Sunday, February 20, 2022

آفيسر - دريا خان شنباڻي

آفيسر

مختصر ڪهاڻي ۵۸

دريا خان شنباڻي



هن جڏھن سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو ته سموري ڳوٺ ۾ خوشي ٿي، ڳوٺاڻن ان خوشيءَ ۾ نچيو ڪڏيو... خاص طور تي سئوٽن، پڦاٽن، ماساتن ۾ ته اهڙي خوشي ٿي جو چوندا وتن؛ “پڙھيو ته بس مبين پڙھيو، ٻين ڇورن ته صرف وانڪائيءَ ۾ وقت وڃايو!”


مبين پنهنجي پيءُ ماءُ جو لاڏلو، خرچ پکا، راتين جا اوجاڳا، مائٽن جون دعائون..... غربت مسڪيني، مبين جو پيءُ وريل ويچارو اهڙو مسڪين جو ڏاندن جي جوڙي تي اٺ ايڪڙ زمين هارپي تي ڪاهي گذر سفر ڪندو هو. مبين جڏھن ٻارهن درجا پاس ڪيا ته خبر پئي نوڪريون ٿيون هلن. هو پنهنجي تڪ جي ايم پي اي وٽ ويو. اتي ماڻھن جي ايتري رش جو ڌڪا کاڌائين، ٿاٻا کاڌائين ۽ نيٺ ايم پي اي تائين پهتو ۽ عرض ڪيائين؛ “سرڪار! مسڪين آھيان. پٽ به ٻارهن درجا پاس ڪيا آھن. ڪا نوڪري ڏيو ته سک جو ساھ کڻان!”

“سک جو ساھ کڻان!” واري جملي تي ايم پي اي جو اندر جليو پر ڪجھ به نه چيائين ۽ وريل کان ڇوڪري جا ڪاغذات وٺي، پاسي تي رکندي چيائين؛ “ٺيڪ آھي!”

وريل ويچارو نيم خوش ۽ ايم پي اي صاحب جو “ٺيڪ آھي” وارو مختصر جملو ٻڌي سمجهي ويو ته؛ “ڪاغذ ويا کوھ جي تري ۾!”

جڏھن گهر واپس آيو ته پٽ منع ڪندي چيس؛ “بابا! مهرباني ڪري آئنده منهنجي نوڪريءَ لاءِ در در جا ڌڪا نه کائو!”

“مان چاهيان ٿو ته من تون ڪنهن روزيءَ ۾ لڳين!” وريل چيو.

“روزي الله پاڪ جي هٿ ۾ آھي. انهن ڪوڙن ڪرپٽن وٽ ناهي. مان محنت ڪيان ٿو، الله مالڪ آ!”

۽ پوءِ مبين واقعي به محنت ڪرڻ لڳو.... هو ايترو پڙھيو جو وڃي مقابلي واري امتحان ۾ ويٺو ۽ وڏن نمبرن تي امتحان پاس ڪيائين.

اخبارن ۾ ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون آيون ته هڪ ٻھراڙيءَ جي هاريءَ جو پٽ امتحان پاس ڪري، آفيسر بڻيو آھي. جيڪا خوشي، ڳوٺ ۾ ٿي اها ڪنهن کي به نه ٿي. پر ايم پي اي جي گهر ۾ تڏو وڇائجي ويو.

غريب وريل جو پٽ آفيسر......!!!

پهريان ته مبين جي پوسٽنگ تي وڏا معاملا ٿيا، ڪڏھن ڪهڙي ضلعي ته ڪڏھن ڪهڙي ضلعي.... مبين ڪو آفيسر نه ڄڻ فوٽبال هجي، جتان ڪٿان ٿُڏجڻ لڳو.

تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي جو تارو ٿيڻ بجاءِ مبين انهن لاءِ اک جو ڪنڊو بڻجي ويو. هن به اهو ئي ٿي چاهيو ته سندس پوسٽنگ پنهنجي ضلعي بجاءِ ٻئي ضلعي ۾ هجي ته جيئن هو ڪو ڪم ڪري سگهي.

پر جتي ڪٿي اهي ئي دشواريون..... سندس ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جي خواهش ته هو به پنهنجي ضلعي ۾ اچي خدمتون سرانجام ڏئي.

تر جي سردار صاحب جي ساڻس هڪ دفعي ملاقات ٿي ۽ خوشگوار موڊ ۾ ٻنهي جي ڪچهري ٿي.

“تون ته اسان جو پنهنجو ٻچو آھين، پنهنجي ضلعي ۾ اچ خدمتون سرانجام ڏي نه!” سردار صاحب چيس.

“اوهان اين او سي ڏيو ته اچان!” مبين ڪجھ ٽوڪ ۽ ڪجھ سچ چوندي، ورندي ڏنس.

“ههههههه، ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين.... ڄڻ منهنجي وس آھي!” سردار صاحب کلندي چيس.

“اوهان جي مهرباني پر جڏھن به موقعو مليو ته ضرور خدمت ڪبي!” مبين چيو ۽ پوءِ موڪلائڻ مهل سردار صاحب چيس؛ “ڪڏھن اچ نه منهنجي اوطاق تي ڪچهري لاءِ ۽ يقين ڪرين ته مون کي ته فخر ٿيندو آھي تو جهڙن آفيسرن تي!”

“جي ضرور اچبو سردار صاحب!” مبين چيو.

ٺيڪ پنجن ڏينهن کان پوءِ سردار صاحب، مبين کي پنهنجي اوطاق تي اچڻ جي دعوت ڏني. مبين سندس اوطاق پهتو، سردار صاحب سندس جام خدمت ڪئي ۽ پڻ اها خوشخبري به ڏنائين ته هن تڪ جي ايم پي اي کي هن جي بدلي جي ڳالھ ڪئي آھي ۽ جلد سندس بدلي ٿي ويندي.

ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ مبين جي بدلي پنهنجي ضلعي ۾ ٿي. سندس اٿي ويٺي وڏن وڏن ماڻھن ۾ پهريان ته هئي پر هاڻ سندس تر جا ننڍيرا وڏيرا، سردار، پير مير به ملڻ لڳا.

ڪجھ ئي عرصي کان پوءِ مبين جي ڳوٺ ۾ پاڙي جي وڏيري جي پٽ هٿان سندس سئوٽ جو خون ٿيو. اهو وقت مبين لاءِ امتحان وارو هو. هڪ پاسي کان ميرن پيرن ۽ سردارن جو زور ته راڄوڻي ٿئي ۽ ٻئي طرفان گهر ۾ پيءُ ماءُ، ۽ سئوٽن ماساتن طرفان زور ته قاتل ڪٽھڙي ۾ اچڻ کپي. سئوٽن کي گهڻو مڃائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته هو قانوني چاره جوئيءَ مان هٿ کڻن پر سئوٽن لاءِ مبين به ته ٻانهن جي ٻل مثل هو. هو سڀ، مبين جي طاقت تي ڪُڏي رهيا هئا پر مبين هو سو ڄڻ بي هٿيار.... ۽ بيوس. ۽ نيٺ سئوٽن کي چيائين ته؛ هو ساڻن ان معاملي ۾ هنن جو ساٿ نه ٿو ڏئي سگهي.

“سئوٽ باقي تون هيڏو سارو آفيسر آھين اڄ کان پوءِ ڇا ڪندين؟”

پر مبين هو جنهن پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ بيوس لاچار بڻجي ويو.

جڏھن اڌ رات جو کيس ننڊ نه اچي رهي هئي ته ماءُ سندس ڀرسان آئي ۽ چيائين؛ “پٽ! تون ڀلا پنهنجي ننڊ ڇو پيو ڦٽائين، سئوٽ ڄاڻن وڏيرو ڄاڻي!”

“امان سئوٽ صفا ناراض ٿي رهيا آھن!” مبين چيو.

“حق تي ناراض ٿيندا نه پٽ!” مبين ۽ سندس ماءُ کي اها خبر ئي نه هئي ته وريل به بيٺي ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، تنهن چيو.

“بابا اوهان ٻڌايو ته آخر ڇا ڪرڻ کپي!” مبين چيو.

“تو کي پنهنجو ڳوٺ ۽ پنهنجا سئوٽ اڪيلا نه ڇڏڻ کپن.... هر صورت ۾ تو کي ڳوٺ وارن جو ساٿ ڏيڻ کپي.... اهي وڏيرا صدين کان اسان کي ائين سٽيندا ڪُٽيندا آيا آھن، جانورن وانگر هڪليندا رهيا آھن، ڏٽا ڏئي ووٽ وٺندا آيا آھن... مون کان اهي ڌڪا ٿاٻا ڪو نه وسريا آھن، جيڪي تنهنجي نوڪريءَ لاءِ کاڌم.... تو کي جيڪا نوڪري ملي آھي سا نه ڪنهن مير پير ڏني آھي، نه ڪنهن سردار وڏيري يا ايم پي اي ايم اين اي.... تو کي هيءَ نوڪري پنهنجي محنت ۽ ڳوٺ وارن مٽن مائٽن جي دعائن سان ملي آھي. تون جيڪڏھن اهڙي نوڪري ۽ طاقت هوندي به ڪنهن وڏي ۽ غلط طاقت سان اٽڪي نه ٿو سگهين ته پوءِ تنهنجي پڙھڻ جو ڪهڙو فائدو..... تنهنجي ان ورديءَ تي انهن ڦولن جو ڪهڙو ڪم.... جيڪڏھن تون ايترو ئي بيوس آھين ته پوءِ ڇڏ نوڪري ۽ صبح مون سان هر ڪاهڻ هل، گهٽ ۾ گهٽ عزت جي دال روٽي ته ڪمائيندين.” هو خاموش ٿيو ۽ وڌيڪ چيائين؛ “تون صبح ساڻ اٿي پنهنجن سئوٽن جو ٿيءُ ۽ ڇڏ وڏيرن سردارن جي پچر... ڊڄندين ته تنهنجا ڳوٺ وارا به ماريا ويندا ۽ هڪ ڏينهن هو جڏھن مون کي به ماري ويندا ته تون هٿ تي هٿ ڏئي ويهندين ۽ ڪجھ به نه ڪري سگهندين.....هاڻي آرام ڪر!”

“۽ تون به هاڻ اٿ ته مبن آرام ڪري!” وريل پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته هوءَ به اٿي ۽ پوءِ ٻاهر نڪرڻ لڳا ته وريل مُڙي پٽ کي هي جملو چئي ٻاهر نڪتو؛ “پٽ! حالات پاڻ ڏسين پيو..... ملڪ جا سڀئي آفيسر، وڏن ماڻھن جي در جون رنڊيون هجن جو جڏھن به ضرورت پئي اٿارن ويهارن، ڪپڙا پارائن يا لهرائن..... هاڻ تنهنجي مرضي آھي ته تون ڪنهن چڪلي جي رنڊي بڻجين يا هڪ طاقتور آفيسر.”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment