Wednesday, September 1, 2021

پڙھيل لکيل، سياڻي ۽ سمجھدار مائي

پڙھيل لکيل، سياڻي ۽ سمجھدار مائي

فلئش فڪشن

مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي مائي، نفسيات جي ماھر وٽ وئي ۽ چيائينس؛ ”مون کي پرڻجڻو ئي ناھي. مان پڙھيل لکيل، آزاد، خودمختيار ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ بيٺل عورت آھيان. مون کي مڙس جو کَپُ ئي ڪونھي. ليڪن منھنجا پيءُ ماءُ ھوڏ تي بيٺا آھن. چون ٿا؛ تون پرڻج! مون کي ٻڌاءِ ته ھاڻي مان ڪيئن ڪيان؟“


ڊاڪٽر چيس؛ ”بلڪل صحيح آھي ته تو زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻيون آھن. پر ھڪڙي ڳالھ ٻڌ. جيڪڏھن ڪنھن سان خوامخواھ جھيڙو ڪرڻ تي دل ڪڍئي يا ڪنھن کي اجايو سجايو بڇڙو ڪرڻو ھجئي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪنھن جا عيب صواب اگھاڙڻا ھجني يا ڪڏھن ڀل چڪ ۾ ڪا خطا رضا ٿي وڃئي يا ڪٿي اٻھر مان ڪو غلط فيصلو ڪري وجھين ته ان جو ڏوھ ٻئي تي مڙھيندينءَ؟“

عورت چيس؛ ”ھر گز نه!“

اتي ڊاڪٽر چيس؛ ”بس انھيءَ لاءِ تو کي مڙس جو کَپُ آھي ته جيئن ٿيل خطائون رضائون مٿس مڙھيندي وڃين ۽ ھو ڪنڌ جھڪايو ويٺو ھون ھان ڪري.“

مائيءَ يڪدم ھائوڪار ڪئي ۽ مائٽن جي رضامندي سان پرڻجي وئي.

آخرڪار پڙھيل لکيل، سياڻي ۽ سمجھدار مائي ھئي.

 

(ماخوذ)

No comments:

Post a Comment