ھو. تون اچانڪ منھنجو کٻو ھٿ کيسي مان ڪڍي، پنھنجي ھٿ سان ملائي ڇڏيو ھو ۽ پنھنجي ٻي ھٿ سان بار بار اڳيان ڪريل وارن کي ڪن ۾ ڦاسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھي ھئين.

خيالن جي خوشبوءِ - غفار سومرو

خيالن جي خوشبوءِ

(مختصر ڪھاڻي)

غفار سومرو



هو هر روز جيان، اڄ به سمورو ڏينهن سرڪاري دفتر ۾ چاڪيءَ جي ڏاند جيان گهاڻو گيڙيندي، آڱرين ۾ اٽڪيل بال پين سان فائيلن جو پيٽ ڀريندي، سانجهيءَ جو موڪل وقت ڄڻ پنهنجي پٺن تان مڻين منهن بار لاھي، هيڪل وياڪل ۽ ٿڪل، ڊسمبر جي ٿڌڙي اداس شام جو گهر، اڱڻ جي عليحده پاسي اڏيل پنهنجي ڪمري ۾ پهتو.

Friday, February 4, 2022

اڌ بوتل - ابراھيم کرل

اڌ بوتل

مختصر ڪھاڻي

ابراھيم کرل



”ماني کائينداسين.“

جملي کي ڏسي، مون ھيڏي ھوڏي ڏٺو پر ھال ۾ مون کي ڪو به ڏٺل وائٺل نظر ڪو نه آيو. موبائيل چيڪ ڪيم. نمبر به نئون ھو. ڪالر آءِ ڊي ۾ وجھي ڏٺم پر رڳو پاڪستان پئي ٻڌايائين.

خير! وري دوستن سان ڪچھريءَ ۾ لڳي ويم. تيستائين ويٽر سلاد ۽ رائتو اڳيان رکي ويو. اڃا کيري جو پھريون ڳترو وات ۾ وڌم ته موبائيل جي اسڪرين تي ٻيو ميسيج ظاھر ٿيو.

”ايڏي بک لڳي ٿي ڇا؟!“

Thursday, February 3, 2022

ھڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو- خالد فرهاد ڌاريوال - ننگر چنا

ھڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو

(پنجابي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: خالد فرهاد ڌاريوال

سنڌيڪار: ننگر چنا



مولوي صاحب سج لٿي جي نماز پوري ڪئي ته ٻه ڄڻا جوزف کي وٺي اچي حاضر ٿيا. ڏهاڙيءَ جي ابتڙ  اڄ مسيت جو اڱڻ ماڻهن سان ڀريل هيو. جوزف کي ڏسي اُتي موجود ماڻهن مان هرهڪ جو مُنھُن جرڪي پيو. لڳي ائين پيو ته جوزف هاڻي هاڻي وهنجي آيو آهي، ڇوته سندس وارن مان پاڻيءَ جا ڦُڙا ٽِمي رهيا هيا. هُو ويٺو ته مولوي صاحب ڳالهه چوري؛

“ڇا تون جائي به اسلام قبول ڪرڻ گهرين ٿو؟”

“هائو.” جوزف پوري همت سان ورندي ڏني.