Friday, September 17, 2021

اُگهاڙو سچ - وريام سنگهه سنڌو - ننگرچنا

اُگهاڙو سچ

(پنجابي ڪهاڻي)

ليکڪ : وريام سنگهه سنڌو

سنڌيڪار : ننگرچنا



رسيس ٿي چڪي هئي. ٻارَ پَٽيُنِ کي ميٽُ هڻي، هاڻ ماني کائي رهيا هئا. ماسترياڻي ڪرسيءَ تي ويھي هندستان جي”آزادي“ جي ڪھاڻي پڙهي رهي هئي. جليان والا جي بُتَ مان ٽِمندڙ رَتَ ۽ ڦاهين جي ڦَندَن کي چُمَندڙ گرم جسمن جي ڳالھه ... هَٿَ ڪَڙين ۽ پيرَ ڪَڙين جي ڇِمڪَڻ جا آواز .... ڪاري پاڻيءَ ۾ ڳَرندڙَ گلابن جھڙيون جوانيون .... قاتل جي ٻانھُنِ جو زور آزمائيندڙ سُورمن جون لَلڪارون ... صدين جِي ٻاٽَ اُونداهي رات ... ۽ پوءِ آزاديءَ جو سِجُ ... رت جي رنگت ... لَھُوءَ جي سُڳَنڌَ.

”سانئڻ!... او سانئڻ!“ پنج ڇھه ڇوڪريون ماسترياڻيءَ جي ڪرسيءَ کي وڪوڙي ويون. هُنَ ڪنڌ کڻي انهن ڏي ڏٺو.



”سانئڻ! دِينُو ريڙهي واري جي ڌيءَ ديپا، شيلا جي ماني کائي وئي ... سانئڻ!....  چوريءَ...“ کنڊ ۽ ڪوئلي جي ڊيپوءَ جي مالڪ گلاب داس جي ڇوڪري شيلا جي ماسيري مُنھَن تي ڌڪار جو زهر پکڙيو پيو هو. هُنَ جون ٿُلهيون ۽ وڏيون ناسُون ڪاوڙ وچان ڦڙڪي رهيون هيون. هُنَ ڪروڌ وچان خالي ٽفن کي ميز تي مٿان ڪري هنيو ۽ زمين تي پيرَ سان دَٻڪا ڪرڻ لڳي.

ڇوڪريون ڀڄنديون ويون. ماسترياڻيءَ ڪتاب ٺپي رکيو. ديپُوءَ جي ان حرڪت تي کيس ڏاڍي مٺيان لڳي. اُنَ مَٺيان جو ڪارڻ ٻه ڏينھن اڳ دينُوءَ جي عجب جھڙي گستاخي به هئي. اُهي سڀ ڇوڪريون اُنَ ڏينھن يونيفارم نه پائي آيون هيون. ماسترياڻيءَ کين گهر موٽائي ڇڏيو هو. دِينُو، ديپُوءَ جي آڱر پڪڙيون اسڪول اچي ٺڪاءَ ڪيو هو.

”توهان هِنَ کي نئون يونيفارم پائي اچڻ لاءِ چيو آهي؟“

هُوءَ ٽِڪَ ٻڌي دِينُوءَ کي ڏسندي رهي هئي،”ها.“ ماسترياڻيءَ کي پنھنجي ورندي ياد آئي.

”هي ڏسو... هِنَ جو سڄو چولو ڦاٽو پيو آهي ... هيءَ ڪا اسڪول جي ڊريس ٿورَئي آهي....!“

دينُوءَ پنھنجي ڌيءُ جو چولو هُنَ جي پيٽ وٽان مٿي کنيو ۽ ڌيءُ جي پُٺيءَ لڳل خالي پيٽَ کي ٻاڪُنِ سان ماپيندي، چريائپ گاڏڙ انداز ۾ چيو هئس؛ ”ڀيڻ ...! هھڙين ڇوڪرين کي ڦاٽل چولن جي ڪري مارڻ کان اڳ اُنهن جا چولا مٿي ڪري اُنهن جي ڍِڍَ جي ماپ به وٺنديون ڪيو ته سندن ڍِڍَ ۾ ڪجهه آهي به يا نه؟“ ۽ پوءِ هُو ان ئي گهڙيءَ هليو ويو هو. شايد ان ڪري به جو جيڪڏهن هُو ڪي گهڙيون وڌيڪ ترسي ها ته سندس اکين ۾ آيل آلاڻ ماسترياڻيءَ کان ڳجهي نه رهي سگهي ها.

۽ هُوءَ دينُوءَ جي وڃڻ کان پوءِ ڪيتري دير تائين بُکن ڪارڻ ڦِڪي ٿي ويل ديپُوءَ کي ڏسندي رهي هئي. ڪيتري دير تائين سوچيندي رهي هئي، ڪجهه ڪاوڙ ته ڪجهه وري همدرديءَ سان گڏ.

ڇوڪريون ديپُوءَ کي چورَ جيان ٻنهين ٻانهن کان پڪڙي وٺي آيون. ديپا پنھنجون ٻانهون ڇڏائي، واڇون اُگهڻ جي ڪئي.

”ڇڏيوسِ .... هيڏي آ ڙِي!“ هُنَ ديپا کي ٻانھن کان پڪڙي پاڻ ڏي سَٽَ ڏني.

”ٻڌاءِ ....سچ  ڳالهائجانءِ .... تو هُنَ جي ماني کاڌي آ؟“  ماسترياڻيءَ جي نِرڙَ تي ڪاوڙ وچان گهنج پئجي ويا.

“ها،سانئڻ!” ڇوڪري ڏڪي رهي هئي.

ٺڪاءَ سان هڪڙي چماٽَ هُنَ جي ٻُوٿَ تي واڄو ڪري وئي ۽ هُوءَ فرش تي ڪري پئي. هُنَ جو چَپُ ٽُڪجي پوڻ جي ڪري رت سيمو ڪري وهڻ لڳس. ماسترياڻيءَ کيس پُٺيءَ تي ٿڏو هنيو، “اُٿي بيھه.!” ديپا ڪنبندي ڪنبندي اُٿي بيٺي. هُنَ جا هٿ پاڻ مرادو بڌجي ويا. هُنَ ٻانھون ٻڌندي سڏڪندي چيو، ”سانئڻ !....  توهان پاڻ چونديون آهيو ته جيڪو سچ ڳالهائيندو .... تنھن کي مارَ نه ملندي ....  مون سچ ڳالهايو آ، سانئڻ! ....  مون کي ٿڦڙون مليون آهن.“

”سچ ڳالهايو اٿئي؟ .... ٻڌاءِ .... شيلا کي ماني نه کائڻي هئي ڇا ؟“ ماسترياڻيءَ ڪاوڙ وچان ڏند ڪُرٽيندي چيس.

“نه ، سانئڻ!  شيلا چيو ته هُوءَ سويري ڏهي ۽ مکڻ سان اُڦراٽا کائي ڍَءُ ڪري آئي آ، کيس بُکَ ناهي. هُوءَ ڏهاڙي چوندي آ ته هُوءَ ايترو ته کائي ايندي آهي جو هُنَ کي رسيس ۾ بک ناهي لڳندي.“ ديپا جي وات مان لفظ ۽ اکين مان ڳوڙها ڪري رهيا هئا.

”هُنَ کي بُکَ نه هئي ۽ هُوءَ کيڏڻ ويھي رهي هئي. مان سچ ٿي چوان، سانئڻ...! مون کي بُکَ لڳي هئي، مون ڪلھه کان ماني ناهي کاڌي. مان سچ ٿي چوان.“

ماسترياڻيءَ جو کڄيل هٿ ڏڪي ويو. هُنَ جي اندر ۾ ڪنھن اُڌمي ڦٿڪو کاڌو. هُوءَ ڪرسيءَ تي ڊهي پئي. ڇوڪرين کي هليو وڃڻ جو چئي، ديپا کي ويجهو سڏي، کيس ڳل لائيندي چيائينسِ، “ڌيءَ...! تنھنجو سچ وڏو به آهي ته ڳورو به. تو وڏو سچ ڳالهايو آهي. ڪاش! ڪو ٻُڌي سگهي.“

 

(لاهور مان شايع ٿيندڙ ماهوار پنجابي رسالي”لَھران“ مان ترجمو ڪئي وئي. ۽ ادبي رسالي”مھراڻ“ ۾ ڇپي.)

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۷ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment