Sunday, February 20, 2022

پورڻتا - غفار سومرو

پورڻتا

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



ڳچ دير تائين پنهنجون پرايون ۽ جيون ڀر سنگ سنگ گذارڻ جون خوشين ڀريون خبرون چارون ڪندي سندس خوبصورت هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي چيومانس؛ ”مان تو تي هڪ ڪهاڻي لکندس!“

اوچتو زوردار جهٽڪو ڏيئي، هٿ هٿن مان ڇڏائي، ڀر مان اٿندي، وٿيرڪو رکيل ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺي ۽ خارن وچان تيز تکيون نظرون کڻي ڏسندي چوڻ لڳي؛ ”توهان اديبن کي رڳو محبوبائن جي ڪارين ڪجلين اکڙين، ڀورن ڪارن وارن ۽ سندن جسم جي جاڳرافين تي ئي لکڻ سٺو ڇو لڳندو آھي.!؟“


جهٽ ساهي ڪڍي، انتهائي دکدائڪ لهجي ۾ روئڻهارڪي ٿي چوڻ لڳي؛ ”اوهان کي لکڻو ئي آھي ته ماتر ڀوميءَ تي لکو، جيڪا ميرن پيرن، وڏيرن سردارن جي خوني چنبي ۾ جڪڙي پئي آھي ۽ اڃا وڌيڪ جڪڙجندي پئي وڃي!

لکڻو ئي اٿَو ته ماتر ڀوميءَ جي انهن پٽن تي لکو، جن کي ڏينهن جي روشنيءَ ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ مائرن ڀينرن ۽ ونين جي ڀاڪرن مان کسي، کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ جيلن ٽارچر سيلن ۾ سخت تشدد ڪري گرم سيخن سان ڏنڀ ڏيئي، ڪڏھن اڌ مئو ڪڏھن پورو موت ڏيئي، روڊن رستن، کڏن کامن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو!“

سرمي بنا سياھ اکيون منهنجي اکين ۾ کپائيندي چوڻ لڳي؛ ”اڃان جي لکڻو ئي آھي ته انهن ڌيئرن ڀينرن مائرن تي لکو جن کي اسڪولن ڪاليجن يونيورسٽين، واهڻ وستين ڳوٺن شهرن ۽ گهرن ۾ مرن وانگر بکين نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. حوس جو نشانو بنائي ماري پکن ۾ ٽنگيو وڃي ٿو. خصيص مفادن خاطر ڪارنهن جو الزام مڙھي زنده درگور ڪيو وڃي ٿو.!“

هڪ ساهي ايترو ڪجھ چوڻ کان پوءِ هوءَ ھڪ وڏو گهرو ساھ ڀري، ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي، ڍنڍڪار ڪري روئي پئي.

سندس ڳالهيون ٻڌي، منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو ۽ پڇتاءَ جو پگهر، لوندڙين کان وهڻ لڳو. هيل تائين پنهنجو سمورو ادبي ڪارج اکين اڳيان واڳون ٿي وري آيو. شاعري، ڪهاڻيون، ناول جن ۾ مون رڳو حسين مھ جبين، مھ لقا محبوب عورتن جي حسن، ڳلن ڳٽن چپن، ڪپڙن لٽن ۽ هار سينگار جي واکاڻ ۾ پنهنجي قلم جو ڪونتل ڪڏايو هو. اکر اکر، لفظ لفظ ڏينڀوءَ جيان ڏنگڻ لڳا هئا. پنهنجي پڙھيل ڳڙهيل ۽ اديب ھئڻ تي پاپ ۽ پڇتاءُ ٿيڻ لڳو هوم. من ئي من ۾ سوچڻ لڳس؛ ”چوي ته سچ پئي. اسان اديب حقيقتن کان منهن موڙي، سچ جو ساٿ ڇڏي، رڳو رڃ ۽ رڻ ۾ قلم ڪڏائي رهيا آھيون،،،!“

ڪيترا ئي پل ماٺ جو مقتل قائم رهيو. اسين آمهون سامهون ڪنڌ جهڪائي ويٺا رهياسين. مان پنهنجي شرم ۽ حياءَ جي بار هيٺ دٻيل رهيس ۽ هوءَ ڏک، پيڙا ۽ غم جي جهان ۾ ٻڏل هئي. منهنجو ڪمرو، قلم، ڪتاب، رائٽنگ ٽيبل ۽ ڪرسي به ڄڻ مون سان منهنجي پڇتاءَ ۾ شامل ٿي ماٺ ۾ اچي ويا هئا.  

هوءَ هٿ آڱرين سان ڳلن تان ڳڙندڙ ڳوڙھا اگهندي، اٿي بيٺي ۽ مون سان گڏ پلنگ تي اچي ٻيهر ڀر ۾ ويٺي.

 منهنجو ڪنڌ بدستور جهڪيل ئي رهيو. پنهنجو هڪڙو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکندي، آٿت ڏيڻ واري نموني هلڪو زور ڏيندي چوڻ لڳي؛ ”من! مان مڃان ٿي تون مون سان پيار ڪرين ٿو. مان پڻ تو سان پيار ڪريان ٿي پر ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان محبت ئي انسان کي پورڻتا بخشي ٿي. سو مون کي اميد آھي ته آئينده،،،"

جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي، سندس ڳالھ اڌ ۾ ڪٽيندي پر عزم آواز ۾ چيم؛ ”بس سمجهي ويس اڄ کان پوءِ! ڌرتي اول ڌرتي آخر، ڌرتي زندھ آباد!“

هوءَ مرڪي پئي ۽ پيار وچان منهنجو هٿ پنهنجي خوبصورت هٿن ۾ کڻي قابو ڪيائين. مان، منهنجو ڪمرو، قلم، ڪتاب، رائٽنگ ٽيبل ۽ ڪرسي به ڄڻ مرڪندا رهجي وياسين.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment