پورڻتا
ننڍڙي ڪهاڻي
غفار سومرو
ڳچ دير تائين پنهنجون پرايون ۽
جيون ڀر سنگ سنگ گذارڻ جون خوشين ڀريون خبرون چارون ڪندي سندس خوبصورت هٿ پنهنجي هٿن
۾ وٺندي چيومانس؛ ”مان تو تي هڪ ڪهاڻي لکندس!“
اوچتو زوردار جهٽڪو ڏيئي، هٿ هٿن
مان ڇڏائي، ڀر مان اٿندي، وٿيرڪو رکيل ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺي ۽ خارن وچان تيز
تکيون نظرون کڻي ڏسندي چوڻ لڳي؛ ”توهان اديبن کي رڳو محبوبائن جي ڪارين ڪجلين اکڙين،
ڀورن ڪارن وارن ۽ سندن جسم جي جاڳرافين تي ئي لکڻ سٺو ڇو لڳندو آھي.!؟“