Friday, September 17, 2021

ڪورونا ۾ پيار - حسين ڪپري

ڪورونا ۾ پيار

(ڪهاڻي)

حسين ڪپري



”فون سڄو ڀريو پيو آهي ميسيجن سان پر مان ڪنهن کي جواب ڪا نه ٿي ڏيان، صرف اوهان کي ڏيان پئي.“ هن شوخ لهجي ۾ چيو.

 مون پڇيو؛ ”اها مهرباني مون سان ڇا جي ڪري آهي؟“

چيائين؛ ”توهان اديب آهيو، تڏهن اها رعايت ڪريان ٿي.“

زندگيءَ ۾ پهرين دفعا ڪنهن رعايت ڪئي ۽ پهرين دفعا اديب تسليم ڪيو هو، سو مون کي ته هن تي پيار اچي ويو. وڌيڪ سوچڻ سمجهڻ کان پهرين منهنجي واتان نڪري ويو؛ ”آءِ لو يو“.


ڪجهه پل خاموش ڇانئجي وئي، ڄڻ ته ڪجهه سوچيندي هجي، پوءِ آواز آيو؛ ”ڇا توهان انهن سياڻن کي رد ڪريو ٿا جيڪي چون ٿا، جي ڪا عورت رڳو ڪن ڏيئي ڳالهه ٻڌي ته مرد کي ساڻس عشق ٿيو وڃي!“

مون سندس طنز جي گهرائي کي محسوس ڪيو ۽ چيو؛ ”منهنجو عشق اهڙو سستو ڪونهي.“

پوءِ پنهنجي پيار جي پويان سٺا مقصد تلاش ڪندي وضاحت ڪيم ته جڏهن شهنساهه هينري اٺين کي پنهنجي پسند جي ٻي شادي ڪرڻي هئي جنهن جي اجازت ڪيٿولڪ مذهب ڪا نه ٿي ڏني ته هن ان کي سڌارڻ جو مقصد ڄاڻائي برطانيا ۾ پروٽيسٽنٽ فرقو ٺهرايو. پوءِ نئين فرقي جي پادرين ان شادي جي راهه هموار ڪئي!

”بادشاهن جي مرضي جيڪي وڻي سي بهانا ڪن ۽ نالا ڏين. باقي پيار چئو، محبت چئو، عشق چئو يا شادي، سڀني جو مقصد ساڳيو هوندو آهي ۽ جي ڪامياب ٿي وڃي ته نتيجو به ساڳيو نڪرندو آهي“، هن کلندي جواب ڏنو.

جوان عورتن جي کل ۾ جيڪا جلترنگ هوندي آهي سا منهنجي دل جي سازن کي هونئين ڇيڙي ڇڏيندي آهي پر هن جي لفظن ۾ جا سچائي هئي تنهن ماڳهين موهي وڌو.

”هي فائزا اٿئي، رهندي ته لطيف آباد ۾ آهي پر پنهنجي ڳالهين ۾ دلي شهر جي سڄي مِينا بازار کڻيو پئي هلي. جيتري گهڻي پڙهيل آهي اوتري ڏنگي به آهي“، سندس فون نمبر ڏيندي حاجي صاحب ٻڌايو هو.

هن ڌنڌي ۾ دلال ٻيا به گهڻا ئي آهن پر حاجي صاحب انهن سڀني جو سرتاج آهي. طبيعت ۾ جيترو کرو ۽ سڌو آهي اوترو وري پنهنجي ڪم ۾ جدت پسند به آهي. اڳي هن جي ٽيڪسي سروس هلندي هئي، جڏهن ڪورونا واري وبا پکڙي ته هن به پنهنجو ”بزنس“ آن لائن ڪري ڇڏيو. سندس اصول آهي ته گراڪن کي پهرين هڪ ٻئي جا فون نمبر ڏيندو. پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ انڊراسٽينڊنگ وڌي ته ملاقات ڪرائيندو.

هو ڳالهائڻ ۾ ڏنگي هئي ته ڇا ٿيو پر طبيعت ۾ صفا مست هئي. مرد عام طرح پاڻ کان هوشيار عورت کي برداشت نه ڪندا آهن پر مون وٽ ڪو ٻيو آپشن ڪو نه هو. هن کان اڳي منهنجو عشق جنهن خاتون سان هليو پئي سا اڃا ڄائي ڪا نه هئي! مون پنهنجي تصور ۾ هڪ اهڙي الهڙ البيلي نار ٺاهي هئي جنهن کي اڃا دنيا جي هوا نه لڳي هئي. سندس ذهن خالي سليٽ هو جنهن تي مون پنهنجي مرضي جا نقش نگار چٽڻ ٿي چاهيا. هن تي نقش چٽڻ جي ضرورت انهي ڪري به وڌيڪ هئي جو کيس زندگي جو تجربو نه هو. هو هڪ غنڊي جي ڀيڻ هئي. وڏا دلير قسم جا ڇورا به کيس ڏسي گس مٽائي ويندا هئا، سو هن کي ڪڏهن اهڙي صورتحال سان واسطو پيو ئي ڪو نه هو جنهن مان ٻيون ڇوڪريون عام طرح گذرنديون آهن. ساهيڙين جي ساهڙين جون ڳالهيون ٻڌي هن جي دل ۾ به اها خواهش جاڳي ته ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو هن کي ڏسي ٿڌي آهه ڀري، خوشبو ۾ ٻڏل نيري ڪاغذ تي پيار جو خط لکي، جنهن کي هو لڪائي لڪائي پڙهي ۽ پاڻ ئي شرمائي وڃي. ڪجهه گهڙيون انهن ريشمي سوچن ۾ گم رهي، پوءِ خط بلائوز ۾ لڪائي، پلنگ تان اٿي ۽ ڀت ۾ لڳل وڏي آئيني جي سامهون بيهي سوچي، ”هن موئي مون ۾ ڏٺو ڇا آهي؟“ مايون جڏهن ائين ڳالهائين جنهن ۾ ظاهري طرح ڪاوڙ ۽ اندروني نموني پيار ڀريل هجي ته پوءِ سمجهي وڃو اهو ڀريل بادل برسڻ جي تياري ۾ آهي.

خيالي محبوبه سان پيار ڪرڻ ڪا حيراني جي ڳالهه ناهي، دنيا ۾ ائين ٿئي ٿو. عالمي ادب ۾ اهڙا ڪيترا ئي ڪردار آهن جن جو حقيقي طرح ڪو وجود ئي ڪو نه هو! ليکڪن انهن جي شخصيت کي پنهنجي تصور مان تراشيو. تصور ۾ تراشيل بدن توهان تصويرن ۾ ڏٺا هوندا، مصورن انهن ۾ اهڙا رنگ ڀريا آهن جو ڏسندڙ جي گگ ڪريو پوي!

فون تي ٻه ٽي دفعا ڪچهري کان پوءِ اندازو ٿي ويو ته جيترو منهنجو هينئون سرگردان سنسار ۾ هو، اوترو هن جو روح به رليو پيو هو. آئون ته خير ڌڪا ٿاٻا کائي پڙهيو هئس پر هن ڪراچي يونيورسٽي مان باقاعدي ماسٽرس جي ڊگري ورتي هئي. ڪجهه وقت بينڪ ۾ جاب ڪئي پر اتي صرف پيسو هو. هن کي مزو نه آيو سو ايئر هوسٽيس ٿي وئي. هڪڙو پير هتي ته ٻيو پرديس ۾، جلد ئي جهازن مان به دل کٽي ٿي پيس، سو انهي نوڪري تان استعفيٰ ڏئي خانداني ڌنڌو اختيار ڪيائين. هن جي خاندان ۾ ڪيتريون ئي نالي واريون خواتين ٿي گذريون پر سڀني کان مشهور سندس ناني زهرا بائي آگري واري ٿي جنهن فارسي ادب ۾ ايم اي ڪئي هئي. پوري يو پي ۾ هو واحد طوائف هئي جيڪا حضرت امير خسرو جو ڪلام درست تلفظ ۾ ڳائي سگهندي هئي. ڪڏهن فارغ وقت ۾ ڪنهن استاد شاعر جي ديوان مان چڪون به ڪڍندي هئي! ورهاڱو ٿيو ته هو پنهنجي هزارن جي حويلي، سوين پرستار ۽ درجنين عاشق اداس ڇڏي هيڏانهن لڏي آئي.

جيتوڻيڪ هي مائي بڻيادي هئي ۽ آئون لئي مان لٺ ڀڃي شوقين ٿيو هئس پر تڏهن به اسان جي طبيعت ساڳي ۽ شوق ساڳيا هئا. اسان کي گهڻو پهرين ملڻ کپندو هو. مگر ملاقات ڪرائڻ وارو ته حاجي صاحب هو. الائي ڇو ايتريون ديرون ڪري اڄ ملايائين. ڪجهه به هجي دير ڪرائڻ جي بنياد تي مٿس شڪ نٿو ڪري سگهجي ڇو ته لالچي ڪونهي. ايڏو خيرخواهه ۽ مخلص ماڻهو آهي جو مزو توهان وٺو خوش هو پيو ٿيندو. ذري ذري اک ڀڃي، ڏندڙا ٽيڙي پيو پڇندو، ”سائين پکي ڪيئن آهي؟“

مگر هي پکي ته صفا مور جو ٻچو هو. ڊگها وار، سنهڙي چيلهه، روپالو بدن ۽ چڻنگائي ڳالهيون. پنهنجي تمام تر فرمانبرداري جي باوجود به هن ۾ ٿر جي ڪنهن اهڙي ڀٽ جي سرڪشي هئي جنهن جي چوٽي تي چڙهندي ماڻهو اڌ ۾ ماندو ٿي پوي.

ساهي پٽيندي مون چيو؛ ”سياري جي رات ڊگهي آهي رڳو پيار سان ڪو نه کٽندي. ڪجهه ڪچهري به ڪرڻ گهرجي.“

”هائو، اديب ڳالهائڻ جا شوقين هوندا آهن. پر انهن کي ڪچهري ڪرڻ ڪو نه ٿي اچي، رڳو سوال پڇندا آهن. سوال به وري ڪهڙا، کوٽ کوٽان وارا، تون هن پروفيشن ۾ ڪهڙي مجبوري جي ڪري آئين“، پنهنجي کليل وارن کي ڪيچر لڳائيندي هن چيو.

ڪمرو سندس بدن جي خوشبو سان واسيل هو، فانوس جي روشني ڦڪي پي لڳي ۽ آئون سندس سحر ۾ وڃائبو ويس.

”انهي سوالن جو مطلب هوندو آهي ته اديب کي ڪا ڪهاڻي کپي. اها به ڪا عام ڪهاڻي نه پر چشڪن، مستين ۽ عياشين جي داستان هجي، سڏڪا ان ۾ شامل هجن ته ماڳهين چڱو. اها ڳالهه کين ڪير سمجهائي ته سڀ ماڻهو مجبوري، يا غربت جي ڪري ڪو نه ٿا اچن، اسان جهڙا ڪي ماڻهو پنهنجي شوق سان به هن ڌنڌي ۾ اچن ٿا. شوق جو ملهه ڪونهي. هاڻي حاجي صاحب کي ڏسو الله سائين سڀ ڪجهه ڏنو اٿس، پئسي ڪمائڻ لاءِ هن پروفيشن ۾ ڪونهي آيو. هو ته ٻن دلين کي پاڻ ۾ ملائي سڪون حاصل ڪري ٿو.“

سڪون ته انسان کي نيڪي ڪمائڻ ۾ اچي ٿو، عبادتون ڪرڻ ۾ اچي ٿو، اهو هڪ مقدس قسم جو احساس هوندو آهي جنهن کي هو غلط نموني پيش ڪري رهي هئي.

”دلين کي ملائڻ برابر هڪ اعليٰ مقصد آهي پر ان کي هن نموني جنسي ميلاپ سان ڳنڍڻ سچي رشتن جي توهين آهي“.

منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪجهه گهڙين لاءِ سنجيدهه ٿي وئي، پوءِ اعتماد سان چوڻ لڳي، ”دنيا ۾ ماءُ پيءُ ۽ اولاد کان وڌيڪ ٻيو ڪو به سچو رشتو ناهي. اهو رشتو به جسماني تعلق جو نتيجو هوندو آهي. حقيقت اها آهي ته سچا رشتا ٺهندا ئي جنسي تعلق سان آهن.“

برابر هن کي دليل ڏيڻ آيا ٿي پر آئون به ماٺ ڪرڻ وارو ڪو نه هئس، ”هر عورت پنهنجو گهر وسائڻ ۽ ڪنهن هڪڙي شخص سان زندگي گذارڻ بابت سوچيندي آهي.“

هن چيو؛ ”ماڻهو جي زندگي ۾ صرف هڪڙو ماڻهو ڇو هجي؟ ٻه هجن، ٽي هجن يا ان کان وڌيڪ ڇو نه هجن. در در دوستي لائڻ جو پنهنجو مزو آهي. ڪنهن جي چپن ۾ سنڌڙي انبن جو ذائقو آهي، ڪي چپ نارنگي وانگر کٽمٺڙا لڳندا آهن ۽ ڪنهن چمي ۾ انگوري سواد هوندو آهي. هر ڀاڪر جي پنهنجي گرفت، هر ٻک جي پنهنجي جڪڙ ۽ هر آغوش جي پنهنجي گرمي آهي، جنهن کي ناري جو من ئي محسوس ڪري سگهي ٿو.“

سندس ڳالهين ۾ ساوڻ جي رات جهڙو احساس هو. هن اهو ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي جيڪو برسات وڻن سان ڪندي آهي.

هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي؛ ”اوهان ڇا به چئو پر عورت جي پهچ مرد کان وڌيڪ آهي، سو هو پنهنجي پهچ سارو ڇو نه پير پکيڙي. انهي ڪري پراڻي ادب مان مون کي پرديسين جي پيار وارا قصا وڌيڪ وڻندا آهن ڇو ته هو رات رهي صبح جو هلڻ جي تياري ڪندا هئا. پويان محبوبائون آزاد هونديون هيون، وري ڪنهن ٻي پرديسي سان پيار ڪرڻ لاءِ.“

هن جي چلولائي لڀائيندڙ، پڙهائي سٺي ۽ دماغ اعليٰ هو پر اخلاقيات جو پنهنجو وزن آهي. ڪيترا ئي افعال اهڙا آهن جيڪي مردن لاءِ چڱا پر عورتن لاءِ بڇڙا آهن. هر ڪنهن جون پنهنجون حدون آهن.

”دليل کڻي ڪهڙا به هجن پر هن ڪم کي هر ڪو خراب سمجهي ٿو.“ مون چيو.

”جنهن ڪم ۾ ايترو لطف رکيل هجي اهو خراب ڪيئن ٿي سگهي ٿو. لطف جو تعلق بک سان آهي. بکايل جڏهن ماني کائي ٿو، اڃايل پاڻي پئي ٿو ته ڪيڏو مزو اچي ٿو. بدن جون ٻيون بکون لاهڻ ۾ انهن کان وڌيڪ مزا هوندا آهن. سگهي کان سگهو مرد به ڪنهن خوبصورت عورت جي اڳيان ڪيئن مجبور آهي تنهنجي خبر بند ڪمري جي روشن بلب ۾ پوي ٿي! هو جڏهن انچ انچ ڪري بدن ڏي نهاري ٿو ته هڪ فخر جو احساس ٿئي ٿو. حسن جو پنهنجو سرور آهي، جواني جو پنهنجو نشو آهي، مگر ڪنهن تي ڇانئجي وڃڻ جي ته ڳالهه ئي اور آهي.“ هن ڪنهن فاتح جرنيل واري لهجي ۾ چيو.

هڪ عورت جي واتان اهڙيون جمالياتي ڳالهيون پهرين دفعا ٻڌي رهيو هئس. سندس اهو چوڻ خبر ناهي ڪيتري حد تائين درست هو ته غلط ۽ صحيح جي باري ۾ اهي سوچين جيڪي انهي ڪم جو پگهار کڻن ٿا. انسان مزي ۽ خوشي جي پويان هوندو آهي. زندگي هڪڙي دفعا ملي ٿي ان کان پهرين جو پاڇولا ڊگها ٿي وڃن، جواني کي ماڻي وٺجي. هي جيڪي شاعري ۾ نفس کي مارڻ ۽ دل کي پلي ڇڏڻ جون ڳالهيون آهن تن سان سڪون نٿو ملي. پابنديون ماڻهو کي اندر ۾ بيمار ڪريو ڇڏين. خواهشن کي پورو ڪرڻ سان ئي مسئلو حل ٿئي ٿو. اخلاقي ٺيڪيدارن جي چوڻ تي لڳي جي هو اهو ڪم ڇڏي ڏين ته ساڳيو ڪم شريف ماڻهو ڪندا. ٻنهي صورتن ۾ ڪم ته جاري رهندو.

”هن ڌنڌي ۾ ڪي مشڪلون يا تڪليفون به پيش اچن ٿيون؟“

”ها، هڪڙو ته پوليس تنگ ڪندي آهي ۽ ٻيو اديب. پوليس کي خير پيسا ڏيئي جان ڇڏائڻ سولي آهي مگر اديب ته پاڻ کيسي مان پيسا ڀرين ٿا ۽ انهن کي فل وصول ڪرڻ چاهين ٿا. پر مسئلو اهو آهي ته هنن کان ڪم پڄي ڪو نه، رڳو ڳالهيون. هو توهان وارو رائٽر جنهن کي پوئين سال صدارتي انعام جا لک رپيا مليا ته سڌو مون ڏي آيو. پنهنجي قلم جا گڻ ڳائي، عظمتن جا قسم کائي ۽ سڄي دنيا جون خبرون چارون ڪري ٿڪو ته ڪم ياد آيس. آيو ته وڏي شوق سان پر پڇاڙي تي پهچڻ کان اڳ ۾ اهڙو اچي ساهه ۾ هانڀارو لڳس جو مون سمجهيو هاڻي ٿو دم نڪريس. تڪڙ ۾ اٿي سائيڊ ٽيبل تان جڳ کڻي ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا هنيا مانس پر هو نستو بيڊ تي پيو رهيو.“

ان وقت هو ڪيڏي پريشان ٿي هوندي، آئون تصور ڪري سگهيس ٿي. اڪثر ڪري اخبارن ۾ اهڙيون خبرون اينديون رهنديون آهن ته شوقين ماڻهو طاقت جي دوا کايو يا نشا پيو اتي بستري تي پيالا ڪريو وڃن. پوءِ اهو پوليس ڪيس ٿيو وڃي.

”ڳچ دير کان پوءِ جڏهن سامت ۾ آيو ته پڇڻ لڳو منهنجي ڪارڪردگي ڪيئن رهي. مون چيو، ٿيوري ۾ اسي مارڪون ۽ پريڪٽيڪل ۾ فيل! هو ڪجهه دير ماٺ ڪري ويو. کيس سمجهڻ ۾ دير لڳي. پوءِ ڦڪو ٿي چوڻ لڳو ته ماڻهو ڳالهين جو بکيو آهي، باقي هن پروفيشن جي حوس جو ته ڪو ڇيهه ڪونهي! مون سوچيو اڃا به بنڊل بازي کان سواءِ نٿو رهي! هروڀرو منهنجي زبان ٿو کولرائي. سو ادب سان چشمو ڏيندي چيو مانس، هي واحد ڌنڌو آهي جتي ماڻهو ڪجهه به نه ڪري، کٽ تي ڪمائي ٿو ۽ انجواءِ ڪري ٿو.“

هن جي ڳالهه سچي هئي. پنهنجي ڪم کي جيترو هڪ طوائف انجواءِ ڪري ٿي اوترو ٻيو ڪير به نٿو ڪري سگهي.

”اديبن سان مسئلو اهو آهي ته ڪلاس روم جون ڳالهيون بيڊ روم ۾ ڪندا آهن ۽ سڄي رات بور ڪري ماريندا آهن. انهي رات کان پوءِ مون پاڻ سان واعدو ڪري ڇڏيو ته ڄٽ ڏي هلي ويندس پر ڪنهن اديب ڏي نه ويندس.“

”پوءِ مون ڏي ڪيئن آئين؟“، ڪياڙي کنهندي مون پڇيو.

”حاجي صاحب چيو وبا جو هي زمانو خطرناڪ آهي، ماڻهو ڊپ ۾ گهر ويهي رهيا آهن. مگر اديب اهڙا آهن جن جو سک ڦٽل آهي، سر تري تي کڻي ٿا نڪرن تنهنڪري انهن سان رعايت ڪريو. حاجي صاحب اسان جو ٻچن وانگر خيال رکي ٿو، جڏهن تنهنجي لاءِ خاص پارت ڪيائين ته کيس ”نا“ ڪري نه سگهيس. هونئن به ڪورونا جي ڪري ڌنڌي جو حال ڪونهي، سڀ وانديون ويٺيون آهن. مجبورن اديبن سان پيار ڪرڻو پوي ٿو.“

ڳالهين ۾ خبر ئي ڪو نه پئي ته ڪيڏي مهل رات لڙي وئي، صبح جو ڀنڀرڪو ٿيڻ وارو هو.

موڪلائي ماڙي تان هيٺ لهڻ لڳس ته هن چيو؛ ”جڏهن به دل چوي هليا اچو، ماسڪ لڳائي!“

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۷ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment