Tuesday, September 21, 2021

شعور جي بيماري ۾ ورتل ناول نگار - هوش محمد ڀٽي

شعور جي بيماري ۾ ورتل ناول نگار

۽ فرهاد جيلاني جو ترجمو

هوش محمد ڀٽي



شعور جڏهن اچي ٿو ته نهوڙي وجهي ٿو، علم ۽ عقل جي اعليٰ سمجهه به انسان جي احساسن جي لاءِ گهڻي منجهائيندڙ هوندي آهي. شعور جڏهن زميني ۽ نفسياتي حقيقتون پروڙي وٺي ٿو ته دوستو وسڪي جو جنم ٿئي ٿو. فريڊرڪ نٽشي، فرانز ڪافڪا، ڪاميو ۽ جوائس پيدا ٿين ٿا.

وجودي اديب پنهنجي ناولن ۾ پنهنجو پاڻ ڳولين ٿا. ڪاميو جو ڌاريو Outsiderاهڙن اڌمن سان ڀريو پيو آهي. ڪافڪا جو Metamorphosis انسان جي وجود کي ڪيڙي ۾ تبديل ٿيندي ڏيکاري ٿو. جيمس جوائس جو Ulysses به ڪاميو جي سيسيفس جي ڏند ڪٿا وانگر ديو مالائي ڪردار وسيلي انسان جي اجاين ۽ بغير سبب پيڙائن کي چٽو ڪري ٿو.

Sunday, September 19, 2021

کُوھُ - مرزا حامد بيگ - ننگر چنا

کُوھُ

(پنجابي ڪهاڻي)

ليکڪ: مرزا حامد بيگ

سنڌيڪار: ننگر چنا



اوندھ وڌي رهي آهي ۽ هر پاسي چپ چپات آهي.

”ٻڌين پيو؟ کُوھَ مان وهندڙ پاڻيءَ جو آواز اچي رهيو آهي، ڄڻ ته درياءُ وهي رهيو هجي.“

“پر ائين نه ڪڏهن ڏٺو نه ڪڏهن ٻڌو!”

ٻئي ڄڻا هڪ ڀيرو وري کُوھَ جي پَڳَ سان ڪَنُ لائي ڇڏين ٿا.

”هُو اڃا پنڌ ۾ هوندا؟“

”ها جيڪڏهن تڪڙا تڪڙا به پھچن تڏهن به اڌ رات کان اڳ نه پھچي سگهندا.“

هُو ٻئي سِڌا ٿي هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ويھن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي تڪڻ لڳن ٿا. سندن اکين ۾ نانگ جون اکيون آهن.

”چَئُه، يار! ڇا ٿو چوين؟ هُنن کي اهڙا ٻه ماڻهو لڀي پوندا؟ منھنجو مطلب آ جَن تي ڀروسو ڪري سگهجي!“

Friday, September 17, 2021

اُگهاڙو سچ - وريام سنگهه سنڌو - ننگرچنا

اُگهاڙو سچ

(پنجابي ڪهاڻي)

ليکڪ : وريام سنگهه سنڌو

سنڌيڪار : ننگرچنا



رسيس ٿي چڪي هئي. ٻارَ پَٽيُنِ کي ميٽُ هڻي، هاڻ ماني کائي رهيا هئا. ماسترياڻي ڪرسيءَ تي ويھي هندستان جي”آزادي“ جي ڪھاڻي پڙهي رهي هئي. جليان والا جي بُتَ مان ٽِمندڙ رَتَ ۽ ڦاهين جي ڦَندَن کي چُمَندڙ گرم جسمن جي ڳالھه ... هَٿَ ڪَڙين ۽ پيرَ ڪَڙين جي ڇِمڪَڻ جا آواز .... ڪاري پاڻيءَ ۾ ڳَرندڙَ گلابن جھڙيون جوانيون .... قاتل جي ٻانھُنِ جو زور آزمائيندڙ سُورمن جون لَلڪارون ... صدين جِي ٻاٽَ اُونداهي رات ... ۽ پوءِ آزاديءَ جو سِجُ ... رت جي رنگت ... لَھُوءَ جي سُڳَنڌَ.

”سانئڻ!... او سانئڻ!“ پنج ڇھه ڇوڪريون ماسترياڻيءَ جي ڪرسيءَ کي وڪوڙي ويون. هُنَ ڪنڌ کڻي انهن ڏي ڏٺو.

ڪورونا ۾ پيار - حسين ڪپري

ڪورونا ۾ پيار

(ڪهاڻي)

حسين ڪپري



”فون سڄو ڀريو پيو آهي ميسيجن سان پر مان ڪنهن کي جواب ڪا نه ٿي ڏيان، صرف اوهان کي ڏيان پئي.“ هن شوخ لهجي ۾ چيو.

 مون پڇيو؛ ”اها مهرباني مون سان ڇا جي ڪري آهي؟“

چيائين؛ ”توهان اديب آهيو، تڏهن اها رعايت ڪريان ٿي.“

زندگيءَ ۾ پهرين دفعا ڪنهن رعايت ڪئي ۽ پهرين دفعا اديب تسليم ڪيو هو، سو مون کي ته هن تي پيار اچي ويو. وڌيڪ سوچڻ سمجهڻ کان پهرين منهنجي واتان نڪري ويو؛ ”آءِ لو يو“.

Thursday, September 16, 2021

ھٿ جي وڍي جو تنقيدي جائزو - نظير ملڪاڻي

ھٿ جي وڍي جو تنقيدي جائزو

(انجنيئر عبدالوهاب سهتو جي ڪھاڻي ڪتاب تي ناقدانه نظر)

نظير ملڪاڻي

 


انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو نالو سنڌي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل آھي. پاڻ نه رڳو ڪھاڻيڪار آھي، پر سنڌيءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين تي به وڏو ڪم ڪيو اٿس، جيڪو معنيٰ ۽ تشريح سان ماھوار ”ڪينجھر: ۾ لاڳيتو اشاعت ھيٺ آيل آھي ۽ ان موضوع تي ڪتاب پڻ شايع ٿيل اٿس. سندس ڪھاڻين جو ھي ٽيون مجموعو آھي، جنھن ۾ ڪل چوڏھن ڪھاڻيون آھن. ھي مجموعو شايع ته ۱۹۹۹ع ۾ ٿيل آھي، پر مون کي ان جي ڪاپي، پياري دوست ناز سنائيءَ ھٿان ۲۰۰۳ع ۾ ملي. ڪھاڻيون پڙھڻ کان پوءِ انھن متعلق پنھنجا ويچار ونڊڻ لاءِ قلم کنيو اٿم. ھتي ھر ھڪ ڪھاڻيءَ جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

 

ٻٻر جي ٻيلن جهڙو سماج ۽ جهان آرا سومرو -ننگر چنا

ٻٻر جي ٻيلن جهڙو سماج ۽ جهان آرا سومرو

جھان آرا سومرو جي ڪھاڻي ڪتاب ”ماءُ منھنجو جندڙو تي تبصرو

ننگر چنا



سنڌي ڪهاڻيءَ جي آوازن ۾ عورتاڻو آواز ايترو سگهارو ناهي، جيترو هجڻ گهرجي. هُونءَ به اها صورتحال ڪا رڳو اسان سان لاڳو ناهي، پر اهڙي ئي حالت لڳ ڀڳ سڀني ٻولين سان آهي. سڀني ملڪن ۽ ٻولين ۾، اديبن جي ڊگهي قطار ۾، تمام گھڻن مردن سان گڏ ڪي ٿوريون مايُون ئي آهن. ائين ڇو آهي؟ اِنَ جا تمام گهڻا ڪارڻ آهن، پر اُنهن تي بحث اسان جو موضوع ناهي. تَنهِن هوندي به اسان جي ڪهاڻيءَ ۾ امر لال هنڱوراڻيءَ ۽ مرزا نادر بيگ سان گڏ مائي واساڻي ۽ پوپٽي هيراننداڻي به موجود آهن. ڊاڪٽر خالد سهيل پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڏاڍو سهڻو جملو لکيو آهي ته، ”مائِرُون خدا جيئن ٿينديون آهن.“ سو جڏهن عورت ڪائنات جي عظيم تخليقَ ۽ هر ڪهاڻيءَ جي مُنڍَ ‘انسانَ’ کي جنم ڏئي ٿي، تڏهن هُنَ وٽ نفسياتي، سماجي، مطلب ته هر طرح سان مطمئن هجڻ جا ڪارڻ به موجود آهن. اِنَ صورتحال هوندي به اسان سندري اُتمچنداڻي، بيگم زينت عبدالله چنا، خيرالنساء جعفري، ريٽا شهاڻي، نسيم ٿيٻو، نورالهدي شاھ، ماهتاب محبوب، نيلوفر جويو، سنڌيا شاھ ۽ شبنم گل کي ڇڏي سنڌي ڪهاڻيءَ جي عمومي سفر جي منزلن کي ڀلا ڪيئن ٿا ڳڻي سگهون!؟

Friday, September 10, 2021

ناول نگار ابن صفي - عقيل عباس جعفري

ناول نگار ابن صفي

جنھن جي تخليقي قوت ڪنهن سائنسدان کان گهٽ نه هئي!

عقيل عباس جعفري



اردو ادب ۾ ابن صفي جو هڪ منفرد مقام آهي. شروع شروع ۾ ادب جي نقادن کيس ايتري اهميت نه ڏني پر پوءِ سڀئي سندس قلم جا اسير بڻجندا ويا. ابن صفي جو قلمي سفر ۲۸ سالن تي محيط آهي. ان سفر دوران هُن اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ ناول تخليق ڪيا، جيڪي جاسوسي دنيا ۽ عمران سيريز جي نالي سان شايع ٿيا. جنوري ۱۹۵۲ع ۾ جاسوسي دنيا جو پهريون ناول ”دلير مجرم“ ۽ آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ عمران سيريز جو پهريون ناول ”خوفناڪ عمارت“ شايع ٿيا. اهو سلسلو هُن جي وفات تائين جاري رهيو، انهن ناولن ۾ هُن هڪ نئين دنيا ايجاد ڪئي، جنهن ۾ نت نوان طريقا ۽ ايجادن جي مدد سان ڏوهن جو خاتمو ڪيو ويندو هو.

Sunday, September 5, 2021

چنڊو ٻار پينگهي ۾ پڌرو - غفار سومرو

چنڊو ٻار پينگهي ۾ پڌرو

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



”بابو مرحيات چوندو هو؛ پٽ! راتيون جاڳي، ننڊ ڦٽائي پگهر وهائي پيٽ پالجو پر ڪنهن آڏو هٿ نه ڊگهيڙجو.“ هُن هوٽل جي سيمنٽ واري دڪيءَ تي ويٺي جملو پورو ڪرڻ کان پوءِ مون کان ورتل سگريٽ مان هڪ وڏو ڪش هنيو ۽ چپٽي وڄائيندي رک هيٺ ڪيرائي.

چيومانس؛ ”تنهنجو پيءُ وڏو محنت ڪش، عظيم انسان هو. تو ٻڌايو ڪو نه ته تنهنجو بابو مرحيات ڪندو ڇا هو؟“

جوڳي جاڳايوس - حسين ڪپري

جوڳي جاڳايوس!

(ڪهاڻي)

حسين ڪپري



هڪ اڌڙوٽ عمر جو جوڳي، جنهن کي استري ڪيل گيڙو ويس، ٻانهن ۾ واچ ۽ آڱر ۾ سوني منڊي پاتل هئي، بازار جي چوڪ ڏانهن وڃي رهيو هو.

رستي جي ٻنهي پاسن کان مختلف قسم جي دڪانن جون قطارون هيون. ايڪڙ ٻيڪڙ گراڪ دڪاندارن سان خريد فروخت، ڇڏ ڇوٽ ۽ جوڙ توڙ ۾ مصروف هئا. گاڏن وارا ڀاڄي، ميوات ۽ ٻيو وکر وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏيئي رهيا هئا. هوٽلن جي بينچن تي ويٺل واندا ماڻهو چانھ جي چسڪي تي هڪ ٻئي سان اوڀاريون لهواريون ڪري رهيا هئا.


هو اهو سڄو لقاءُ دلچسپي سان ڏسندي آيو.

اوچتو سندس نظر وڻ جي هيٺان ستل ماڻهو تي پئي. ٿڌي هوا لڳي رهي هئي، آسمان جهڙالو هو ۽ ڪچڙي منجهند جو ٽاڻو هو. هي وقت سمهڻ جو نه هو. جوڳي کيس جاڳائڻ لاءِ پهرين صدا هنئي پر هو ڪو نه جاڳيو. پوءِ مرليون وڄايون، هن تي اثر نه ٿيو! نيٺ بيزار ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاري، پنهنجي گودڙي مان پستول ڪڍي سندس ڪن جي ڀرسان هوائي ٺڪاءُ ڪيو!

هو ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيو.

”اهڙي ڪهڙي قيامت اچي وئي جو تو منهنجي ننڊ ڦٽائي آهي؟“ اکيون مهٽيندي هن پڇيو.

ٺڪاءُ تي ماڻهن ڪنڌ ورائي ڏٺو پر هوائي فائر ڪرڻ ايترو عام هو جو ڪنهن ان کي اهميت ڪو نه ڏني ۽ وري پنهنجي ڪمن ۾ لڳي ويا.

”سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملندو، اٿي چرخو چور!“ جوڳي پستول واپس گودڙي ۾ رکندي جواب ڏنو. سندس چهري تي اهڙي تسڪين هئي جهڙي ڪنهن شريف ماڻهو کي زوري ٻانهن ۾ جهلي نصيحت ڪرڻ سان ملندي آهي.

چوڪيدار کي تمام گهڻي ڪاوڙ هئي، هن ڏانهس نهاريو. ظاهري طرح هو سکيو ستابو ۽ معزز قسم جو جوڳي لڳي رهيو هو. انهي جاءِ تي ڪو عام فقير هجي ها ته هو وڙهي پوي ها مگر هن سان جهيڙو نٿي ڪري سگهيو.

تڏهن به احتجاج ڪندي چيائين، ”آئون پنهنجا ڪم ڪريان يا تنهنجو چرخو چوريان. اڙي ظالم جوڳي توکي خبر ناهي ته آئون چوڪيدار آهيان، سڄي رات جاڳي پهرو ڏيان ٿو، هينئر اک لڳي هئي جو تو هي قهر ڪري ڇڏيو.“

جوڳي ڪجهه گهڙيون ته اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت! کيس پنهنجي سنگين غلطي جو احساس ٿي ويو ته هن غلط شخص کي، غلط وقت تي جاڳائي وڌو هو مگر هو پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ نه سکيو هو. سو ڳالھ رکڻ لاءِ وضاحت ڪندي چيائين، ”ماڻهن کي غفلت جي ننڊ مان اٿارڻ منهجو فرض آهي.“

اهو صحيح آهي ته جيڪي ماڻهو فرضن جو ٺيڪو کڻي ٻين کي سڌارڻ نڪري پوندا آهن تنهن سان کين اخلاقي برتري جو احساس ٿيندو آهي. پر ان سڌاري جي جوش ۾ فائدي بدران نقصان ڪري وجهندا آهن.

”مگر تو ته منهنجو هينئون ٿي ڦاڙيو!“ چوڪيدار پنهنجي دل تي هٿ رکندي، رئڻهارڪي لهجي ۾ چيو.

جوڳي سمجهي ويو ته کانئس طريقه ڪار ۾ به زبردست غلطي ٿي هئي، کيس جاڳائڻ لاءِ ڪو وڌيڪ فضيلت ڀريو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي ها! هي علائقو به فضيلت ڀريو ۽ سکيو ستابو هو. ڌڻي تعاليٰ هتان جي واسين کي دنيا جي هر نعمت سان نوازيو هو. ماڻهو مال ملڪيت، ڀريا تريا گهر، معصوم ٻارڙا، ڪونج جهڙيون زالون، ابن ڏاڏن جي عزت ۽ پنهنجي جان جهڙيون قيمتي شيون چوڪيدار جي ڀروسي تي ڇڏي، چور چڪار، لوفر لنب کان بي اونا ٿي مٺي ننڊ سمهي رهندا هئا.

چوڪيدار ته ذميدارين جي جبل هيٺان دٻيل هو. کيس سڄي رات جاڳي پهرو ڏيڻو هو تنهنڪري ڏينهن جي ننڊ هن لاءِ ڪيڏي قيمتي هئي تنهنجو احساس جوڳي کي نه هو. هونئن ته هو وڏو رول ماڻهو هو مگر کيس خبر نه هئي ته مٺي ننڊ جو پنهنجو مزو هوندو آهي. انهي ننڊ مان ڪنهن کي جاڳائڻ تي جيڪا تڪليف ٿيندي آهي ۽ ڪاوڙ ايندي آهي سا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

جوڳي ۽ چوڪيدار جي منهن ماري وڌي ته ان ۾ آهستي آهستي رونشي خاطر ٻيا ماڻهو به شريڪ ٿي ويا.

”جي هي سمهندو نه، ته جاڳي پهرو ڪيئن ڏيندو؟“ جوڳي کي پاڙي جي هڪ معزز ماڻهو چيو، جيڪو پاڻ به ننڊ جون گوريون کائيندو هو ۽ هاڻي ڳالهائڻ ۾ پيش پيش هو.

جوڳي وٽ انهي سوال جو جواب نه هو. مگر انهي ۾ هن جو ڏوھ به ڪونه هو. هو ٻهراڙي جو ماڻهو هو، ڌڪا ٿاٻا کائي پڙهيو هو ۽ اهڙن معاملن جو تجربو نه هئس. هن اهو سڀ نيڪ نيتي سان ڪيو هو جيڪا هاڻي گلي پئجي وئي هئي.

هو ڪو اصلي جوڳي به ڪو نه هو پر واندڪائي ۾ جوڳين وارو روپ اختيار ڪري صوفين تي ريسرچ ڪري رهيو هو. کيس ريسرچ جي طريقي جي خبر نه هئي، تڏهن به پنهنجي حال سارو ڪيل تحقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو هئائين ته صوفين واري زماني ۾ هر ڪو ستو پيو هوندو هو. چرخو رليو پيو هو، ڪتڻ وارو ڪو ڪو نه هو. ان دور جا قصا ٻڌي هن کي لڳندو هو ته سڀني ماڻهن جي ننڊ ڪنهن پڙهي ڇڏي هئي!

کيس ان ڳالھ جي خبر نه هئي ته تڏهن جوڳي الهه لوڪ، نيت جا صاف ۽ سادا ماڻهو هوندا هئا. پنهنجو نفس ماريندي ماريندي کين پرايو سک ڦٽائڻ، خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ ۽ ڪچي ننڊ مان پٽي اٿارڻ جي عادت پئجي ويندي هئي!

جوڳي کي ماٺ ڏسي هڪڙي رٽائرڊ جمعدار داٻي سان چيو، ”تون ڪهڙو جوڳي آهين جو گودڙي ۾ پستول کڻيو پيو هلين؟“

هن بدامني ۽ ماراماري واري دور ۾ هٿيار رکڻ تي اعتراض ته ڪو بيوقوف ماڻهو ئي ڪري سگهيو ٿي. پر جوڳي کيس تحمل سان جواب ڏنو، ”استاد مون کي موڪلائڻ مهل مرلي ۽ جان بچائڻ لاءِ هي هٿيار ڏنو هو، باقي ليسن مون پاڻ ٺهرايو.“

انهي دوران جوڳي کي پنهنجي گهر جو خيال آيو جتي سندس زال روز جا ڪم اڪلائي، منهن کي ڇنڊو هڻي، ڦڻي ڏئي، مڙس جي استقبال جي تياري ڪري رهي هئي. هن بستري مان گهنج ڪڍي ان کي ٺاهي وڇايو هو ۽ دروازي تي ڪڙو وڄڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. مگر جوڳي ماڻهن جي سوالن ۾ اهڙو ڦاٿو هو جو واپس گهر نٿي وڃي سگهيو. هن جي حالت همدردي لائق ٿي وئي هئي. سوال ڪندڙ گهڻا ۽ تازه دم هئا، جواب ڏيندڙ هڪڙو ۽ ٿڪل هو، تنهنڪري صفا ڪڪ ٿي پيو هو.

”اڄ ڪالھ جا جوڳي سست ۽ ٽوٽي ٿي پيا آهن. مرلي رکن ٿا پر نانگ ڪونه اٿن!“ پاڙي جي هڪ نيڪ مرد چيو. عملي لحاظ کان اهو اعتراض ايڏو وزندار هو جو بيٺل ماڻهو سندس ها ۾ ها ملائي ڪنڌ لوڏڻ لڳا.

مگر جوڳي به سڙيو ويٺو هو، سو چيائين، ”انهي ۾ اسان جوڳين جو ڏوه ناهي، ڇو ته نانگ ته سڀ شريف ماڻهن پنهنجي آستينن ۾ لڪائي ڇڏيا آهن!“

اهو جواب ٻڌي ماڻهو هڪ ٻئي جو ٻوٿ نهارڻ لڳا.

چوڪيدار ماڻهن کي جو ائين ککو وکو ٿيندي ڏٺو ته سمجهي ويو ڳالھ مزو ڇڏي وئي آهي. هو کين سندن حال تي ڇڏي اتان کان کسڪي ٿورو پرتي هڪ بند پيل گيراج جي ڇپري هيٺان خاموش جاءِ ڏسي ٽوال اوڍي ليٽي پيو.

هو خوش نصيب ماڻهن بابت سوچڻ لڳو. مسافر بسن ۾ جهوٽا کائيندي پرائي ڪلهي تي مٿو رکي سمهيو رهن، صاحب آفيسن ۾ ڦرڻين ڪرسين تي اٻاسيون ڏيندي ننڊ پئجو وڃن، اسيمبلي جا ميمبير هلندڙ اجلاسن ۾ خواب خرگوش جا مزا وٺن. ايڪسپريس گاڏين جي ڊرائيورن جي به اک لڳيو وڃي. فقير فقرا، موالي حوالي، جن بشر ننڊون ڪن. ننڊ لاءِ ته گهر تڙ جي به ضرورت ڪونهي ماڻهو فٽ پاٿن، ريل گاڏين جي پليٽ فارمن تي مسئلن کان بي خبر ٿي سمهيو رهن. دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻهو ستا پيا آهن، هر ڪو سمهڻ جا مزا وٺي ٿو. انهن کي ڪير ڪو نه اٿاري. آخر چوڪيدار ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ڊيوٽي تي نه هئڻ باوجود به ننڊ لاءِ سڪي ويو آهي؟ کيس پنهنجو پاڻ سان همدردي ٿيڻ لڳي.

چوڪيدار جي زندگي جو دستور ٻين کان نرالو آهي، جڏهن لوڪ سمهي ته هي جاڳي ٿو. کيس انهن انڌن ماڻهن تي رشڪ اچڻ لڳو جن اکيون ته وڃايون پر ننڊ جا مزا دل کولي ورتا! برابر نور دنيا جي ٻين سڀني ماڻهن لاءِ سوجهرو آهي پر چوڪيدارن لاءِ نه.

اهو سوچيندي سوچيندي هلڪي هوا ۾ سندس ڇپر ڳرا ٿيڻ لڳا. اڃا ننڊ آئي گهڙي کن مس گذري هئي جو مٿان اچي چارڻ چوريو چنگ!

چارڻ هڪ قداور ۽ بت ۾ ڀريل شخص هو جنهن کي منهن تي وڏيون مڇون ٺهيون ٿي. مگر اهي مڇون هن پاڻ کي نٿي وڻيون. چانهه پئي ته ڪوپ ۾ پسيو وڃن، سگريٽ دکائي ته لهس اچيو وڃي، ٻار هنج ۾ کڻي ته پهرين هٿ مڇن ۾ وجهي! مڇون رکڻ، سنڀالڻ ۽ تاتڻ ڪو سولو ڪم نه پر فل ٽائم جاب آهي. تڏهن ته انگريز سرڪار فوج ۾ ”مڇ الائونس“ ڏيندي هئي. انگريز ته خير ويو هليو مگر ثقافت کاتي ۾ اڃا به اهڙا ڪلين شيو ڪامورا ويٺا آهن جيڪي مڇ، ٽوپي ۽ اجرڪ جو قدر ڪن ٿا. هو به ثقافت کاتي کان ملندڙ وظيفي جي چڪر ۾ چنگ وڄائي رهيو هو. دنيا ۾ سٺا ساز ٻيا گهڻا ئي پيا آهن پر وڄائڻ ڏکيا آهن. چنگ وڄائڻ سولو آهي مگر مسئلو اهو آهي ته ان کي ڪير ٻڌي ڪو نه. انهي ڪري هو هميشهه ڪو غريب ماڻهو ڳولي ان جي اڳيان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو.

اڄ هي ننڌڻڪو چوڪيدار اڪيلو نظر اچي ويس ته ٽڙي پيو. اهڙو بل ته هن ڳوليو پئي، هڪدم قميض جي پاسي واري کيسي مان چنگ ڪڍي ان جي اڳيان وڄائڻ لڳو.

هن کي جيڪي به وڄتون، لهرا ۽ آلاپ ياد هئا سي هڪ ٻئي پويان ڇيڙيندي ويو. مگر چوڪيدار ڇا سمجهي انهي بي وقت جي راڳڻين مان! هن جي راڳ ساز جي سمجهه ۽ موسيقي جو شوق ڪڏهن به سيٽي وڃائڻ کان اڳتي وڌيو ئي ڪونه هو! سندس ننڊ ڦٽي وئي هئي. ڪياڙي وٽان ڪن جي پاپڙي ڀرسان هلڪو سور آهستگي سان مٿي چڙهڻ لڳو. هو سمجهي ويو ته هي اهو ساڳيو پراڻو اڌ مٿي جو سور آهي جيڪو هڪ دفعو چڙهيو ته پنج ڏينهن کان پهرين ڪو نه لهندو! اهو سور اهڙو ته شديد هوندو هو جو مغز کي ذري گهٽ ٻه اڌ ڪري ڇڏيندو هو.

چارڻ صاف دل ماڻهو هو ۽ پنهنجي ليکي چڱائي ڪري رهيو هو. ساز تي سجاڳ ڪرڻ ڪنهن به ماڻهو کي هڪ وڏو سک ڏيڻ هو. اها عياشي پراڻي زماني ۾ صرف شهزادن لاءِ مخصوص هئي جن کي سندن خوابگاهن مان جاڳائڻ لاءِ مڌر سرن جو سهارو ورتو ويندو هو.

مگر چوڪيدار لاءِ ته اهو کِٽراڳ عذاب هو. اوجاڳي، ڪاوڙ ۽ مٿي جي سور جي ڪري، سندس حالت اهڙي ٿي وئي هئي جو هو چارڻ سان ڪو ڊگهو بحث نٿي ڪري سگهيو. سندس وات مان بس ايترو نڪتو، ”اڙي جند ڇڏ يار، مون کي ننڊ ڪرڻ ڏي!“ ائين چئي هو اٿيو ۽ ڪجهه پريان نم جي ڇانو ڏي وڃڻ لڳو.

چارڻ آرٽسٽ ماڻهو هو کيس پنهنجي فن جي بيقدري تي ڏک ٿيو. چوڪيدار جي اهڙي نموني ڇڙٻ ڏئي اٿي وڃڻ تي ڪاوڙ به گهڻي آئي، سو کيس پويان سڏ ڪري چيائين، ”سمهين ٿو ته ڀلي سمهه، پر اهو ٻڌائي ڇڏيانءِ ته اڃا پويان اهو همراهه به اچي پيو جنهن ڪلهي پاتو ڪينرو آهي!“

اهو ٻڌي چوڪيدار کان امالڪ رڙ نڪري وئي، ڏڪندي ڏڪندي وڃي زمين تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو! ماڻهن ڊوڙي اچي پاڻي جا ڇنڊا هڻي اٿاريس. اکيون ته پٽيائين پر ڪنڌ نه جهلي سگهي ۽ وڦلي، ”هاڻي پاڻ به لت کوڙي سمهي رهنداسين جيڪا ڀينگ ٿيڻي آهي سا ڀلي ٿي وڃي!“

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

ماستر ڀولا رام - ڪلونت سنگھ ورک - ننگرچنا

ماستر ڀولا رام

(پنجابي ڪھاڻي)

ليکڪ : ڪلونت سنگھ ورک

سنڌيڪار : ننگرچنا



ماستر ڀولارام، ايف اي، جي اي بِي، ڪيترن ئي ورهين کان کتري هاءِ اسڪول ۾ سينيئر ٽيچر هو. هُنَ ڪنھن وڏي درياءَ جي پتڻ تي ويٺل مھاڻيٖ وانگر ڇوڪرن جا ڪيئي پُورَ هٿن کان وٺي ٽپايا هئا. ڪيترائي نَوان پُورَ ايندا رهيا ۽ هر نئين پُورَ تي ماستر جو اوترو ئي روبُ ويھي ويندو هو، جيترو اُنَ کان اڳئين پُورَ مٿان هوندو هو. ماستر بدن جو توڻي جو هلڪو ۽ سنهڙو هو، پر آواز ۾ اُوچو ۽ وصفين چڱڙو هو. انهيءَ اُوچي آواز ۽ چڱن مُھانڊَن جي روبَ ۾ اچي ڪڏهن به ڪنھن کي ماستر جي سَرير جِي شڪتي جاچڻ ڏي ڌيان ڏيڻ جي گهرج نه محسوس ٿي هئي.

Wednesday, September 1, 2021

پڙھيل لکيل، سياڻي ۽ سمجھدار مائي

پڙھيل لکيل، سياڻي ۽ سمجھدار مائي

فلئش فڪشن

مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي مائي، نفسيات جي ماھر وٽ وئي ۽ چيائينس؛ ”مون کي پرڻجڻو ئي ناھي. مان پڙھيل لکيل، آزاد، خودمختيار ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ بيٺل عورت آھيان. مون کي مڙس جو کَپُ ئي ڪونھي. ليڪن منھنجا پيءُ ماءُ ھوڏ تي بيٺا آھن. چون ٿا؛ تون پرڻج! مون کي ٻڌاءِ ته ھاڻي مان ڪيئن ڪيان؟“