Showing posts with label پورڻتا، ننڍڙي ڪهاڻي، غفار سومرو،. Show all posts
Showing posts with label پورڻتا، ننڍڙي ڪهاڻي، غفار سومرو،. Show all posts

Sunday, February 20, 2022

پورڻتا - غفار سومرو

پورڻتا

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



ڳچ دير تائين پنهنجون پرايون ۽ جيون ڀر سنگ سنگ گذارڻ جون خوشين ڀريون خبرون چارون ڪندي سندس خوبصورت هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي چيومانس؛ ”مان تو تي هڪ ڪهاڻي لکندس!“

اوچتو زوردار جهٽڪو ڏيئي، هٿ هٿن مان ڇڏائي، ڀر مان اٿندي، وٿيرڪو رکيل ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺي ۽ خارن وچان تيز تکيون نظرون کڻي ڏسندي چوڻ لڳي؛ ”توهان اديبن کي رڳو محبوبائن جي ڪارين ڪجلين اکڙين، ڀورن ڪارن وارن ۽ سندن جسم جي جاڳرافين تي ئي لکڻ سٺو ڇو لڳندو آھي.!؟“